ماڻڪ

Author Name

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ماڻڪ جو اصل نالو منير احمد آهي. 5 مارچ 1943ع تي نوشھري فيروز ۾ سندس جنم ٿيو. ماڻڪ جي تعليم ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي هئي. منير احمد ماڻڪ سئو کان مٿي ڪھاڻيون، ڪجهہ ناول ۽ ناوليٽ لکيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”حويليءَ جا راز (ڪھاڻيون)“، ”لڙهندڙ نسل (ناول)“، ”رڃ ۽ پڙاڏا (ناوليٽ)“، ”پاتال ۾ بغاوت (ناول)“، ”ساھُ مُٺ ۾ (ناوليٽ)“، ”ڇھہ انام ڪھاڻيون“ شامل آهن. پيٽ گذر لاءِ شروع ۾ ماستري، پوءِ ڪلارڪي، صحافت ۽ آخر ۾ وڪالت پڻ ڪيائين.
26 جنوري 1982ع ۾ سنڌ جي هي بيباڪ ليکڪ زماني جي ناانصافين سبب خودڪشي ڪري اسان سڀني کان وڇڙي ويو. ماڻڪ جي بيباڪي ۽ بي خوفي ڄڻ اڄ بہ سنڌ جي ضرورت هجي. سنڌ جو ماڻڪ سنڌ کان جسماني طور جدا تہ ٿي ويو پر سندس ڪھاڻيون ۽ ناول اڄ بہ نوجوانن ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ماڻڪ جا ڪُل 6 ڪِتاب موجود آھن


ماڻڪ جا ڪتاب

حويليءَ جا راز، ليکڪ : ماڻڪ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
حويليءَ جا راز
ليکڪ : ماڻڪ
پاتال ۾ بغاوت، ليکڪ : ماڻڪ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پاتال ۾ بغاوت
ليکڪ : ماڻڪ
ٽي ناوليٽ (رُڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت ۽ لڙهندڙ نسل)، ليکڪ : ماڻڪ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ٽي ناوليٽ (رُڃ ۽ پڙاڏا، پاتال ۾ بغاوت ۽ لڙهندڙ نسل)
ليکڪ : ماڻڪ
ماڻڪ جي بريف ڪيس مان، مصنف : ماڻڪ

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ماڻڪ جي بريف ڪيس مان
مصنف : ماڻڪ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ