سعادت حسن منٽو

Author Name

اردو ٻوليءَ جو نامور افسانہ نگار سعادت حسن منٽو ولد غلام حسين 11 مئي 1912ع تي سمبرالا، ضلعي لڌيانا ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق ڪشميرين جي مشهور ’منٽو‘ خاندان سان هو. سندس والد جج هو. سعادت ابتدائي تعليم گهر ۾ ورتي، مئٽرڪ جو امتحان 1931ع ۾ پاس ڪيو. هن ايف. اي ۾ ٻه دفعا فيل ٿيڻ کان پوءِ 1935ع ۾ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي، پر بيماريءَ جي ڪري تعليم جاري نه رکي سگهيو ۽ واپس موٽي آيو، باري عليگ جي سفارش تي کيس لاهور جي هڪ اخبار ’پارس‘ ۾ ملازت ملي پر ڪجهه مهينن بعد ملازمت ڇڏي ممبئيءَ هليو ويو ۽ اتي 1940ع تائين هفتيوار اخبار ’مصور‘، هفتيوار ’سماج‘ ۽ هفتيوار ’ڪاروان‘ سان واڳيل رهيو، ان کانسواءِ بمبئيءَ ۾ منٽو مختلف فلمي ڪمپنين سان بطور ڪهاڻي نويس ۽ مڪالمه نگار به رهيو. هن جنوري 1941ع کان جولاءِ 1942ع تائين آل انڊيا ريڊيو تي فيچرنگار ۽ ڊراما نگار طور پڻ ڪم ڪيو. 1942ع ۾ ٻيهر بمبئي آيو ۽ هفتيوار ’مصور‘ سان واڳيل رهيو. ان کان سواءِ فلمستان لميٽيڊ ۽ بمبئي ٽاڪيز ۾ ڪهاڻي نويس ۽ مڪالمه نگار طور ڪم ڪندو رهيو. سعادت حسن جنوري 1948ع ۾ پاڪستان آيو. هن ادبي زندگيءَ جو آغاز ترجما ڪرڻ سان ڪيو، هن شروعات ۾ آسڪر وائيلڊ جي ڊرامي ’ويرا‘ جو ترجمو ڪيو. ان بعد هن چيخوف جي ڪجهه ڊرامن ۽ ميڪسم گورڪيءَ جي افسانن جو ترجمو ڪيو. سعادت حسن منٽو جي شايع ٿيل افسانوي مجموعن ۾: آتش پاري، منٽو ڪي افساني (1940ع)، دونهوان (1941ع)، لذت سنگ (1948ع)، چغد، سياهه حاشي (1948ع)، خالي بوتلين خالي ڊبي (1950ع)، ٺنڊا گوشت (1950ع)، نمرود ڪي خدائي، بادشاهت ڪا خاتمه، يزيد (1951ع)، سڙڪ ڪي ڪناري، اوپر نيچي اور درميان، سڙڪون ڪي پيڇي، ڪالي پڙدي ڪي پيڇي (1953ع)، بغير عنوان ڪي (1954ع)، طاهره اور طاهر(1954ع)، بغير اجازت، برقعي (1955ع)، شڪاري عورتين (1955ع)، رتي تولا ماشا (1956ع)، ڪالي شلوار (1961ع) وغيره شامل آهن.
ڪافي پبليڪيشن ادارا هن جون ڪليات به شايع ڪري چڪا آهن، جن ۾ افسانن کانسواءِ ريڊيائي ڊراما، مضمون ۽ خاڪا به شامل آهن.

سعادت حسن منٽو 18 جنوري 1955ع تي 42 ورهين جي عمر ۾ لاهور ۾ وفات ڪئي. سعادت حسن جي ادبي خدمتن عيوض پاڪستان حڪومت طرفان کيس ’نشان امتياز‘ ڏنو ويو هو ۽ 18 جنوري 2005ع تي سندس ورسي جي موقعي تي پاڪستان پوسٽ کاتي طرفان سندس ياد ۾ پوسٽ ٽڪليون جاري ڪيون.

’منٽو نامه‘ عنوان سان منٽوءَ جي افسانوي ادب جو ڪليات سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور، 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سعادت حسن منٽو جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سعادت حسن منٽو جا ڪتاب

سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون، ليکڪ : سعادت حسن منٽو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون
ليکڪ : سعادت حسن منٽو
گلن جي بغاوت، مصنف : سعادت حسن منٽو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
گلن جي بغاوت
مصنف : سعادت حسن منٽو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ