”بيوس“ بخش علي چانڊيو

Author Name

اصل نالو: بخش علي چانڊيو
ادبي نالو: “بيوس” بخش علي چانڊيو
ولديت: نياز علي چانڊيو
جنم: ڇهين اپريل 1972
جنم جو هنڌ: نزد ڦل شھر، جنھن ڳوٺ ۾ جنم ٿيو، اهو چانڊيہ ڳوٺ، سم جي پاڻيءِ ۾ ٻڏي ويو، هاڻي رهائش ڦل شھر، ضلع نوشھرو فيروز
تعليم:ايم - فل سنڌي لوڪ ادب
ذريعہ معاش: ائسوسيئيٽ پروفيسر/ پرنسپال گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج پڊعيدن، ڪاليج ايجوڪيشن گورنمينٽ آف سنڌ
ادبي ابتدا: 86 -1985 کان
ادبي سڃاڻپ: شاعري ادبي استاد: مشاهدو ۽ مطالعو

ڇپيل ڪتاب: چار ڪتاب
1. ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس (واقعاتي شاعري )
2. ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو (تحقيق)
3. دانھون ٻوڙيل ديس جون ( 2022 جي شديد برساتن جي تباهي ۽ المين تي مشتمل واقعاتي شاعري)
4. وينا شرنگيءِ جو سنڌ جي سفر تي لکيل ڪتاب ڪڇان تہ ڪافر، نظرثاني ڪري چپايل.

اڻ ڇپيل ڪتاب: ٻن ڪتابن جيتروغزلن، نظمن، بيتن ۽ چئوسٽن تي مشتمل مواد ۽ هڪ ڪتاب جيترو حمديہ ۽ نعتيہ ڪلام.

حاصل ڪيل ايوارڊ:
1. 1996 صدف اخبار نوشھرو فيروز طرفان بھترين ڪالم نويس جو ايوارڊ.
2. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز طرفان بھترين سماجي خدمتن عيوض سلور ميڊل 1996.
3. نوشھرو فيروز هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايورڊ 2007.
4. مورو هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي طرفان اعزازي شيلڊ ايوارڊ 2010
5. سگا برانچ مورو طرفان علمي ادبي خدمتن عيوض، شيلڊ ايوارڊ
6. سگا گهوٽڪي برانچ طرفان مڃتا ايوارڊ 2020.
7. ماهنور فائونڊيشن سيوهڻ طرفان ڪورونا وبا دوران تخليق ڪيل ڪتاب “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ.
8. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ڪتاب” ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر، تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2022.
9. سنڌ گريجويٽس ائسوسيئيشن “سگا” مرڪز طرفان رني ڪوٽ متعلق تاريخي سيمنار ۾ مقالو لکڻ تي شيلڊ ايوارڊ 2023
10. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سگا مرڪز طرفان علمي، ادبي خدمتن عيوض حيدري ٽرافي “شيلڊ” 2023
11. انٽرنيشنل رائيٽرز فورم طرفان ٻيون ڀيرو، شاعريءَ جي ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” تي شاھہ لطيف ايوارڊ 2023.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ”بيوس“ بخش علي چانڊيو جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


”بيوس“ بخش علي چانڊيو جا ڪتاب

دانھون ٻوڙيل ديس جون، مصنف : ”بيوس“ بخش علي چانڊيو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دانھون ٻوڙيل ديس جون
مصنف : ”بيوس“ بخش علي چانڊيو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ