پلاند
چڙھي گهوٽ ، گهوڙي آيو،
کٽي آيو
کٽي آيو
گهر ۾ گهڙڻ شرط ڀينرن، سؤٽن، ماساتن، ۽ ٻين جيڏين سرتين دھل سنڀاليو. ٿالھه کنيو. مٺو سريلي گهري، ڀرڀور ۽ سچي جذبي ۾ وھنتل آواز، جنھن ۾ خود انھن ڪنوارين نينگرين جي آس اميدن، خوابن ۽ ارمانن جو اولڙو ھو، رات جي سيني کي چيڙڻ لڳو.
رک صندلي تي پير،
منھنجا مور لاڏا!
گهورون گهورئي ڀيڻ،
منھنجا مور لاڏا!
منھنجا مور لاڏا. . . .
ڪنوار پھريون ڀيرو پنھنجي ساھري گهر پير رکيو. باڇاھ پير جا پلاند ھيٺان، جيڪو گهوٽ – ماءُ پنھنجي رئي مان ٺاھيو ھو، ٻئي گهوٽ گلڻ ۽ سندس ڪنوار وک ۾ وک وجهندا، سيج ڏانھن وڌڻ لڳا. ھلندي ھلندي گلڻ کي ھلڪو ٿاٻو آيو جو موڙن ۾ سڄو منھن ڍڪيل ھيس. ماڻس جي واتان نڪتو بسملاھيون. ابو منھنجو! ضرب ته ڪانه آيئي!؟
”نه اما.“ گلڻ موڙن ھيٺان، اندران ئي وراڻيو.
پوءِ گهوٽ ماءُ ساڻن گڏوگڏ ۽ اڳيان اڳيان ھلندڙ نينگرين ۽ رائفائن کي چھڙ ڏيندي چيو: ”ميون دڳ ته ڇڏيو، ويھڻ ته ڏيو، پوءِ پيون ڏسجو.“ سندس آواز ۾ تيزي سان گڏ دٻيل غرور جو اھو پاڇولو به ھو، جيڪو ھر سوڀ حاصل ڪندڙ وجود مان بکندو آھي. ۽ پوءِ، ڪنوار کي سيج تي وھاري رڙ ڪيائين، ”وڃڻا!“ ۽ ان سان گڏ، دھل جي چوڌاري ويٺل نينگرين ڏانھن منھن ڪري چيائين: ”ڇوريون ھٿ ھلايو، ساھ ڪونه اٿو ڇا!“ ۽ پاڻ به دھل ۽ گڏيل لاڏي جي آواز ۾ لئي تي پير ۽ ٻانھون ھلائڻ لڳي:
منھنجا مور لاڏا
منھنجا مور لاڏا . . . . . . . .
جيتوڻيڪ ھن کان اڳ لاڳيتو ڳائڻ ڪري سندس نڙي ويھي وئي ھئي. آواز ڳرو ۽ گهگهو ٿي نڪتيس. پر ان آواز ۾، ۽ ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳن ھوندي به، پيرن ۽ ٻانھن جي چرپر ۾ جان ھئي، اتساھ ھو ۽ ڀرڀور امنگ جو اظھار ھو. وري ڳائڻ ۽ جهمر ڇڏي، دھل وارين کي ”ھاھا، ھٿ ھلايو، آواز ڪڍو.“ جي ھدايت ڪرڻ لڳي: ”تکو ھٿ ھلايو، ٻيا به وڃڻا کڻي اچو، منھنجي راڻيءَ کي گرمي ٿيندي ھوندي.“
ان وچ ۾ گلڻ مردن ڏانھن وڃي چڪو ھو. منھن ڏسڻ جي رسم شروع ٿي
”ائي گهوٽ ماءُ، مبارڪان ھجن ئي، چوڏھين جو چنڊ مليو اٿئي.“
”ادي منھنجي خير مبارڪ ڌڻيءَ جا لک لائق.“
”گلڻ ماءُ ننھن ته سون ملي اٿيئي، وڏن ڀاڳن واري آھين.“
”ھا امڙ، منھنجو گلڻ به ڪو گهٽ نه آھي.“
منھن جي ڏسڻ جو سلسلو ھلندو رھيو، ڀينرون، ماسيون، سؤٽون، ماساتون اوڙي پاڙي واريون . . . . . .
”ادي – گهوٽ ماءُ، ننھن مبارڪ ھجيئي.“
گلڻ ماءُ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري رڙ ڪئي: ”ائي ڪا رھي ته ڪانه؟ ڀانيان ٿي، ڦاپان رھجي وئي آھي. ڪٿي آ گهوٽ جي پڦي؟“ آ – ئي ڦاپان ڪٿي آھين تو منھن ڏٺو؟ بيزاريءَ جي لھجي ۾.
”اچان ٿي ادي، ڪڪي کي ڌوئاري وٺان.“
”ائي ٻڙي، سيگھه ڪر، اڃا مرد رھيل آھن، منھنجي راڻي ٿڪل آھي، ته جلد وڃي آرامي ٿين.“
نوجوانڙين جا ٽونڪر ڀريا آواز آيا:
”آرامي وري ڪٿان ٿيندا، اڃا ته سڄي رات جاڳڻو اٿن!“ کلن جا ڪوڪريا پئجي ويا، اڃا کل بند ئي ڪانه ٿي ته ٻيو آواز آيو:
”راڻيءَ جو ٿڪ نويڪلائي ۾ پاڻھي لاھي ڇڏيندو ماسي، تون ڳڻتي نه ڪر.“
ٽھڪن جا ڦوھارا نڪري آيا.
”ڇوريون آھيو، ڇتيون آھيو. اٿو ڪا وات کي جهل.“ گلڻ – ماءُ به کلڻ لڳي. دٻيل کل، جنھن ۾ اندر ئي اندر مان اُڌمو کائي ڦوھاري وانگر اڇل کائيندڙ خوشي ھئي. گد گد ٿيندي چيائين: ”اھا ڪھڙي آ، آئي نوران! ڇوري، ترس، تنھنجا به ور مان ٽڪ نڪرندا. ھيئنر ئي ٿي راڻي کي سنڀالين!“ ھيڏي ھوڏي نھاري: ”آئي نوري ماءُ! ڪٿي آھين؟ ٻڌين ٿي ڌيڻين کي؟ چاڙھينس شينھن ڪلھي، نه ته ڇوري ھٿن مان ويندينءِ!“
. . . ٽھڪڙو.
گلڻ ماءُ وري واڪو: ”آئي ڦاپان، ٻڙي، رب کي ڏس، جي ھڙ ۾ ڏوڪڙ نه اٿئي ته ڇڏينس ڪري. مئي سيگھه ڪر، راڻو اوسيئڙي ۾ ھوندم.“
موجود، گهوٽ جي سڀني ويجهن مائٽن: ڪنوار جو منھن ڏٺو. ھئو مئو ٽري. لاڏن، دھلن ۽ شرنائين جو آواز بند ٿي چڪو ھو. مڪمل سانت ھئي. مھمان مڙا ٿڪ ۽ ننڊ سبب جن کي جتي جاءِ ملي ھئي، سمھي پيا ھئا. کونگهرن جا ٻرڙاٽ پئي پيا. روشني به ٿڪل ٿڪل ۽ ساڻي ساڻي ٿي لڳي. ڪنوار وٽ گلڻ ماءُ سميت باقي ڪي ڇوڪريون ٻاڪريون وڃي بچيون ھيون. گلڻ ماءُ ڪنوار جو گهونگهٽ ٺيڪ ڪندي، موجود ڇوڪرين کي چيو ته ”ھاڻ لڙ لاھيو، نڪرو ھتان ته گهوٽ پنھنجي وني سنڀالي.“ نينگريون ھڪ ھڪ ٿي ٻاھر نڪتيون. گهوٽ سينگاريل سيج واري ڪوٺي جي در تائين آيو. ماڻس وڏي قرب، اتساھ ۽ ڀرڀور خوشي منجهان ڀاڪر ۾ آڻيندي ڪنوار جي لڳو لڳ وھاريو. ”ھان، ماءُ گهور وڃئي، سنڀال پنھنجي راڻي کي. مان ٻاھر نڪران ته اندران ڪڙو چاڙھي ڇڏ، پر ترس “، کيس ڪجهه ياد آيو، ” مان کير آڻي ڏيانءِ.“ ھوءَ تڪڙي تڪڙي ٻاھر نڪتي، سندس ھلڻ جي چال ۾ جتي اٻھرائي ھئي، اتي ٽمندڙ خوشي جو اظھار به ھو. کير جو جڳ ۽ گلاس آڻي ڪوٺي ۾ رکيائين ۽ گلڻ کي ڪجهه ڪن ۾ سرٻاٽ ڪرڻ کان پوءِ سندس نرڙ تي چمي ڏنائين ۽ کڙي تڙي آواز ۾ چيائين، ” ھاڻي در ڏئي ڇڏ.“
ٻاھر نڪري، در ٻيڪڙيندي، کيس اوچتو ئي اوچتو، اڻلکي ۽ مڪمل خوشي جو ڀرڀور احساس ٿيو. ”ابا گلڻ ، ڪڙو چاڙھي ڇڏ.“
اندران ڪڙي چاڙھڻ جو آواز ٻڌائين. ان آواز سندس دل تي گهرو ۽ وزني اثر ڪيو ۽ اٿاھ خوشي ۾ ڪڏڪا ڏيڻ لڳي. دل جي تيز ڌڙڪ پاڻ چٽيءَ ريت محسوس ڪيائين. کيس لڳو ته پاڻ صدين کان ڪو سپنو ڏسي رھي ھئي، ڪا آس سانڍيندي پئي آئي، سا اڄ تڪميل جي چوٽي تي پھتي ھئي. ڪوٺيءَ واري در کي ٻيھر ڏٺائين ۽ ذھن جي اک سان ان ۾ اندر ليئو پاتائين. گلڻ جو جانٺو جواني وارو مردانو وجود، سوپاري ۽ برتر حيثيت ذھن جي اک ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺي. مساڳ لڳل چپن تي مرڪ ڦھلجي ويس – گهري ۽ اٿاھ مرڪ جنھن ۾ من اندر ٿيندڙ جشن جو پڙاڏو ھو.
ھن ٻاھر نھاريو، جنھن پاسي مرد ستل ھئا. لڳس، سڀ مرد ماڻھو سمھي پيا آھن گلڻ پيءُ به.
ھيءَ اُتي ئي گهوٽ – ڪنوار واري ڪوٺيءَ جا چائنٺ کان ٿورو پرڀرو، گلم تي ليٽي پئي، اندر، من ئي من ۾ ڇوليون ھڻندڙ خوشيءَ ۽ سانڍيل خواب جي تڪميل جي احساس، سندس ننڊ کي ڪوھين ڏور ڀڄائي ڇڏيو. ماڻجندڙ ڀرڀور احساس جي لي واري وھڪ، ۽ کيس ياد آيو جڏھن کيس پھريون پيٽ ٿيو ھو تڏھن ڌڻي در ڪيڏو ٻاڏايو ھئائين ۽ باسون باسيون ھئائين ته ”شل نينگر ھجي.“
مڙسھنس ۽ سندس ڏير يارو شرط ھنئي ھئي. پوءِ گلڻ جو ڄم، سندس زندگيءَ جو ٻيو جنم ٿي آيو. گلڻ جي بت ۾ کيس، پنھنجي وجود جو اولڙو نظر ايندو ھو.
اندران گلڻ جي کنگهار جو آواز آيو ۽ کٽ جو چيڪٽ. سندس ڌيان اوڏانھن ڇڪجي ويو. اڻ ڄاتل اندرين خواھش ۽ تجسس وچان در ۾ نظرون کپجي ويس. وري سندس ذھن جي اک اندر ليئو پاتو: گلڻ جي جانٺي جواني وارو مردانو وجود، سوڀاري، مٿانھين ۽ برتر حيثيت. ڪنوار بيوس، مضبوط ھاٺيءَ واري گلڻ جي ور چڙھيل – گلڻ، جو سندس وجود جو ھڪ حصو ئي ھو. کيس ائين ڏسندي ھڪ قسم جي ڀرڀور خوشيءَ، لي ۽ لذت جو مڪمل ۽ اونھو احساس پئي ٿيو، ۽ اھو احساس سندس لڱ لڱ ۽ انگ انگ ۾ اوتجي ٿي ويو، ۽ ان سان گڏ سندس گھليل مرڪ ۾ ڪا معنى ڀرجي ٿي ويئي.
ھو انھيءَ مڪمل ۽ ڀرڀور لي کي ماڻيندي، گھري ۽ اٿاھ احساس مان لنگهي رھي ھئي ته اوچتو سندس ذھن ۾ سندس شاديءَ جي پھرين رات تري آئي: اڻ وڻندڙ ، کيس ياد آيو، جڏھن ھن سندس اوگهڙ سان ھٿ چراند ڪئي ھئي ته کيس ڪيڏي ذلت ۽ بي عزتيءَ ۽ بي وسيءَ جو احساس ھيٺ روحاني اذيت پھتي ھئي. سوچيو ھئائين، ھوند زمين ڦاٽي ۽ ان ۾ دٻجي وڃان. ۽ ان کان پوءِ جسماني ايذاءُ ، سندس روح کي فنا ڪري ڇڏيو ھو.
ھن وقت، ذھن تي تري ايندڙ ياد ۾، اھو احساس ۽ شادي جي پھرين رات پھتل جسماني ۽ روحاني پيڙا واري حقيقت جو ڪڻو به ڪونه ھو. رڳو لاشعوري وھڪ ۾ تري ايندڙ ياد جي حد تائين ٺلھي ياد سواءِ ڪنھن احساس جي. اھو سوچيندي: سندس چپن تي ھلڪي مرڪ ڦھلجي ويئي ۽ ان سان گڏ ذھن جي پردي تي، اندر گلڻ سان گڏ پوريل ڪنوار جو جسم تري آيو – ائين، جيئن شاديءَ جي پھرين رات سندس ھو – بيوس، ڦاٿل، روحاني ۽ جسماني اذيت ۾ ورتل. پر ڪنوار جي اذيت ۽ بي وسيءَ جو تصور کيس مزو ۽ تسڪين ڏيڻ لڳو – عجيب قسم جي تسڪين! گلڻ جو تصور جيڪو ھوبھو کيس پنھنجي مڙس جي پھرين رات وانگر سگهارو، مضبوط ۽ جارح نظر آيو، ان جي ھر جارحيت ۾ کيس پنھنجي وجود جو پاڇو نظر آيو ۽ سندس دٻيل انا، غرور جي شڪل وٺي اسرڻ لڳي ۽ چوٽيءَ تي چڙھن لڳي.
سجاڳ ۽ چوٽي تي چڙھيل انا ھيٺ، غرور، تڪبر ۽ سوڀ جو احساس سندس سڄي وجود ۾ تيزي سان ڊوڙي ويو. ۽ ڏٺائين ڪنوار کي جيڪا گلڻ اڳيان بيوس ھئي، ۽ ڏٺائين گلڻ کي، ۽ پوءِ گلڻ ۾ پنھنجو پاڻ کي . . . . . .
گهري اطمينان، تسڪين ۽ سوڀ واري برتريءَ جو احساس سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو.
صبح جو جڏھن ھو ڪم ڪار ڪاڻ ھيڏانھن ھوڏانھن ھلي رھي ھئي، ته سندس ھلڻ جي لوڏ ۽ انداز مان ماڻيل سوڀ جو چٽو احساس بکي رھيو ھو.
- نئين زندگي 1975ع