حزب اللہ آءِ سومرو

Author Name

حزب اللہ عرف ”حزب اللہ آءِ. سومرو“ 15 مئي 1966ع تي ڦل واهڻ، تعلقي ۽ ضلعي خيرپورميرس ۾ الاھي بخش سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو.  پاڻ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ 1984ع ۾ پريالوءِ هاءِ اسڪول مان، انٽر 1986 ۾ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان، ايم اي (اسلامڪ ڪلچر ۾) پاڪستان ڊگري ڪاليج خيرپور مان ۽ 1994ع ۾ بي. ايڊ ڪيائين.  پيشي جي لحاظ کان 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽  لاڳيتو 2015 تائين پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو.  سال 2015ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، 2017ع کان گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور ۾ تدريس جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. 

حـزب الله آءِ. سـومـرو لکڻ جي شروعات 1978ع کان ٻاراڻن رسالن ’گل ڦل‘ ۽ ’گلڙا‘ ۾ ڪھاڻيون ۽ مضمون لکڻ کان ڪئي .
پاڻ لکڻ کان علاوه علمي، ادبي ۽ پبلشنگ جي ڪمن ۾ به وڏو سرگرم رھندو پيو اچي، حزب الله سومرو ”روشني“، ”ارم “، ”ڏات“، ”سومرا“، ”استاد“، ”نقاد“، ”سرجڻهار“ ۽ ”آواز “ رسالن جو مرتب ۽ انهن جي سهڪاري سٿ جو ميمبر رهيو آهي. 
ان کان علاوه ”ڪُــوڪ پـبليـڪيـشـن“ ۽ ”عــلــم دوسـت ادبـي سنگت“ (1992ع ۾ بنياد رکيائين) جو باني چيئرمئن، آل سنڌ مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن ضلعي خيرپور جو پريس سيڪريٽري، تنوير عباسي يادگار ڪميٽيءَ جو خزانچي، سچل يادگار ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سومرا ادبي سنگت جو باني رهيو آهي. 
حزب الله آءِ سومرو کي ضلعي حڪومت خيرپور، سنڌي ادبي سنگت ڪولاب جيئل ۽ ايف. ايم. 92- خيرپور طرفان بهترين استاد، نقاد ۽ محقق جا اوارڊ ملي چڪا آهن. 
ٻولي، ادب، تعليم، تاريخ، مذهب، تصوف ۽ فلسفي تي سوين تحقيقي ۽ تنفيدي مضمون لکي چڪو آهي، سندس تنقيدون ۽ ڪالم اڪثر اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهندا آهن. 
حـزب الله آءِ. سـومـرو جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن. 

1.اقــوال خـلـفـاءِ راشـديـن
2. شـناختي ڪارڊ ۾ مذهب جو خانو
3. ڏند نه ڇيڪ (لطيفا: ٻه ڇاپا)
4. ڏنـد نه ڇـيــڪ (مزاحيه شاعري: ٻه ڇاپا)
5. شـاهـه عـثمـان قـريـشــي
6. اسلام تي اعتراضن جي ڇنڊڇاڻ
7.تنقيدي جائزا (تنقيد) 
8. سچل جو فڪر
9.اک الٽي ڌار (تنقيد) 
10.ماٺ رھان تہ مشرڪ (سچل شناسي تي تنقيد) 
11.سچل سرمست جي گھڙولي. وغيره

نوٽ:  اسڪولي ريڪارڊ مطابق ڄمڻ جي تاريخ 11 مئي 1969ع اٿس

ساجد رند جي ٿورن سان

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي حزب اللہ آءِ سومرو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن


حزب اللہ آءِ سومرو جا ڪتاب

اک اُلٽي ڌار، ليکڪ : حزب اللہ آءِ سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اک اُلٽي ڌار
ليکڪ : حزب اللہ آءِ سومرو
سچل جو فڪر، ليکڪ : حزب اللہ آءِ سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سچل جو فڪر
ليکڪ : حزب اللہ آءِ سومرو
سچل سرمست جي گهڙولي، ليکڪ : حزب اللہ آءِ سومرو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سچل سرمست جي گهڙولي
ليکڪ : حزب اللہ آءِ سومرو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ