شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو نالو عمر هو ۽ هن 25 مارچ 1896ع تي محمد خان دائودپوٽي جي گهر ۾ ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ (ضلعي دادو، موجوده ڄام شوري) ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي نهايت سلجهيل ۽ سياڻو هو. ابتدائي تعليم سنڌي پرائمري اسڪول ٽلٽيءَ مان 1903ع کان 1910ع تائين حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ انگريزي تعليم اي. وي اسڪول ٽلٽيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ 1915ع کان 1917ع تائين پڙهيو. مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان شاندار پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کڻڻ تي ايگزيبيشن انعام کٽيائين. 1917ع ڌاري هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بي. اي (فارسي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، کيس ڪاليج جي ڊسڪائونٽ فيلوشپ 60 روپيا ماهوار حاصل ٿي. 1921ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان ڏنائين ۽ فرسٽ ڊويزن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين، جنهن تي کيس 1923ع ۾ چانسلر ميڊل حاصل ٿيو. 1924ع ڌاري ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي ايمبونيل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، ٽي سال اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. هن ’عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر‘ عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ جڏهن وطن واپس آيو ته کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي 1927ع کان 1930ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. 1928ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ لاءِ نامزد ٿيو. 1930ع کان 1939ع تائين ڊاڪٽر صاحب کي اسماعيل ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 1939ع کان 1950ع تائين ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي فائز ٿيو. 1940ع ۾ کيس اعليٰ علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور شمس العلماءِ (عالمن جو سج) جو خطاب ڏنو ويو.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو 1950ع کان 1955ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهيو. ڊاڪٽر صاحب 1956ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. 1957ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر دائودپوٽو فواد يونيورسٽيءَ جو مراسل، پاڪستان ايران ثقافتي انجمن جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جو باني ميمبر پڻ رهيو.
هن عربي توڙي سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهم ڪتاب تحقيق جي جديد بنيادن تي ايڊٽ ڪيا ۽ لکيا، جن ۾: (1) ’شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، (2) ’عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو ڪلام‘، (3) ’سنڌي نظم ۽ نثر‘، (4) ’بيان العارفين‘، (5) ’هندستان ۾ عام تعليم‘، (6) ’ابيات سنڌي‘ (عربي شرح سميت) وغيره شامل آهن.
ڊاڪٽر دائودپوٽي ’شاهه جي رسالي‘ تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي، خاص ڪري رسالي ۾ موجود عربي لفظن، اصطلاحن، قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ وڏي مدد ڪئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، دائودپوٽي صاحب جو استاد هو، ۽ هن شاهه جي رسالي ۾ مدد ڪرڻ تي سندس شڪر گذاري پڻ ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلام، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۽ ملفوظات ’بيان العارفين‘ تي جديد قسم جي تحقيق ڪئي. ’ابيات سنڌي‘ (ڪلام مخدوم محمد زمان لنواري) جي عربيءَ ۾ شرح به لکي. ان کان سواءِ شاهه جو رسالو به ترتيب ڏنو، جنهن جي 13 سرن تائين ڪم ڪري سگهيو، جنهن کي اڳتي هلي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ مڪمل ڪيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ به لکي، جنهن کي سندس وفات کان پوءِ سندس بيگم خديجه خانم دائودپوٽي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن جا ڪتاب ’مضمون ۽ مقالا‘ (ثقافت کاتي) ۽ ’سون برابر سڳڙا‘ (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.
ڊاڪٽر دائودپوٽي 1958ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران حيدرآباد ۾ سندس نالي تي ’شمس العلماءِ دائودپوٽا لائبريري‘ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا حيدرآباد جي سڀ کان وڏي پبلڪ لائبريري آهي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن