مرلي ڌر

Author Name

ڊاڪٽر مرلي ڌر ايم بي بي ايس جو امتحان پاس ڪري مسيحائي واري پيشيوراڻي ڪم سان سلهاڙجي ويو، ڊاڪٽر جيڪو مريضن جي علاج ۽ انسانيت جي خدمت جو حلف کنيو، اڄ ڏينهن تائين پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ان کي نڀائيندو پيو اچي. هن ڌنڌوڙي ڊاڪٽرن جيان پئسو ڪمائڻ کي ترجيح نہ ڏني پر غريب ۽ بي پهچ مريضن جي علاج لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر اديب رضوي جي قائم ڪيل اداري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن پاڪستان (SIUT) ڪراچي ۾ پروفيسر آهي، جتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ڊاڪٽر مرلي ڌر پنهنجي طبي خدمتن سان گڏ ادب جي خدمت پڻ ڪري رهيو آهي، پاڻ بهترين شاعر ۽ نثر نويس آهي، سندس شاعري جا ٻہ ڪتاب 1_اکيون ڏيلا مَنُ گهايل (شاعري) 2_ڪِرِچيون ڪِرِچيون اڌما(شاعري) شايع ٿيل اٿس، اهڙي طرح هو پنهنجي ٻوليءَ جي بہ خدمت ڪري ٿو، ان سان گڏوگڏ بيمارين کان بچاءَ لاءِ سندس مضمون، ڪالم مختلف اخبارن ۽ ميگزينن۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، جنهن ذريعي عوام کي شعور/آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، تہ هو ڪهڙي طرح ننڍي ننڍي بيمارين کان پنهنجو بچاءِ ڪن. سندس بيمارين کان آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ ڪتاب، 1_صحت سڀني لاءِ (ڀاڱو پهريون)، 2_ٽين دنيا جا سورَ، 3_صحت سڀني لاءِ (ڀاڱو ٻيو) پڻ شايع ٿيل آهن، 

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي مرلي ڌر جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


مرلي ڌر جا ڪتاب

ٽين دنيا جا سور، ليکڪ : مرلي ڌر

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ٽين دنيا جا سور
ليکڪ : مرلي ڌر
اکڙيون ڏيلا من گهايل، مصنف : مرلي ڌر

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
اکڙيون ڏيلا من گهايل
مصنف : مرلي ڌر
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ