حويليءَ جا راز, ليکڪ : ماڻڪ

حويليءَ جا راز

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : حويليءَ جا راز
ليکڪ : ماڻڪ
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
شايع ٿيڻ جو سال : 2003
شامل ڪيو ويو : 2020-07-02
ڏِٺو ويو : 2560 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1532 ڀيرا
ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ماڻڪ جي لکيل 18 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:
”ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي، ادب ۾ جوش، جذبو، نعريبازي، قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو. ھو نہ اجايو اميد پرست optimist ٿيو نہ وري ھن جوش جذبي کان ڪم ورتو، نہ وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس.
ھو ڪٿي بہ رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري نہ وري منافقي يا ٻھروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري. پر ھن زندگي جيئن آھي، سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو، جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي ٿو، انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو وٽس تيز آھي. ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو، پر زندگيءَ جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشہ پرُڪشش رھندي.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ