ڪھاڻيون

حويليءَ جا راز

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ماڻڪ جي لکيل 18 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:
”ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي، ادب ۾ جوش، جذبو، نعريبازي، قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو. ھو نہ اجايو اميد پرست optimist ٿيو نہ وري ھن جوش جذبي کان ڪم ورتو، نہ وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس.
ھو ڪٿي بہ رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري نہ وري منافقي يا ٻھروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري. پر ھن زندگي جيئن آھي، سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو، جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي ٿو، انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو وٽس تيز آھي. ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو، پر زندگيءَ جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشہ پرُڪشش رھندي.“
  • 4.5/5.0
  • 1761
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حويليءَ جا راز

پھرين انام ڪھاڻي

اڄوڪي صبح واري اخبار جي اھم خبرن منجهان ھڪ خبر: پنھنجي ڌيءُ کي ماريندڙ، شھر جو برک ۽ جھونو وڪيل گل محمد، جنھن تي پرھين ڪورٽ ۾ پنھنجي ڌيءُ کي مارڻ جي ڏوھ ھيٺ ڪيس ھلڻو ھو، سو رات پوليس جي پھري ھيٺ وارڊ ۾ مئل لڌو ويو!
ھن ڪيس جي اھم خاصيت ھيءَ ھئي ته: نه رڳو وڪيل صاحب جي ڊاڪٽر، سندس زال، جيڪا به ھڪ پڙھيل ڳڙھيل عورت آھي ۽ سندس وڏي پٽ، جيڪو به چڱي خاصي عھدي تي آھي، جي بيانن منجهان، پر مرحوم جي ھمٿ واري مڃتا منجهان پڌرو ھو ته شھر جي ڏاھي وڪيل پنھنجي ڌيءُ کي ڄاڻي واڻي ۽ سٽيل رٿا پٽاندڙ ماريو ھو.
مرحوم جي زال ٻڌايو:
”منھنجي ھڪ ئي نينگري، جنھن کي منھنجي مڙس سعيو ڪري ماريو، سا ننڍپڻ کان وٺي ئي چري ھئي. اسان سندس علاج ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. ٺيڪ ٿي ويندي ھئي، وري ساڳي حالت. ملڪ جي وڏين وڏين اسپتالن ۾ ۽ ماھر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ کان پوءِ به، جڏھن سندس صحت مڪمل طور نه سڌري ته پوءِ اسان کيس آمريڪا نيئي وياسين. اتي سندس علاج تي ھزارين روپيا خرچ آيو. پر، خير سندس حالت ڪافي سڌري. اتي ٻن ٽن مھينن دوران چريائپ جو مٿس ڪوبه شديد دورو ڪونه پيو. جيئن ته رڙيون ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، پنھنجي سر منھن ڪري لوھ پائي ڀڄڻ يا وڙھڻ وغيرھ. البت چپ چاپ ۽ موڳي موڳي رھندي ھئي. ماھر ڊاڪٽرن ٻڌايو ته آھستي آھستي نارمل ٿي ويندي. اسين کيس واپس وٺي آياسين ۽ دوائن جو ڪورس باقائدي کارائيندا رھياسين، ھتي به مھيني ڏيڍ ساڳي حالت ۾ رھي. چپ چاپ ۽ موڳي موڳي. ڳالھائيندي ھئي ته موڳائپ سان ۽ ڄڻ سوچيندي سوچيندي ياد ڪندي ڪندي . . . . . . . . .
”خير، اسان کي ويساھ ھو ته اسان جي اڪيلي ۽ پياري نينگري ٿورڙئي ئي وقت ۾ نارمل ٿي ويندي. وڪيل صاحب وٽ ٻه جونيئر وڪيل ھا، جي وٽس اچي سکندا ھئا. انھن منجهان ھڪ سلڇڻو ۽ شڪل شبيھه جو ٺاھوڪو جوان ھو. وڪيل صاحب جو مٿس ڏاڍو راز ھو. غريب ھو، پر ڏاڍو مخلص ۽ ايماندار ھو. وڪيل صاحب خيال ڪيو ته ڇوڪري به ھاڻي ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي، سو سندس شادي انھي نوجوان، پنھنجي جونيئر وڪيل سان ڪرڻ لاءِ سوچيائين. مون سان صلاح ڪيائين، جو مرحوم سدائين منھنجي ڳالھه رکندو ھو. سندس نظريو ھو ته زال زندگي جي ساٿڻ آھي، دوست آھي، دوستن جا باھمي لاڳاپا سدائين ھڪجهڙائيءَ جي بنياد تي ھوندا آھن، نه عام رواجي زال – مڙس جي لاڳاپن وانگر، جن ۾ زالن مٿان مردن کي برتري ھوندي آھي. ھو انھن مذھبي تصورن تي ٺٺوليون ڪندو ھو، جن ۾ مردن کي مجازي خدا ڪوٺي، عورت تي لازم ٺھرايو ويو آھي ته انھن جو ھر طريقي سان خيال رکن ۽ نالي ماتر عورتن جي حقن جو ذڪر ڪري، عورتن لاءِ مردن جي خدمت ۽ فرمانبداري ڪرڻ ٺھرايو ويو آھي. الا ڪيڏو نه عظيم انسان ھو پاڻ!
”خير، مونکي به سندس اھو خيال وڻيو. ڇوڪرو مون کي به پسند ھو، ڇوڪري ۽ سندس مائٽن به ھا ڪئي. سچ پچ اسان کي ھڪ نئين حياتي ملي. وڏي ڳالھه ته اسان، پنھنجي مٺڙيءَ لاڏليءَ سان به ذڪر ڪيو، ھن به انڪار نه ڪيو. بس! مان ڇا ٻڌايان . . . خوشيون ئي خوشيون ھيون . . . .
۽ پوءِ اوچتو، ھڪ رات . . . . . .
” مان سمجهان ٿي ته ان ويل رات جا اڍائي کن ٿيا ھوندا ته اوچتو منھنجي راڻي (مان کيس پيار مان سڏيندي ھيس) دانھن ڪري اٿي. ۽ پوءِ، انھي وقت کان پوءِ وري ساڳي حالت! ھتي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريوسين – پر وقتي آرام، پوءِ ساڳي حالت. وڪيل صاحب بنھه نااميد ٿي پيو. بس، انھي ڏينھن کان پوءِ چوٿين پنجين ڏينھن کيس ڪورٽ ۾ ڪيس ھلائيندي دل جو دورو پيو. خدا خدا ڪري پاڻ بچيو.
”منھنجو خيال ھو ته، نوجوان جونيئر وڪيل سان جنھن سان ڳالھه ٿيل ھئي، راڻيءَ جي شادي ڪري ڇڏيون. من شاديءَ کان پوءِ چڱي ٿئي. پر انھيءَ جي ابتڙ وڪيل صاحب جو خيال ھو ته، اھو وڏو انساني ڏوھ ٿيندو. ڇوڪري جي حياتي تباھ ٿيندي. ۽ اسانکي اھڙو ظلم ۽ ناانصافي نه ڪرڻ گهرجي، جو پنھنجي زندگي جو عذاب، جيڪو اسان کي ھڪ ڄڻيندڙن جي حيثيت سان مليو آھي، اھو ھڪ معصوم ۽ اڻ لاڳاپيل انسان جي مٿان مڙھي ڇڏيون. اھا سراسر بي انصافي ۽ مھاپاپ ٿيندو. مون کي سندس ھن دليل، راڻي جي شادي ڪرائڻ کان باز رکيو ته: ماءُ ۽ پيءُ جي حيثيت سان ۽ ھڪ ئي ڌيءُ ھجڻ جي ڪري پاڳلپڻي جي ڪارڻ پيدا ٿيندڙ ڏکيائون ۽ تڪليفون جھڙي ريت اسين رضا خوشيءَ سان برداشت ڪري وڃون ٿا، ممڪن آھي ته، شادي کان پوءِ به سندس ٺيڪ نه ٿيڻ جي حالت ۾، ھڪ مڙس جي حيثيت سان ھو اھي برداشت نه ڪري سگهي ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن بيزار ٿي اھڙو قدم کڻي، جو ھن کي ڪنھن سخت قسم جو ھاڃو رسي. ۽ پوءِ مون چٽي ريت محسوس ڪيو ته والدين جي حيثيت سان اسان جھڙي ريت راڻي جي پرگهور ڪري سگهون ٿا، نوجوان وڪيل، مڙس جي حيثيت سان نه ڪندو. انھي کان سواءِ ھي به گهڻي حد تائين امڪان ھو ته ڇوڪرو انڪار ڪري. خير منھنجي راڻي جي حالت نه سڌري، سا نه سڌري، ته انھيءَ وچ ۾ وڪيل صاحب کي ٻيو دل جو دورو پيو. اڃا انھيءَ منجهان ئي چڱو ڀلو ٿي مس اٿيو ته وري ٽيون دورو پيس!
اھا شام مونکي اڃا به چڱي طرح ياد آھي. وڪيل صاحب ڳالھيون ئي اھڙيون اچرج جھڙيون، ڇرڪائيندڙ ويساھ ۾ نه ايندڙ ڪيون ھيون، جن لاءِ مان ڪڏھن به سوچي نٿي سگهيس! ۽ اھا شام، مونکي اڄ به چٽي طرح ياد آھي.
سرءُ جا ڏينھن ھجن ۽ سرءُ جي اداس اداس، اٻاڻڪي شام. اسين شام جي چانھه تي ورانڊي ۾ ويٺا ھئاسين. مان، وڪيل صاحب ۽ نوجوان زال سميت منھنجو وڏو نينگر حفيظ، جيڪو ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر آھي ۽ اسان کان ڌار، پنھنجي سبيتي زال سان، ميونسپالٽي طرفان مليل بنگلي ۾ رھندو آھي. حفيظ روزانو شام جو پنھنجي زال سميت چانھه اسان وٽ پيئڻ ايندو آھي. چانھه پيئڻ کان پوءِ ۽ ڪجهه وقت ھتان ھتان جون ڳالھيون ڪري ڪجهه وقت وھڻ کان پوءِ نوجوان جوڙو اٿي ھليو ويو.
مونکي ھتي ھڪڙي ڳالھه ٻڌائڻ وسري وئي ته: جڏھن به اسان جي نينگري تي چريائپ جو دورو پوندو ھو جنھن ۾ ھو وڙھندي، ڏاڍيان ڳالھائيندي يا شيون وغيره ڀڃڻ لڳندي ھئي ته پوءِ انھي حالت ۾ اسين کيس ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئاسين، ۽ کيس ماني يا چانھه ۾ پاڻ سان شريڪ نه ڪندا ھئاسين. ۽ مان کيس ڪمري ۾ نويڪلائي ۾ کيس کارائڻ ۽ پيارڻ جي ڪوشش ڪندي ھئس.
”نوجوان جوڙي جي اٿي وڃڻ کان پوءِ اسين به وڃي رھياسين. پوڙھا ۽ ڏکن جا ماريل. پاڻ تازو اڃا دل جي دوري جي حملي کان پوءِ ٺيڪ ٿي اٿيو ھو، پر ڪافي ھيڻو ٿي لڳو. نوجوان جوڙي جي اٿي وڃڻ کان پوءِ ڪا مھل اسين ٻئي خاموش ھئاسين. اداس ۽ وياڪل. ڄڻ ته حياتي جي ڏکن ڏاکڙن واري بار کي رضا خوشي سان کڻڻ ۽ انھي ۾ ڪنھن به قسم جي ڏک ۽ شڪايت ظاھر نه ڪرڻ جو اسان اڻ لکيل ٺاھ ڪيو ھجي. پر ڪنھن ڪنھن مھل بار کڻڻ جو ست نه ساري، پنھنجي ھن ڪمزوري جو احساس خاموشي سان ڪندا ھجون. جو ٺاھ موجب اسانکي ڪڇڻو ڪونه ھو. گهٽ ۾ گهٽ مونکي ائين لڳندو ھو. ۽ ھي خاموشي به مونکي ائين پئي لڳي. خاموشي: بار ھيٺ ڪنجھڻ ڪرڪڻ سان ڀريل.
اوچتو چيائين:
”آڳاٽي يونان جي تاريخ ۾ اسپارٽين جي باري ۾ پڙھيو اٿيئي؟“
وراڻيم ھا. ھن جي حياتي جو متو ھوندو ھو: ”وڙھو ۽ سوڀ حاصل ڪيو.“ جن جي ڪارڻ اڄ ”اسپارٽين “ جرئت ۽ بھادري، سگهه ۽ سورھيائيءَ، سادگيءَ ۽ سڏي سنواٽي ھجڻ، فوجي ۽ ستت فيصلي ڪرڻ واري خاصيت کي علامت طور ورتو وڃي ٿو. ۽ ھنن، ڪنھن ڀيري پوري يونان تي شان ۽ دٻدٻي سان حڪومت به ڪئي ھئي . . ..
چيائين: نه – منھنجي خيال جو مقصد تاريخ جي نصابي ڄاڻ حاصل ڪرڻ نه آھي.“
پوءِ نوڪرياڻي ھٿان سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ ماچيس گهرايائين. مون کيس سخت منع ڪئي ھئي. منھنجي جهلڻ تي کلي وراڻيائين: ”زندھ رھجي ته ڪنھن به پيڙا ڀوڳڻ کان سواءِ، سڪون ۽ اطمينان سان. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جو ھر سڪون ۽ اطمينان ۾ آھي. پوءِ ڀل اھا زندگي ڪيتري مختصر ڇو نه ھجي. ھينئر منھنجي ذھني سڪون لاءِ سگريٽ تمام ضروري آھي. انھي ڪري ھن وقت سگريٽن کان جهل معنى ته سڪون کان جهل آھي.“
اھو سڀ ڪجهه انتھائي سنجيدگي سان چيائين جيڪو مونکي سندس طبعتي ۽ ڳالھائڻ جي عام رواجي ڍنگ کان نرالو ۽ ابتڙ لڳو، خير، مون سوچيو ته ممڪن آھي ته بيماري جي ڪري ائين ھجي، سڀاويڪ آھي. سو مون کلندي چيومانس، دل جي بيماري توکي وڪيل مان فلاسفر ٺاھي ڇڏيو آھي.
ساڳي سنجيدگيءَ (جيڪا پڻ مونکي غير رواجي لڳي) سان چيائين: ”ھر لوچ، سوچ کي جنم ڏيندي آھي. مان انتھائي سنجيدگيءَ سان ھڪ سنجيدي مسئلي جي باري ۾ سوچي رھيو آھيان. توکي ھي ته ڄاڻ ھوندي ته اسپارٽين پنھنجن ڪمزور، نٻل۽ روڳي ٻارن کي جيل ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا ھئا. تنھنجو ڇا خيال آھي؟“
وراڻيم. ”اھو سراسر ظلم ھو، ڪيس ھو.“
چيائين، ”ٿي سگهي ٿو، پر انھي ۾ ھن لڪل سچائيءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته اھي نٻل ۽ روڳي انسان، جيڪي اڳتي ھلي، وڏا ٿي زندگي تي بار بڻجن، يا زندگي مٿن عذاب بڻجي، تنھن کان بھتر آھي ۽ سندن به انھي ۾ ڀلائي آھي ته انھن کي اسرڻ کان اڳ ئي ناس ڪيو وڃي. تون ھن کان انڪار نٿي ڪري سگهين ته: زندھ رھڻ، بذات خود ڪنھن معنى کان خالي ٿي نٿو سگهي. ھر زندھ وجود جون سرگرميون ۽ موجودگي ڪو ڪارج، ڪو مفھوم ڪا معنى رکن ٿيون. خاص ڪري انسان جي لاڳاپي سان ھيءُ چئي سگهجي ٿو ته انسان جو وجود، ٺلھو خالي ٺلھو جيئڻ تائين محدود ناھي؛ پر مفھوم ۽ ڪا معنى رکي ٿو . . .
۽ چيائين؛ Struggle for existence ۾ سرتو وجود ئي جيئرو رھي سگهي ٿو، منھن ڏيئي سگهي ٿو، زندگيءَ کي پنھنجن مقصدن پٽاندڙ بدلائي سگهي ٿو. جيڪو جيو. ھن چٽاڀيٽيءَ واري جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ جي صلاحيت ته ٺھيو، پر پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت به نٿو رکي ۽ پنھنجي نٻل ۽ روڳي وجود ڪارڻ ٻين تي ۽ پاڻ تي بار بڻيل آھي، انھيءَ کي ختم ٿيڻ ئي گهرجي، ھا ختم ٿيڻ گهرجي . . . “
”جيتوڻيڪ مونکي اوچتو ئي اوچتو ھلڪو احساس ٿيو ته پاڻ ڪھڙي ڳالھه کي ذھن ۾ رکي اھا اپٽار ڪري رھيو آھي ۽ سچ پچ مون کي سندس ويچار انتھائي ڀوائتا ۽ خوفائتا لڳا. خير، ان ھوندي به مون کانئس پڇيو ته: ”ھن سموري ذڪر منجهان نيٺ اوھان جو مقصد ڪھڙو آھي؟“
مرڪيائين. ۽ منھنجي منھن ۾ گهوري ڏٺائين: زوريءَ مڙھيل، ڦڪي ۽ معنى ڀريل مرڪ. ”مان جيڪو چوڻ چاھيان ٿو، ڇا تون واقعي نه سمجهي سگهي آھين؟ يا سمجهندي به، اھو سڀ ڪجهه تون منھنجي زبان مان اڪلائڻ چاھين ٿي؟“
وراڻيم: ”مونکي ٿوري اندازي تي کڙڪ پئي آھي. ممڪن ھجي ته منھنجو اندازو غلط ھجي ته بھتر آھي ته تون صاف لفظن ۾ مقصد بيان ڪري ڇڏين.“
چيائين: ”منھنجو سڌو سنئون مقصد ماھتاب (منھنجي ڌيءُ جو اصل نالو) ڏانھن آھي . . .
”مان سواءِ ڪڇڻ جي سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳيس.“
پاڻ چوندو رھيو: ”ڏس نه، ھينئر جڏھن پاڻ جيئري آھي، ته سندس حالت مئلن کان به ويل آھي. ھوءُ نه مئلن ۾ آھي، نه جيئرن ۾. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اھڙي ريت کيس زندھ رکڻ جو نيٺ مقصد ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟“
ڳالھائيندي ڳالھائيندي اوچتو چپ ٿي ويو. مان به چپ رھيس. مون کي سندس سوچ جي انداز تي سخت افسوس ٿي رھيو ھو. منطقي طور کڻي پاڻ صحيح به ھجي، پر مونکي انھيءَ منجهان خودغرضيءَ جي بوءِ اچي رھي ھئي. مان خودغرضيءَ جي پسمنظر ۾ سندس ويچارن تي افسوس ۽ ڏک وچان سوچي رھي ھيس ته، اوچتو ڇانيل خاموشي ۾ سندس ڪنبدڙ ۽ ڏک ۾ ڀريل آواز ٻڌم:
”شايد تون سوچيندي ھجين ته، مان کانئس بيزار ٿي ويو آھيان يا منھنجو پدرانه امنگ مروٽجي ويو آھي ۽ سندس لاءِ منھنجو پيار ختم ٿي ويو آھي. انھي ڪري مون ھھڙي قسم جي جواز ۾ پناھ ورتي آھي.
”زليخا! تون سوچي به نٿي سگهين ته گذريل ٽي ڏينھن مون ڪھڙي ذھني پيڙا ۾ لڇندي پڇندي گذاريا آھن. اوھ! تون تصور به ڪري نٿي سگهين. ٻڌ! مان دل جو مريض آھيان ۽ تون خود Neurosis جيPatient آھين. (اسان ٻنھي جون بيماريون حالتن جو نتيجو آھن) منھنجي ڪنھن به وقت ھارٽ فيل ٿي سگهي ٿي. منھنجي مرڻ کان پوءِ تنھنجي ۽ ماھتاب جي حالت ڪھڙي . . . نه پڇ ته سندس انھن حالتن جو ڪيڏو ڀوائتو تصور آھي. توکي ھي واقعو شايد اڃا نه وسريو ھجي. ڪجهه ڏينھن اڳ، جيڪا پنھنجي پاڙي ۾ نڌڻڪي چري آھي، انھي سان چئن ڄڻن بدفعلي ڪئي، ھا اھي چار ڄڻا جيڪي سياڻا ھئا، رات جي سناٽي ۾ انھي چري جون ھنيانءُ ۾ چھڪ وجهندڙ ڪيھون، شايد اڃا تنھنجي لاشعور ۾ ھجن. مون کي ٻڌاءِ ته جيڪڏھن اھڙي حالت پيدا ٿئي، ته پوءِ ماھتاب جي محفوظ ۽ سلامتي واري زندگي جي ضمانت ڪير ڏئي سگهي ٿو؟ رياست؛ جيڪا عام رواجي انسانن جو تحفظ ڪرڻ ۽ سلامتي وارو ماحول مھيا ڪري ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي. نڌڻڪين جي نگراني لاءِ سماج سڌار تنظيمون جيڪي سڌاري، فلاح ۽ بھبود جي نالي ۾ چڪلا ۽ بيگار ڪئمپون کولي ويٺيون آھن.
”ھا، منھنجي مرڻ کان پوءِ اوھان جو ۽ (خدانخواسته) تنھنجي موت کان پوءِ ماھتاب جو روايتي اصول موجب بار حفيظ (منھنجي پٽ جو نالو) اچي ٿو، روايت پٽاندڙ ھو ان بار کي کڻندو. ممڪن اھي پھرين اخلاقي فرض سمجهي کڻي، پوءِ کڻڻ تي مجبور ٿئي، مجبور ٿئي بيزار ٿئي ۽ اڳتي ھلي ھن بي مقصد ۽ اڻ – ڪارج زندگين جو بار ڍوئي ڍوئي ٿڪجي چڪنا چور ٿي پوي، سندس زندگي زھر بڻجي وڃي. نيٺ ھي ڪٿان جو انصاف آھي، ڪٿان جو اخلاقي فرض آھي، ڪٿان جو اصول آھي، جو بيڪار ۽ بي مقصد زندگين، جن جو سماج جي ڪنھن به اداري ۾ ڪارج ڪونه آھي، نه رڳو اھو پر سندن زندگي مٿن خود بار بڻيل آھي. اھو ٻين تي مڙھي، انھن کي زندگيءَ جي نعمتن کان محروم رکيو وڃي! انھن جي حياتي جي وھ ڪئي وڃي.
زليخا، مان توکان پڇان ٿو : فرض ڪر مان دل جي حملي سبب اوچتو اڄ يا سڀان مري ٿو وڃان، (جيڪو منھنجي خيال ۾ ناممڪن ناھي) منھنجي مرڻ کان پوءِ، ڪجهه عرصو تون ماھتاب جي پرگهور جو فرض يا مقصد پاڻ تي مڙھين. جيئري رھن لاءِ توکي نه ڪارڻ آھي، نه زندگيءَ لاءِ ڪو موھ. ھا، تون مونکي ٻڌاءِ ته محض ھڪ چريءَ ۽ بيڪار ڌيءُ کي زندھ رکڻ لاءِ، زندھ رھڻ ۾ ڪھڙي ڏاھپ آھي! زليخا، مونکي ٻڌاءِ . . . . . . . .
ھو سوال جي نشاني بڻجي مون ڏانھن ڏسندو رھيو ھو. مون کيس ڪابه ورندي ڪانه ڏني. منھنجي سوچ جي صلاحيت ختم ٿي چڪي ھئي مان عجيب قسم جي بي حسي محسوس ڪري رھي ھئس ۽ ڪابه ورندي ڏيڻ بجاءِ مون خود سوال بڻجي سندس منھن ۾ ڏٺو. ھو ان مھل سگريٽ پي رھيو ھو. سگريٽ ڇڪڻ ۽ آڱرين جي اعصابي لرزش منجهان مونکي اندازو ٿيو ته پاڻ بيچيني جي ڪيفيت مان گذري رھيو آھي. مون کي گهٽ ۽ ٻُوساٽ محسوس ٿيڻ لڳو. مان اتان اٿي پنھنجي ڪمري ۾ ھلي آيس. مون سندس ويچارن تي شعوري طور ۽ سسٽم موجب سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه نٿي سمجهه ۾ آيم ۽ نه ئي ڪجهه سمجهيو ٿي. اھا سڄي رات بيچينيءَ ۽ ڀوائتن ويچارن ۾ گذري. مونکي ماھتاب تي ڏاڍو پيار اچي رھيو ھو. ھو خاموش موڳي ۽ پُرسڪون ھئي. مون کيس ماني کارائي، ڏاڍو پيار ڪيو ۽ ڳراٽڙيون پائي رُنو.
اھا رات به سندس دل جي تڪليف ۾ گذري. جيڪا ڄاڻ مونکي ٻئي ڏينھن صبح تي پئي ته سندس دل ۾ سور جو سٽون اڀريون ھيون. پر ھن مونکي نه ٻڌايو. خير، ٻيو ڏينھن اداس ۽ خاموش گذريو، ائين ڄڻ ڪوئي مري ويو ھجي. البت منھنجي جهلڻ جي باوجود ھو، ڊاڪٽر سان ملڻ جي بھاني ٻاھر نڪري ويو ۽ ڪلاڪ کن کان پوءِ گهر واپس آيو.
ٽئين ڏينھن صبح جو مان جيئن ماھتاب کي نيرن جي ماني کارائڻ لاءِ سندس ڪمري ڏانھن وڃي رھي ھيس ۽ ان مھل پاڻ ورانڊي ۾ آرام ڪرسي تي ڪنھن سوچ ۾ ٻڏل ويٺو ھو، چيائين: ”بس، ماھتاب کي نيرن جي ضرورت ڪانه آھي.“
منھنجو ھنياءُ ٻڏي ويو، ”ڇو؟“
”ھوءَ ختم ٿي چڪي آھي.“ ھن بظاھر ته اطمينان ۽ سڪون سان چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس اندر ۾ جو ڪجهه وھي رھيو ھو اھو کانئس لڪي نه سگهيو. سندس آواز بدليل ھو ۽ ڪنبڻي گاڏڙ: ”دفن کان پوءِ مان ٿاڻي تي وڃي اعتراف ڪندس . . . .“
مون ڏانھن نھارڻ کان سواءِ ئي ھو اٿيو ۽ اندر ڪمري ۾ ھليو ويو.
”منھنجا ھواس بلڪل خطا ٿي چڪا ھئا.“ مرحوم جي پٽ ٻڌايو:
”منھنجي شادي کان پوءِ بابي سائينءَ خود ئي مونکي ڌار رھڻ لاءِ صلاح ڏني، چيائين: ھي دور گڏيل گهراڻن جي شڪل ۾ رھڻ جو دور ناھي . وڌيل شعور ۽ انفراديت جي شديد احساس جي گهرج آھي ته، ھر ڪنھن کي، ڪنھن به وڏي جي بالادستي کان سواءِ آزادي سان اپڙڻ ۽ اسرڻ، اڳتي وڌڻ ۽ ڦھلجڻ جو موقعو ۽ آزادي ڏني وڃي. تون ھاڻي پنھنجي پيرن تي بيٺل آھين ۽ سماج ۾ اسان کان الڳ، جن توکي ڄڻيو آھي، ھڪ خودمختيار يونٽ جي حيثيت رکين ٿو. پٽ ھينئر تون پنھنجي زندگيءَ جو پاڻ ذميدار آھين . . . . دراصل مان به انھي خيال جو ھوس ته مائٽن کان الڳ رھان ۽ مان الڳ رھڻ لڳس.
ھن واقعي کان ھڪ ڏينھن اڳ يارھين وڳي ڌاري پاڻ معمول جي ابتڙ منھنجي آفيس ۾ آيو. ظاھر آھي ته کيس اوچتو ڏسي مونکي ڪجهه کٽڪو ٿيو. پر سندس ورتاءُ مان ڪنھن به قسم جي ڳڻتي واري ڪا ڳالھه پڌري ڪانه ٿي. چيائين
”ڊاڪٽر سان ملڻ ويو ھئس سوچيم اڄ تو وٽان به ھڪ رائونڊ ھڻي وڃان پوءِ ھتان ھتان جون ڳالھيون، ڳالھين دوران ھڪ ڀيري چيائين، پٽ دل جو مريض آھيان بنا اطلاع ڪيڏي مھل به ھن دنيا کي ڇڏي سگهان ٿو. پر جنھن ڳڻتي ڳاريو آھي، سا آھي ماھتاب جي مسقبل جي . . . .
”مون سندس انھي ڳالھه کي فطري ۽ عام رواجي سمجهندي (جيڪا ھن حالت ۾ ھر پيءُ کان متوقع ٿي سگهي ٿي) چيو، ”بابا اوھان ڪنھن به قسم جي ڳڻتي نه ڪريو، اڃا اوھان جي حياتي وڏي آھي، پر اميد رھو.“ پوءِ پاڻ ئي ھن موضوع کي ختم ڪندي چيائين، ” پُٽ، انسان ڪيترو به پر اُميد رھي، پر ھنن حالتن ۾ ھھڙي قسم جا ويچار اچڻ سڀاويڪ ته آھن، خير ڇڏ انھن ڳالھين کي.“
پوءِ ھِتان ھُتان جون ڳالھيون ڪري، موڪلائي ھليو ويو.
ڊاڪٽر ٻڌايو.
”واقعي کان ھڪ ڏينھن اڳ، مرحوم ساڍي نائين ڏھين ڌاري مون وٽ آيو. سندس ڳالھين منجهان مونکي ڪٿي به سندس اصل نيت جو ڪڻي جيترو به احساس نه ٿيو. ڳالھين دوران ھو بلڪل نارمل پئي لڳو. اسانجن ڳالھين، جنھن کي بحث چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، جو موضوع زندگي ، زندگي جو مقصد، ماھتاب جي لاڳاپي سان نارمل ۽ ائبنارمل انسان جي زندگي ۽ موت جي لاڳاپي سان نارمل ۽ ائبنارمل جي زندگي ۽ موت ۽ انھي لاڳاپي سان رياست جون جوابداريون وغيره ھو. جيتري قدر مونکي ياد پوي ٿو ھڪ ڀيري چيائين، جڏھن زندگي (پوءِ ڪيتري به دلڪش ڇو نه لڳي) خود عذاب بڻجي وڃي، تڏھن ھن عذاب کان ڇوٽڪاري جو واحد رستو زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ آھي. يا زندگي، زنده رھڻ جي ڏس ۾ جدوجھد جو ٻيو نالو آھي، جيڪو انسان جدوجھد نٿو ڪري سگهي، ساٿ ڏئي نٿو سگهي جيڪڏھن انھن کان زندگي کسي وڃي، ته اھو ڪو گناھ نه آھي ۽ اھڙي قسم جون ٻيون ڳالھيون، جيڪي ھينئر سمجهه ۾ اچن ٿيون ته ھو ماھتاب کي ذھن ۾ رکي ئي ڪري رھيو ھو ۽ اھي ڳالھيون ان وقت سندس ذھني ڪيفيت ۽ سوچ جي انداز کي ظاھر ڪن پيون. بھرحال مان پوري ويساھ سان چوان ٿو ته وڪيل صاحب اھي ڳالھيون بلڪل نارمل حالت ۾ چيون ۽ مونکي انھن ڳالھين منجهان سندس اصل نيت جي ذرو به پروڙ نه پئجي سگهي. ھو مون کان پوڻين يارھين ڌاري موڪلائي اٿيو.
ڏوھ مڃيندي مرحوم وڪيل صاحب جيڪو بيان ڏنو، انھيءَ منجهان ڪي ٽڪڙا:
(وڪيل صاحب جي گهريلو بيان جو ڳپل ڀاڱو سندس گهر واري جي بيان جھڙو آھي، انھي ڪري ورجاءَ جي ڪوفت کان بچڻ لاءِ سندس بيان مان ڪي ٽڪر ڏجن ٿا.
. . . . . کيس مارڻ کان پوءِ، منھنجو ضمير ھينئر به مطمئن آھي. نيٺ ھن چريءَ جو دنيا ۾ ھجڻ يا نه ھجڻ مان کيس پاڻ کي يا سماج کي ڪھڙو فائدو؟ سندس موت جو انتظار ڪرڻ کان اڳ (جيڪو کيس اوس اچڻو ھو) کيس مارڻ ۾ سندس ڀلائي ھئي. ھيءَ حقيقت پنھنجي جاءِ تي ھڪ پنھنجي پاڻ شاھدي ڏيندڙ (Self evidence) سچائي آھي . . .
. . . . جڏھن مان اسپارٽين جو ذڪر ڪيان ٿو، تڏھن منھنجو مطلب اھو ناھي ته ڪمزور ۽ نٻل ٻار کي ڄمندي ئي جبلن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي. اھو دور ٻيو ھو، اڄ سائنسي دور آھي ممڪن آھي ۽ (اڪثر ڪري) اھي نٻل ٻار اڳتي ھلي سگهارا ٿين، پر مان جيڪا ڳالھه ڪرڻ چاھيان ٿو، انھيءَ جو بنياد ھيءُ آھي ته: اھي انسان جيڪي زندگيءَ جي تبديليءَ جي جدوجھد ۾ شريڪ نٿا ٿين، يا نٿا ٿي سگهن، جو منجهن اھڙو ست ناھي، ته پوءِ اھي رڪاوٽ بڻجن يا ٻين انسانن مٿان بار بڻجڻ بجاءِ، بھتر آھي ته پنھنجو انت آڻين. ڇاڪاڻ ته ھونئن به حياتي مٿن بار آھي، سواءِ ڪارج جي زندگيءَ جو بار ڍوئڻ ڇا حماقت ناھي.
نيٺ ماھتاب کي زندھ رکڻ مان ڇا ھڙ حاصل؟ محض مائٽن جي جذباتي تسڪين جي پورائي لاءِ! جڏھن ته مائٽ خود محسوس ڪن ٿا ته ھوءَ، مٿن بار بڻيل آھي – منھنجي آڏو ٻه رستا ھئا: يا ته ھن کي ماري ڇڏيان (جيڪو رستو مون اختيار ڪيو) يا ته کيس ڪنھن تجربيگاھ ۾ موڪليان، ته جيئن باقي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ تجربا ڪيا وڃن.
جيتوڻيڪ کيس مارڻ ڪري مونکي سخت صدمو رسيو آھي ۽ افسوس ٿيو آھي، پر منھنجو ضمير ۽ شعور بلڪل مطمئن آھي . . . .
. . . . . . . مان ھينئر اطمينان سان مرندس.
ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل ڊاڪٽرن جي ٽيم گڏيل راءِ ڏني ته سول اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾، جوابدار فوتي گل محمد وڪيل، جنھن پنھنجي چريءَ ڌي کي ماري، انھي جو اقرار ڪندي، پاڻکي قانون آڏو پيش ڪيو ھو ۽ دل جي مريض ھئڻ سبب کيس سول اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ پوليس جي نگراني ھيٺ رکيو ويو ھو رات جي اڍائي بجي ڌاري دل ٽٽڻ سبب مئو آھي.

ڊاڪٽرن ھي راءِ به ڏني ته، جيڪڏھن وڪيل صاحب کي بروقت طبي امداد ڏني وڃي ھا ته سندس جيئري رھڻ جا امڪان وڌيڪ ھئا.
(بيشڪ جڏھن وڪيل صاحب نه مري ھا ته ھيءُ ڪيس انساني لاڳاپن ۽ سماج جي اھم مسئلي بابت ھڪ انوکو ۽ دلچسپ ڪيس ثابت ٿئي ھا.)