سيد يار محمد شاهه

Author Name

سيد يار محمد شاهه ولد سيد مهدي شاهه جيئنده پوٽا گهراڻي ۾، 1946ع ۾ مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليمي حوالي سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي پوليٽيڪل سائنس جي ڊگري ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ ڪلارڪ طور نوڪري ڪيائين، تنهن کانپوءِ وڪالت شروع ڪيائين. هن نوجوانيءَ کان ئي اسٽيج پروگرامن ذريعي اداڪاريءَ جي ميدان ۾ پير رکيو ۽ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو بنياد وڌائين، جنهن جي پليٽفارم تان ڪافي اسٽيج پروگرام ٿيا، جن ۾: ٺڳيءَ جو ٺاهه، اچ ته خبر پوي، واهه سائين واهه، ڏکايل دليون، شادي تعدي، آذان ۽ آهه- جهڙا ڊراما ڪافي مقبول ويا.

ادبي حوالي سان به سيد يار محمد شاهه ڪافي مشهور آهي. هن لکڻ جي شروعات ’آفتاب‘ اخبار ۾ ’واهه سائين واهه‘ جي سري هيٺ ڪالم لکڻ سان ڪئي. ان کانسواءِ ’برسات‘ اخبار ۾ ’چيڪ پوسٽ‘ نالي سان سلسليوار ڪالم لکيا، جيڪي ڪافي مقبول ٿيا. سندس هڪ ڊرامو ’قاتل ڪير‘ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ ٻين رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون ڇپيون آهن. سهڻي رسالي جو مستقل ليکڪ رهيو آهي. ڪاوش اخبار ۾ ’گلڻ جا گفتا‘ نالي ڪالم لکيائين. اخبارن ۾ هاڻي به سندس ڪالم ڇپجندا رهن ٿا.

حوالو : انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سيد يار محمد شاهه جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سيد يار محمد شاهه جا ڪتاب

منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني، ليکڪ : سيد يار محمد شاهه

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني
ليکڪ : سيد يار محمد شاهه
جَڙيو جيون جِن، مصنف : سيد يار محمد شاهه

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جَڙيو جيون جِن
مصنف : سيد يار محمد شاهه
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ