آس / نراس: ماڻڪ
جنھن دؤر مان اسان گذري رھيا آھيون، جڏھن تاريخ جي ڦيٿن کي، تاريخ جي قاعدن ۽ انسان جي تخليقي سوچ بدران اُرھ زورائي سان پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. انھن حالتن ۾ قومي ادب وسيلي اظھار وڏي اھميت رکي ٿو: پر جيڪڏھن وڌاءُ کان ڪم نه وٺون ته: جنھن حالتن مان اسان گذري رھيا آھيون، تن ۾ ادب، ٺلھو ادب پيدا ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه نه آھي، پر ھڪ ساھ پساھ کڻندڙ، سرت رکندڙ ۽ ساڃھه ڀريو ذھن رکندڙ جي حيثيت سان اسان تي ٻيون به گهڻيون ذميواريون پون ٿيون. اھي ذميواريون جيڪي واڙيل ۽ خاص طور نسل ڪشي جي شڪار ٿيل وارن ساڃھه انسانن تي ٻڌل قوم تي پون ٿيون. ھن ڏس ۾ ادب جي اھميت ۽ ان جي ڪردار کان انڪار ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ اھڙين حالتن ھيٺ، جن مان اسان گذرون پيا ادب نھايت نمايان ۽ ڀرڀور ڀاڱو ورتو آھي. ۽ نه رڳو پاڻ – سجاڳي يا ساڃھه، جيڪا پنھنجي ئي کل ۾ بند ٿيل ھجي، ڪو نتيجو ڪڍي ٿي، جيستائين ان کي، ڦرندڙ ۽ تاريخي گهرجن پٽاندڙ عملي روپ نٿو ڏجي. ادب يا اديب به ھن کان آجو ڪونه آھي، ڀلا ٻيو ڪجهه به نه ٺلھو ذڪر ته ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته : اديب / قوم جي ذميدار ڪردارن مان ھڪ آھي.
ڪنھن به قوم جي وجود جي ناتي سان گڏ، تخليقي ادب کان انڪار ڪرڻ – ته سچائي کان مُنھن موڙڻ آھي، پر اکيون بند ڪرڻ پڻ. جو ڪجهه وس ۾ آھي، ۽ قاعدن قانونن جي زنجير ۾ ڦاٿل، پر اتساھ سان ڀريل، ۽ جئري جاڳندي احساس سان ٽٻ ٽار ٿيل، جيڪڏھن اھا ڳالھه کليل لفظن ۾ چئجي ته: قومي ڏوھ جو احساس – ٽياس تي ٽنگيل نوجوان، پنھنجي ذاتي، قومي ۽ مان واري جياپي لاءِ اوسر ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ، ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ پاڻ پتوڙيندا رھن ٿا. ادب جي تخليق انھن روين مان ھڪ آھي. ڄڻڪ گهاٽي ڪاري ڪڪر ۾ ڦاٿل، سج مان نڪتل ترورو، جئري جاڳندي، پر وڪڙ ۾ آيل، ڦاٿل پساھ جي ھڪ انساني ناتي، سماجي طور قومي وجود رکندڙ ساڃھه ۽ حساس، انسان جي پنھنجي سڃاڻپ ۽ قومي آئڊنٽٽي جي بقا لاءِ، پاڻ کي جيئرو رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ، آڪاش سان پاڻ ملائڻ لاءِ ۽ دنيا جي قومن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائڻ لاءِ.
پر اسان لاءِ بنيادي سوال آھي. سڀ کان پھرين پنھنجو جياپو، قومي سڃاڻپ سان. ھن وقت جن حالتن مان اسان گذرون پيا، انھن پٽاندڙ جيڪڏھن اسين ٺلھو ۽ ٺلھو رڳو ادب تي ڀاڙينداسين (ادب جي اھميت کان انڪاري نه ٿيندي) ته اھا تاريخ سان ۽ پنھنجي وجود سان ويساھ گهاتي، دغا ۽ پاڻ ٺڳڻ جي برابر ٿيندو. ھن مامري ۾ ھي حقيقت ڪنھن به حالت ۾ اسان کي ذھن ۾ رکڻ گهرجي ته اسين نه روسي آھيون، نه ويٽنامي، نه ڪيوبائي ۽ نه ئي وري آفريڪي. بنيادي تبديلن جي ڏس ۾ ٻين جي تجربن مان سکي ۽ پرائي ته سگهجي ٿو، جو اھي تجربا، پوءِ سماجي تبديلين جا ھجن يا سائنسي اوسر جا، ڪنھن خاص ملڪ جي، قوم جي ميراث نه ھوندا آھن، پر پوري انسان ذات جي ملڪيت ھوندا آھن. ان مان اھو مطلب نه وٺڻ گهرجي ته : اسان جيئن جو تيئن انھن جي ڪاپي ڪيون. قومي بقا ۽ اوسر جي بنيادي تبديلين ۾ تخليقي سوچ ته بنيادي عنصر آھي، پر تاريخ مان پرائيندي، قوم جي نفسيات، مزاج، حالتن، ڦيرن ڦايرن ۽ ويرن جي اٽڪلن، چالن کي به آڏو رکڻو پوي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ئي پنھنجي سرجڻ، بقا ۽ اوسر لاءِ پتوڙڻ جي حڪمت عملي ۽ ٽلن ۽ اٽڪلن جي جوڙجڪ ڪرڻي پوي ٿي، وقت ۽ موقعي مطابق ڦيرڦار ٿي پوي ٿي. اڳواٽ گهڙيل ۽ ٿاڦيل نظرين (Degmes) جي پوئواري، انڌي جي لٺ آھي، جيڪا گهڻو ڪري پنھنجن کي ئي ٿڙي لڳندي آھي. ھن ڏس ۾ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر . . .
ادب ۽ حياتي ڄڻ ڪو ھڪ ٻئي لاءِ ئي جنم ورتو آھي. جتي ادب زندگي مان تخليق ٿئي ٿو. اتي، ادب به زندگي کي تخليق ڪري ٿو. اسان وٽ اڄڪلھه جيڪو ڪجهه ماٺي ماحول جي باوجود ادب /شاعري سرجي ٿي پئي، ان ۾ وقت جي اولڙي سان گڏ. خاص طور فارم ۾ ڪيترائي ۽ سٺا ۽ ڪامياب تجربا ڪيا ويا آھن. ادبي لحاظ کان اسان جي آڏو انھن جي اھميت آھي، جو اسين پنھنجي فني اظھار جا ڪيترائي روپ پڌرا پيا ڪيون. البت ھن ڏس ۾ لاڙي جي خيال کان، ڪيترن ئي ادبي – فني اختلافي مسئلن مُنھن ڪڍيو آھي. مثال طور ڀاڄوڪڙائپ (Escapism) فراريت، نراسائي، رجعت پسندي، اُبھام، تجريت، ذھني مونجهارا وغيره. اُن کي ليکڪن ۾ پيدا ٿيل نراسائي چئي سگهجي ٿو، پر ٻئي سري سان ڏٺو وڃي ته تاريخ جي سچائي کي پيش ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ ته، جنھن دؤر مان اسان گذري رھيا آھيون، ان ۾ ھڪ بي وس ماڻھو حياتي کان بڇان ڪري سگهي ٿو. البت جيتري قدر نراسائي يا بي مقصديت جو لاڳاپو آھي، سا ھڪ عام فضا آھي. ڪارڻ پڌرا آھن. سڀڪو ئي ڄاڻي ٿو. اڄ جي ليکڪن جو ڏوھ اھو آھي ته اھي، تاريخ سان سچار آھن، جڏھن ان جو اھڙو اظھار ڪن ٿا، جيڪو اظھار ، اسان جي ھلندڙ تاريخ جو ڀاڱو آھي. ھن حقيقت کان انڪار ڪرڻ اکيون پورڻ برابر ٿيندو ته: سماجي/ قومي گهوٽ الي ۾ جيڪڏھن مثبت سگهه (positive force)سگهاري نه آھي ته ذات جو بحران، ھڪ منطقي نتيجو ٿئي ٿو.
اھا نراسائيءَ جي فضا ھوندي به ائين چوڻ ڪونه جڳائي ڇاڪاڻ ته اديب جو ذھني معيار عام ماڻھو جي ذھني معيار کان پختو ھوندو آھي. (جيئن ته اديب ساڳي ئي ماحول ۾ رھندي به عام ماڻھو کان شعوري طرح اڳڀرو ھوندو آھي) پر سماج ۾ لاشعوري ڪيفيت مان سرجيل نراسائيءَ جي رنجھه ڪنجھه ڀوڳيندي، ليکڪ کي گهرجي ته پنھنجي لکڻين ۾ اتساھ جاڳائيندڙ آئيڊيل ڪردار تخليق ڪري. جيئن ”نراسائي اميد جو وڳو پھري.“
مايوسي ليکڪ جي ذھن تي ڪڏھن ، ڪڏھن ته گهڙي کن لاءِ ايندي به آھي. جيئن شاھ جي من تي – ”ڪڏھن، ڪڏھن ھينئڙا وڻين نٿو مورُ.“
بس نراسائي ۽ مايوسي ليکڪ جي من تي ڌرڻو ماري ويھي نه رھي. اُھا مايوسي به سونھين جيڪا اميد جي آسري ۾ ھوندي آھي. منھنجي ليکڪ لاءِ ڏنل ھنن لفظن تائين راءِ، منھنجي نظر ۾ اڄ جي سچار ليکڪ لاءِ آھي.
ڪن کان رڳو انڪساريءَ سان اھو سوال آھي ته: انقلاب جي بنيادي گهرجن پٽاندر، ٻين لفظن ۾ (Objective and Subjective) حالتن ڇا ڪيو آھي. ماڻھن سان لاڳاپي جا ڪيترائي روپ آھن، گهرجن پٽاندر انھن منجهان اتساھ پيدا ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ ھاڻي فرض ڪيون، ته رڳو ليکڪ جو مامرو آھي ته: ٺلھو الزام ھڻندڙ، ھٿ ٺوڪيون بزرگن ۽ پنھنجي تجربي جون لٻاڙون ھڻندڙ ليکڪن ڪھڙيون مثبت ۽ تعميري وکون کنيون آھن. ٻڌي يا تنظيمي ڏس ۾ مڙني کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ؟ ھي ڪنھن جو فردي سوال ناھي، پر تاريخ جو سوال آھي.
ماڻڪ
نواب شاھ
09 12 1981