مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايوني

Author Name

نامور عالم، شاعر ۽ حڪيم، مولانا عبدالغفور ‘مفتون’ همايوني ولد مولانا محمد پيچوهو، 13 ربيع الاول 1261هہ مطابق 22 مارچ 1844ع تي شڪارپور جي مشھور ۽ قديم ڳوٺ همايون ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان اصل بلوچستان جي جهٽ پٽ جي هڪ ڳوٺ ‘ڇٽ’ جي رهاڪو هو. جتان همايون جي هڪ زميندار غازي خان سومري جي اسرار تي سندس والد لڏي اچي ‘همايون’ ڳوٺ ۾ آباد ٿيو. مولانا عبدالغفور ابتدائي تعليم پنھنجي والد وٽان حاصل ڪئي. ٻارنھن سالن جي عمر ۾ سندس والد وفات ڪري ويو. جنھن بعد مولانا سلطان محمود سيتپوريءَ وٽان باقي ڪتاب پڙهي دستار فضيلت ٻڌائين. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد والد جي مدرسي ۾ درس تدريس شروع ڪيائين. مولانا صاحب کي هر فن ۾ مھارت هئي. خاص ڪري علم فقہ ۾ سندس نظير سنڌ، هند، بلوچستان، پنجاب ۽ خراسان ۾  بہ نہ هو. هن فارسيءَ ۾ هزارين فتوائون لکيون. جيڪي ‘فتاويٰ همايون’ جي نالي سان ٻن جلدن ۾ ڇپيل آهن. ڪيترائي ماڻھو وٽس دعا طلبيءَ لاءِ ايندا هئا، جن ۾ هر طبقي، مذهب ۽ قوم جا ماڻھو شامل هوندا هئا. هر وقت سندس در تي حاجتمندن جو ميڙ لڳل هوندو هو. کيس طب جي علم ۾ بہ مھارت حاصل هئي. مولانا عبدالغفور کي شاعريءَ سان بہ وڏو شغف هو. ميان محمود پاٽائيءَ کان شاعريءَ ۾ اصلاح ورتائين. سنڌي، عربي، فارسي، سرائڪي، هندي ۽ اردو ٻولين ۾ شاعري ڪيائين. هيءُ شاعريءَ ۾ ‘مفتون’ تخلص استعمال ڪندو هو. نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو تہ، “مفتون همايوني، پارسي، سرائڪي، اردو ۽ سنڌيءَ جو بلند پايہ شاعر هو. سندس غزلن ۽ ڪافين جو مجموعو ‘ديوان مفتون ’ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. هيءُ رسول ﷲ جو سچو عاشق هو. سندس سمورو ڪلام عشقِ رسول جي رنگ ۾ رنگيل آهي. تفسير، تاريخ، تصوف، فقھ، طب، حديث ۽ رياضيءَ جو ماهر هو. خاص ڪري فقہ جي سلسلي ۾ پوري برصغير ۾ سندس ثاني ملڻ مشڪل آهي.” مولانا صاحب جي همعصرن ۾ شاهہ مردان شاهہ اول پير پاڳارو، مخدوم الھہ بخش کھڙائي، خواجہ عبدالرحمان سرهندي، مولانا تاج محمود امروٽي، پير حسن لنواريءَ وارو، پير صالح شاهہ راڻيپوري قابل ذڪر آهن. سندس شاگردن ۾ مولوي نبي بخش ڪولاچي، مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسينوي، سيد زين العابدين افغانستاني، قاضي ميان رسول بخش، محمد حيات قريشي شڪارپوري، مولانا عبدالرحمان ڌامراهو، مولانا دين محمد بٺوي، حڪيم مولوي محمد صادق راڻيپوري قابل ذڪر آهن. مولانا صاحب جي ڇپيل ڪتابن ۾: فتاويٰ همايوني (فارسي ٻن جلدن ۾)، فتاويٰ همايوني (ٻہ جلد سنڌي)، ديوان مفتون (عربي، فارسي ۽ هنديءَ ۾)، فرهنگ همايوني (مرتب: نياز همايوني) قابل ذڪر آهن. سندس هڪ مشھور غزل:

تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نہ رڳو،
تنھنجي شاهي دستر خوان مٿي، مھمان هزارين مان نہ رڳو.

جي تتبع تي متاثر تي مھان ڪوي شيخ اياز بہ طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري عابدہ پروين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي.
هن 11 رمضان 1336هہ مطابق 21 جون 1918ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهہ ڳوٺ جي جامع مسجد ڀرسان سندس والد جي ڀر ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايوني جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايوني جا ڪتاب

ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)، مصنف : مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايوني

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)
مصنف : مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايوني
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ