علي بابا

Author Name

علي بابا جو اصلي نالو علي محمد ھو، سندس والد جو نالو محمد يوسف بلوچ. 1940ع، ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو ھُو ھڪ ناليوارو ناول نگار ۽ ڊراما نويس ھو.

علي بابا هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ناٽڪ تخليق ڪيا. ڪھاڻيڪاري سان گڏ هو هڪ ناول نويس پڻ ھو. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهہ درياھ“ 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنھن ۾ ھن سنڌو درياھ جي مھاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موھن جو دڙو“ ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ ھليل آهي. جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آھي. ھن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکي ٿو، ڪنھن نہ ڪنھن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنھنجن ھمعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو شخص ھو. ھن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آھن. پڙهندي ڪڏھن ھمدردي تہ ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي.

علي بابا، 8 اگسٽ 2016 سومر ڏهاڙي وفات ڪري ويو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي علي بابا جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


علي بابا جا ڪتاب

موهن جو دڙو، ليکڪ : علي بابا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
موهن جو دڙو
ليکڪ : علي بابا
سنڌباد جو سفر، ليکڪ : علي بابا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌباد جو سفر
ليکڪ : علي بابا
منهنجون ڪهاڻيون، ليکڪ : علي بابا

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منهنجون ڪهاڻيون
ليکڪ : علي بابا
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ