امير بخش شر

Author Name

ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن اميربخش شر تعلقي سنڌڙي، ضلعي سانگهڙ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ مير تاج محمد جي ڇن ۾ پھرين مئي 1960ع تي غريب هاري غلام اڪبر شر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1983 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين، انهيءَ دوران مختلف نوڪريون بہ ڪندو رهيو، جن ۾ پرائمري ماستر، پي. ٽي. ويءَ جو پروڊيوسر، ٽہ روزہ اخبار الفقراءُ سانگهڙ جو نيوز ايڊيٽر، ۽ پوءِ حبيب بينڪ جو مينيجر ۽ زونل هيڊ بہ رهيو، جتان 2001 ۾ گولڊن هينڊشيڪ ورتائين. شاگرديءَ واري دور ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اڳتي هلي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان بہ ڪجهہ وقت واڳيل رهيو. ارباب غلام رحيم جي دور ۾، وزيراعلى سنڌ جي تعليم، خوراڪ ۽ زراعت جي اهم مانيٽيرنگ ڪميٽين جو ميمبر رهيو ۽ ٽي ورهيہ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر رهيو. هن 1978ع کان سنڌي ادب ۾ پير پاتو، سندس پھرين لکڻي هلال پاڪستان اخبار جي ادبي صفحي ۾ ڇپي، جنھن بعد مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس لکڻيون امير شر، نامعلوم شر ۽ مختلف نالن سان ڇپجنديون رهيون. هن 2000ع کان ٻيھر اصلي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. ايف ايم 98 تان ڳوٺاڻي ڪچھري پروگرام ’ڀنڊار ڪچھري‘ جو سلسلو ٽي چار سال هلايائين. سندس آتم ڪٿائي يادن جي ڪتاب ’رائي پير رتا ڪيا‘ (2015ع) ۽ سنڌ جي ڪلهوڙن جي حڪمراني جي پسمنظر ۾ ’جوڌپور جي جلاوطني‘ نالي ڪتاب پڻ ڇپيل آهي. سندس آتم ڪٿا جو ٻيو ڀاڱو ”ڇپون پير ڇنن“ جي عنوان سان 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. امير بخش شر 5 اپريل 2017ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي امير بخش شر جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


امير بخش شر جا ڪتاب

رائي پير رَتُ ڪيا، ليکڪ : امير بخش شر

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رائي پير رَتُ ڪيا
ليکڪ : امير بخش شر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ