ڊاڪٽر شير مھراڻي

Author Name

ناميارو شاعر، ليکڪ، محقق، نقاد، اسڪالر ، لطيف جو پارکو ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احدي خان راڄپر، مڊل ڳوٺ ٻٻر وڏن جي سرڪاري مڊل اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، انٽر گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول ڪنب، بي.ايس.سي (باٽني) ۽ ايم.اي سنڌي ادب ۽ انگريزي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڪيائين. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات’ جي عنوان تي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي رهنمائي ۾ 2013ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. 

هي ڪجهه عرصو پاڪستان ايئر فورس ۾ ملازم رهيو، بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ 2012ع ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلستان جوهر ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. شير مهراڻي 16 سال ماهوار ‘سوجهرو’ جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي خبرن واري شعبي ۾ ‘نيوز ٽرانسليٽر’ ۽ نيوز ڪاسٽر جي حيثيت سان سلهاڙيل رهيو. هن وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب جو بنيادي ميمبر هجڻ سان گڏ ڪنب شاخ ۽ ڪراچي شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن سان سلهاڙيل آهي. هو بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر آهي ۽ اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جو پڻ ميمبر آهي. هن ڪيترن ئي نيشنل توڙي انٽرنيشنل ڪانفرنسن ۾ پيپر پڻ پڙهيا آهن. هو ڪيترن ئي شاگردن جو ريسرچ گائيڊ پڻ آهي. 

ڊاڪٽر شير مھراڻي لکڻ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي. سندس پهريون شعر 1999ع ۾ شايع ٿيو. هن شاعريءَ جي سکيا شاعر دوست محمد راڄپر کان حاصل ڪئي. سندس 9 ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“، ”شاهه لطيف جي شاعري جو جديد اڀياس“، ”جماليات : هڪ تنقيدي جائزو“، ”پوئٽڪس (ارسطو) اردو ۽ انگريزي مان سنڌي ترجمو“، ”درد جو جمال (ڪهاڻيون: ڊاڪٽر شهناز شورو) اردو مان سنڌي ترجمو“، ”لطيفيات جو اڀياس (ايڇ اي سي پاران آنلائن شايع ڪيل)“، ”سنز آف سوائيل (منصور ٿلهي جي ناول مٽي مهاڻا جو سنڌي مان انگريزي ترجمو)“، ”راڄپر جي رمز (ترتيب )“، ”بڪيئسٽ آف ڀٽائي ( انگريزي ۾ شاھ لطيف تي لکيل ڪتاب)“ شامل آهن.  ڊاڪٽر شير مهراڻي جو ترجمو ڪيل هڪ ناول ‘تاپسي’ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ماهوار ‘سوجهرو’ ۾ قسطوار شايع ٿيو. تنقيد، ترجمي ۽ تحقيق تي لکيل سندس پنج ڪتاب اڃا اڻڇپيل آهن. هن ٽيهن کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف تحقيقي جرنلس ۾ ڇپيل آهن.

کيس اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جو شاه لطيف تصوف ايوارڊ 2013ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ادبي ايوارڊ 2014، شاهه لطيف ايوارڊ 2018ع ۽ گلوبل سي ايس آر انٽرنيشنل ايوارڊ 2020 ع سميت ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر شير مھراڻي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


ڊاڪٽر شير مھراڻي جا ڪتاب

شاهه لطيف جي شاعريءَ  جو جديد اڀياس، ليکڪ : ڊاڪٽر شير مھراڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس
ليکڪ : ڊاڪٽر شير مھراڻي
پوئٽڪس (شاعريءَ جو فن)، سنڌيڪار : ڊاڪٽر شير مھراڻي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پوئٽڪس (شاعريءَ جو فن)
سنڌيڪار : ڊاڪٽر شير مھراڻي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ