ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ٽي ناوليٽ“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جي لکيل ٽن ناوليٽن رُڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت ۽ لڙهندڙ نسل جو مجموعو آھي.
ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاء ماڻڪ جي ڪتاب ”حويليءَ جا راز“ جي مهاڳ ۾ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هي ناوليٽ مختلف وقتن ۾ ڪيترائي دفعا ڇپيا پر روشني پبليڪيشن پاران ٽنهي ناوليٽس کي هڪ ئي ڪتاب ۾ 1992ع ۾ ڇپايو ويو جنهن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر قاسم آباد، حيدرآباد جي دوستن جي مهربانيءَ سان سنڌ سلامت تي پيش ڪري رهيا آهيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ