محب ڀيل

Author Name

جهڏو شهر سان تعلق رکندڙ محب ڀيل گهڻ پڙهيو، ترقي پسند، جاکوڙي ۽  جُرت مند قلم ڌڻي آهي. هيستائين سندس ڇهه ڪتاب ڇوجي چڪا آهن. 1 تتل سج هيٺان 2 هن رتائين راهه ۾ 3 جنين لوهه لڱن ۾ 4 دراوڙ جاڳ ۾ آهن 5 چڱي نه خودڪشي هئي 6 خانه بدوش خيال، سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس هزارن جي تعداد ۾ مضمون ڇپيل  آهن. هن قلم ڌڻي جي حياتي تتل سج هيٺان گذري آهي، محب ڀيل هماليه جيڏي حوصلي، همت ۽ ادبي ايمانداري سان لکندڙ پورهيت ليکڪ آهي،حالاتن جي آوي ۾ ٻاريل ۽ ساڙيل هن ڏات ڌڻي جون تحريرون ڏاڍ، جبر ۽ ظلمتن جي ڪاري تاريخ جو انتقام آهن. محب ڀيل سموري حياتي ظالم سرمائيدارن، جاگيردارن، تنگ نظر ڪٽر مذهبي رجعت پرست انتهاپسندن جي خلاف سجاگي جا سڏ ڏيئي شعور جو روشن سج اڀارڻ لاءِ ڪوشان رهيو آهي.

   هن سياسي ورڪر ۽ مارڪسي ليکڪ جون لکڻيون جڏهن به پڙهبيون ته انهن ۾ سنڌ سميت سڄي دنيا جي ڦريل، لٽيل، پيڙهيل مسڪين، مظلوم  ۽ پورهيت انسانن جي درد جو ڪرڀ ويجهي کان محسوس ڪبو آهي. سنڌ ڌرتي جي هن دراوڙ قلم ڌڻي جون تحريرون، تقريرون ۽ ثابت قدمي سان ڪيل جدوجهد هن ظالم سماج هٿان ٻاريل، ساڙيل ۽ ڌڪاريل خانه بدوش، جپسين، لاڏائون انسانن، هارين، مزدورن جي ڪکائن ڀونگن جو ڀرم آهن. محب ڀيل  جي حياتي جو هر پل سماج جي انهن ماڻهن جي بک، بدحالي، بي وسي، لاچاري جي عذاب جهڙي حياتي کان بغاوت ڪري هڪ نئين انساني آزادي واري پورهيت دوست نظام  اڏڻ لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي گذري ٿو. 

حوالو : فقير سليمان لغاري (جهڏو(

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي محب ڀيل جا ڪُل 5 ڪِتاب موجود آھن


محب ڀيل جا ڪتاب

تتل سج هيٺان، ليکڪ : محب ڀيل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تتل سج هيٺان
ليکڪ : محب ڀيل
هن رتائين راهه ۾(سنڌ جي هاري تحريڪ)، ليکڪ : محب ڀيل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
هن رتائين راهه ۾(سنڌ جي هاري تحريڪ)
ليکڪ : محب ڀيل
جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)، ليکڪ : محب ڀيل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)
ليکڪ : محب ڀيل
دراوڙ  جاڳ ۾ آهن، ليکڪ : محب ڀيل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دراوڙ جاڳ ۾ آهن
ليکڪ : محب ڀيل
چڱي نه خودڪشي هُئي، ليکڪ : محب ڀيل

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
چڱي نه خودڪشي هُئي
ليکڪ : محب ڀيل
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ