غلام حسين رنگريز

Author Name

مشهور شاعر ۽ اديب غلام حسين رنگريز ولد شفيع محمد کٽي ،18 اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري ،ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو .هن جا وڏا ڪپڙو رنڱڻ جو ڪم ڪندا هئا ،ان ڪري رنگريز سڏجن ٿا .غلام حسين شروعاتي پرائمري تعليم ميرپور بٺوري ۾ حاصل ڪئي ۽ ايم .اي( پوليٽيڪل سائنس )،بي .ايڊ ،ايم .ايڊ سنڌ يونيورسٽي ،ڄام شوري مان ڪري ايل .ايل .بي جو امتحان سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين .انهيءَ دؤران 1963ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ،1967ع ۾ سيڪنڊري استاد ٿيو ۽ 1985ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ميرپور بٺوري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو .نوڪريءَ دوران ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن کي سماجي ۽ قومي شعور ڏيڻ جو ڪم خوش اسلوبيءَ سان ڪيائين .1994ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ 1995ع کان وٺي باقاعدي وڪالت ڪري رهيو آهي.
غلام حسين رنگريز ،لکڻ جي شروعات مئٽرڪ پڙهڻ دوران ڪئي ،ميرپور بٺوري ۾ ’بزم ادب ‘۽ ’تحريڪ تعمير ادب ‘جون ادبي محفلون ٿينديون هيون ،جن ۾ حصو وٺندو رهندو هو .انهن ادارن سان سلهاڙجڻ جي ڪري سندس لکڻين ۾ پختگي ،مقصديت ،معنويت ،رنگ ۽ رچاءُ پيدا ٿيو .اڳتي هلي سندس وابستگي سنڌي ادبي سنگت سان ٿي ،جنهنڪري مٿس جديد ۽ ترقي پسند ادب جو رنگ غالب ٿيو.
غلام حسين رنگريز جي علمي ادبي تربيت ۾ عبدالفتاح عبد بٺورائيءَ جو وڏو هٿ رهيو ،جيڪو پنهنجي دور جو بهترين شاعر هو ۽ بزم ’صوفيا سنڌ ‘سان لاڳاپيل هو .
غلام حسين رنگريز ادب جي سمورين صنفن تي لکيو آهي ،جن ۾ مضمون ،تحقيق ،ڪهاڻيون ،ڪالم ،تنقيد ۽ ترجما وغيره شامل آهن .سندس ڪالم ’جي چوان سچ ‘جي عنوان سان روزاني عوامي آواز ۾ ڪافي عرصي تائين سلسليوار ڇپبا رهيا .غلام حسين رنگريز 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن لاءِ بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ،ڇو ته سندس مقابلي واري اميدوار تاج جويي سندس حق ۾ هٿ کڻي ورتو .سندس دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي ڪافي نمايان رهي .تنظيم ڪاري ۽ رابطا ڪاري بهتر رهي .سنگت پبليڪيشن جاري ڪيائين .سنڌ کان ٻاهر ڪوئيٽا ،واهه ڪينٽ ،راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي شاخن جا دورا ڪيائين ،ڪيتريون ڪانفرنسون ۽ ڪامياب ادبي پروگرام ڪرايائين.
غلام حسين رنگريز جي شاعري سنڌ جي نالي وارن فنڪارن ڳائي آهي .سندس هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:

(1 )’سرمد ڇا ٿو سوچي؟ ‘(مضمون )،(2 )’وکر سو وهاءِ ‘(مضمون )،(3 )’غلام جا ٽهڪڙا ‘(الف ليلوي ناٽڪ جو انگريزيءَ تان ترجمو :1990ع )،(4 )’اکين اڃ اپار ‘(شاعري :2005ع )۽( 5 )ورق ورق زندگي (ڊائريءَ جا ورق :2010ع )شامل آهن.

غلام حسين رنگريـز جي سياسي ۽ فڪري وابستگي ،فڪر جي .ايم .سيد ۽ ترقي پسند تحريڪ سان رهي .ايوبي مارشل لا ،ڀُٽي دور ۽ ضياء الحق جي دور ۾ فڪري ۽ سياسي فعاليت جي ڪري کيس سنڌ جي ڏورانهن ضلعن ۾ بدلي ڪيو ويو .ڀُٽي دور ۾ اڍائي مهينا ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو.
رنگريز جي آدرشي شخصيتن ۾ جي .ايم .سيد ۽ محمد ابراهيم جويو رهيا آهن .کيس ٽن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو .هڪ پٽ جي ڦوهه جوانيءَ ۾ المياتي موت کيس جهوري وڌو.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي غلام حسين رنگريز جا ڪُل 1 ڪِتاب موجود آھن


غلام حسين رنگريز جا ڪتاب

تصوف ھڪ تحريڪ، ليکڪ : غلام حسين رنگريز

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
تصوف ھڪ تحريڪ
ليکڪ : غلام حسين رنگريز
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ