ٻاھر ٻاڦ نه نڪري
ھن کي ياد آيو: شاديءَ کان اڳ، جڏھن اڃا سندس عمر ٻارنھن سال کن ھئي. ھڪ رات اوچتو ئي اوچتو، سس پس تي اک کلي ۽ ڏٺائين ته ماڻس ۽ پڻس واري کٽ خالي آھي، صفي واري بتي پئي ٻري ۽ اھو سس پس جو آواز اندران اچي رھيو آھي. سندس دل ڌڙڪڻ لڳي. ھو اٿي ۽ پاڻمرادو، ڄڻ ڪا اندروني قوت، کيس آھستي آھستي، پير پير ۾ پائي، صفي جي در وٽ گھلي آئي. در جي ڳڙڳن مان ھن اندر نھاريو. اندر ڏسڻ سان، سندس ھينئن ۾ ڄڻ ڪنھن چڪ وڌس، دماغ ماؤف ٿي ويس، ڄڻ ته ان ۾ دونھون ڀرجي ويو ھجي، سندس جسم مان ھڪ ٽاٽ اڀريو، جنھن لوندڙين وٽ اچي ٺڪاءَ ڏنو. شرم ۽ نفرت وچان سندس منھن جو پنو ئي لھي ويو. سندس اکيون پورچي ويون ۽ ھن پاڻ کي، ذھن جي دونھين ۾ ٻوساٽجندڙ محسوس ڪيو. ھي پھريون دفعو ماڻس جو ڌڪار ۽ نفرت ڀريو چھرو دونھاٽيل چھرو، سندس ذھن ۾ اڀريو ھو ۽ ننڍپڻ کان سندس ذھن ۾ ويٺل ماڻس جو مقدسائيءَ وارو خاڪو، بم سان اڏايل عمارت وانگر پاش پاش ٿي ويو ھو. ھو پنھنجي بستري تي آئي. اھا سڄي رات کيس ننڊ ڪانه آئي ھئي. عجيب ڦيرو ڏٺو ۽ اھو کيس بنھه نه وڻيو. ان کان پوءِ ھو سدائين ماءُ کي ڪجهه اجنبي نظرن سان ڏسندي ھئي، يا ماڻس کيس سچ پچ ائين لڳندي ھئي ۽ کيس، سندس لاءِ، ماڻس جي پيار مان بڇان نظر ايندي ھئي.
ھوءَ بدنو کڻي، پاڻي سان ڀري، آڳر جي ڏيڊي واري ڪنڊ ۾ پيل منجيءَ تي اچي ويٺي. ھڪ ڊگهو ٿڌو ساھ ڀري، ھٿ ڌوئڻ لڳي. ھٿ ڌوئيندي ھن چوڌاري اڱڻ ۾ نھاريو. اڱڻ جي ساڄي پاسي پيل کٽ تي سندس ننڍي ڀيڻ صابي ۽ ننڍو ڀاءَ اڪو ستا پيا ھئا. پريان آخري ڇيڙي واري کٽ تي پڻس ستو پيو ھو، بيپرواھ، ان کٽ تي ٻيو وھاڻو خالي پيو ھو. ان جي ڀرسان سندس کٽ ھئي، جنھن تي سندس ٻن سالن جو ڪڪو اگهور ننڊ ۾ پيو ھو. پنھنجي ابھم ڪڪي تي نظر پيس، کيس پنھنجو اھو ٻار زندگي جو ھڪ ڳورو ۽ پچر نه ڇڏيندڙ بوج لڳو.
”ڪھڙن ويچارن ۾ پئجي ويئي آھي امان، جود ڪر ڄاڻ سج اُڀريو.“ ماڻس غسلخاني مان اشھد ڪلمون پڙھندي، وار ڇنڊيندي نڪتي ۽ سندس ڀرسان لنگهي، سندس منھن ۾ نھاري، وري ستل ٻارن ڏانھن ٻلھار ويندڙ نھار ڪري، پوتي ٺاھي وڃي مصلحي تي بيٺي. ماڻس جي اھا نھار کيس اندر جلائيندڙ ٺٺولي لڳي. ڀرسان لنگهڻ وقت، ماڻس جي وار ڇنڊڻ ڪري، پاڻي جا ڦڙا سندس منھن تي اچي پيا ھئا، انھن ۾ لڪس صابڻ جي ھلڪي ھلڪي خوشبو رچيل ھئي. اھا خوشبو کيس ڏاڍي وڻي. ھن ماڻس کي وڃڻ وقت ڏٺو، سندس ھلڻ جي چال بدليل ھئي. پولھه جي لوڏ ۾ جواني وارو اڙٻنگ موڙو ۽ ڳالھائڻ ۾ مٺاس، جنھن ۾ مامتا واري ڳنڀير جذبي جي بجاءِ، ماڻيل امنگ کان پوءِ چنچل نخري سان خوشي جو اٿاه جذبو ڀريل ھوندو آھي. مصلحي تي بيٺل ماءُ کي ترڇيل نگاھن سان ڏسي ، دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي، ”مئي، چاليھن سالن جي عمر ۾ به پاڻ کي جواڻ جماڻ پئي ڀانئي.“ اتي ماڻس کيس، ماءُ کان وڌيڪ عورت لڳي. سندس جسم ۾ ڪتڪائي اڀري ۽ بجلي جي ڪرنٽ وانگر، انگ انگ ۾ ڦھلجي ويس. واڻ واري منجي تي ويٺي، ٻئي اڀا ڪيل گوڏا سولا ڪيائين، انھن تي ٻنھي ٻانھين جون ٺونٺيون رکي، ھٿن جي ٻنھي ترين سان پنھنجو منھن جهلي سوچڻ لڳي. پيار ۽ پيار جي سٻنڌ به ڪھڙي نه عجيب لذت ڀري چيز آھي، جو ان جي ماڻڻ سان، اسان کي ھر شيءَ پياري ۽ وڻندڙ لڳي ٿي. ھر ماڻھو زندگيءَ سان پيار ڪرڻ لڳي ٿو. اھا ئي امان آھي، ھون صبح جو اٿندي آھي ته نماز کان وٺي نيرن پوري ٿيڻ تائين ٻارن کي پئي چھڙون ڏيندي آھي ۽ ھاڻي ڪيئن نه سڀني تي ٻلھار نھار ڪري وڃي مصلحي تي بيٺي آھي . . . “
”ائي امڙ ڪڪي ماءُ، توسان آھي ته خير، ٻڙي پھر ٿيو اٿئي وضوءَ کي، ڄڻ ڄمي وئين آھي، جلد ڪر ڄاڻ سج اڀريو.“ ماڻس پھرين رڪعت کان پوءِ سلام ڀريندي چيو.
انھي آواز ڄڻ کيس گھري ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريو. جلد جلد وضو ڪري، پوتي ٺاھي، ماڻس جي پاسي کان، پٺڀرو مصلحو ٺاھي وڃي نماز ۾ بيٺي ۽ نيت ٻڌي چپن ۾ الحمدالله شروع ڪيائين، سندس چپ مشين وانگر چُرڻ لڳا، پر ذھن ۾ سُر سُر ٿي، پيار به ڪھڙي نه عجيب شيءَ آھي . . .
”ائي امڙ” ھن ماءُ جا لفظ ذھن ۾ ورجايا، انھن لفظن جي چوڻ جي ڍنگ ۾ ڪيڏو ته اونھو ۽ ڳتيل پيار ڀريل ھو ۽ چاھت جو جذبو. پيار جي ميلاپ ۾ اھا ڪھڙي خاصيت آھي، جو اھو مامتا کي به اڀاري ٿو ۽ وڌيڪ زندھ رھڻ جي آس کي پيدا ڪري ٿو! پيار کان سواءِ زندگي زھر آھي! سندس ذھن ۾ سُر سُر وڌندي رھي ۽ ٽٽل بند کان پوءِ، ڇڙواڳ سيلاب وانگر، خيال پلٽجڻ لڳا. ٽي سال اڳ، ھن کي پنھنجي شادي واري رات ياد آئي. سڄو ڪمرو خوشبو سان ٽمٻٽار ھو ۽ مڙس جي اچڻ کان اڳ اڻ ڄاتل خوف مٿس حاوي ھو. ان وقت کيس ننڍپڻ جي اھا رات ياد آئي ھئي، جڏھن ھن چوري چوري در جي ٽنگ مان، پنھنجي ماءُ پيءُ کي اگهاڙو ڏٺو ھو ۽ انھن جي خلاف نفرت ۽ ڌڪار سندس جسم جي رڳ رڳ ۾ پيھجي وئي ھئي. اھو واقعو ياد اچڻ سان، کيس شادي کان نفرت ٿيڻ لڳي ھئي. در جو چيڪٽ ٿيو، چيڪٽ ٿيڻ سان، سندس دل جي ڌڙڪڻ اوچتو تيز ۽ دماغ ماؤف ٿيڻ لڳو، گهوٽ اندر آيو، ھن کيس پيار ڪرڻ شروع ڪيو، کيس ان مان بڇان اچڻ لڳي، گهوٽ جي ھٿ چراند وڌندي رھي، پيار ڀريا ٻول، پر انھن مان سندس دل کي ڪوبه ڇھي نه سگهيو. چميون، ھو انھن ۾ ججهڪ محسوس ڪري رھي ھئي. گهوٽ جا ھٿ سندس لسي بدن تي ترڪڻ لڳا، آھستي آھستي ھيٺ ٿيندا ويا، ارھن کان ھيٺ، پيٽ ٿي ڦري، ٿڌڙا ڪڍي، ھيٺ سرڪڻ لڳا آھستي آھستي، کيس ڪجهه تبديلي جو احساس ٿيڻ لڳو، اھو احساس ته ھٿن جي ڇھاءَ ۽ ڀاڪر مان کيس ڪجهه مزو اچي رھيو آھي ۽ اھو احساس ته نفرت ۽ خوف جي مٿان ھڪ اڻ ڄاتل لذت ڇانئجڻ لڳي آھي، اھا لذت آھستي آھستي وڌندي وئي. کيس لڳو ته ڄڻ اھا اڻ ڄاتل لذت، سندس جسم جي ڪن ڳجهن حصن ۾ دٻيل ھئي جا ھاڻ آھستي آھستي پڌري ٿي رھي ھئي. اھو لطف وڌندو رھيو ۽ ھوءَ بيخود ٿيندي ويئي، سندس انگ انگ مان بي چين خواھش تڙپي اٿي، سندس سڄي بدن ۾ ھڪ سياٽو اڀريو، جنھن منھن کان ٿيندو، پنين تائين ڏوڏي ڇڏيس، سندس جسم جي ٻوٽي ٻوٽي ڦڙڪي اٿي، بدڪو ڏئي، گهوٽ کي چھٽي ويئي ھئي.
اھو ياد ايندي، نماز ۾ بيٺي بيٺي سندس سڄي بدن ۾ سياٽو ڊوڙي ويو. ٻانھن سان ڇاتي تي ھٿ رکيو بيٺي ھئي، تن کي وٺي زوري ڀڪوڙيائين، ڄڻ ڪنھن کي ڀاڪر ۾، اندرين اڌمي وجھان، پاڻ ڏي ڇڪيندي ھجي.
”ائي امان ڪڪي ماءُ، مئي چاق ته آھين؟ ھي توکي صبح لاڪر ڇا ٿيو آھي؟ “ ماڻس جا نماز پوري ڪري، ڪڏھوڪو رڌڻي ۾ چانھه ٺاھي رھي ھئي، تنھن جي سڏ کيس سجاڳ ڪيو. ھن محسوس ڪيو ته ھوءَ نماز ڇڏي الاءِ ڪيڏانھن وڃي نڪتي آھي. ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنائين، چپن ۾ ڀڻڪيائين، ”نعوذ باالله، مئو شيطان“ وري منڍ کان الحمد شروع ڪيائين جيئن تيئن رڪوع مان ٿيندي سجدي ۾ وئي، اٿي بيٺي.
”آخر امان کان مون کي ايڏي نفرت ڇو آھي؟ ھن مونکي پاليو آھي. مان به ته ھاڻي ماءُ آھيان، پنھنجي ڪڪي جي نيپاج لاءَ ڇا ڇا سھڻو پيو اٿم امان به ته اھو ئي سٺو آھي“ پوءِ به مون کي ڪڏھن ڪڏھن امان کان چڙ ڇو ٿي وٺي؟
ھوءَ بيٺي بيٺي پنھنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي، پر ان جي جواب ڄاڻڻ کان اڳ، ماڻس جو اڻ لکي ھمدردي، ڏيا، مامتا واري ڳنڀير چھري جو تصور اچي ويس. سندس منھن تي ڏک جا تاثر اڀريا، گلو ڀرجي آيس، اکيون ڀڄي ويس، چپن ۾ ڀڻڪائين، ”امڙ، او منھنجي جيجل! منھنجي مڙس کي تو ته ماريو ئي ڪونه آھي، پوءِ جڏھن صبح جو توکي وھنجندو ڏسي، ان جو مطلب سمجهي، خبر ناھي ڇو توکان ساڙ محسوس ٿيندو اٿم. ھيءَ ته پنھنجي پنھنجي تقدير آھي جيجان!“ نيڻن جا ڳوڙھا ٽمڻ تي آيس ھن زوري اکيون ڀچي، ھيٺين چپ کي چڪ ھڻي ڳيت ڏيئي، تري آيل ڳوڙھن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ھن ڇوري کي اڄ الاءِ ڇا ٿيو آھي، ويٺي وضو تي پھر چٽ، بيٺي نماز ۾ ڄڻ ڄمي ويئي آھي.“ سندس ڪنن تي ماڻس جو آواز پيس، ماءُ جا اھي لفظ کيس ايڏا ته اگرا لڳا، جو بڇان اچڻ لڳس. چند پلڪ اڳ، جو ماءُ لاءِ پنجھائپ جو جذبو اڀريو ھئس، سو مٽجي نفرت ۽ چڙ ۾ تبديل ٿي ويو کيس ساڙ محسوس ٿيو.
جيئن تيئن نماز پوري ڪري ٻھاري کنيائين. پھرين صفي کي ٻھاري ڏيڻ لڳي. پر ڪم تي دل نه وريس، کيس ھن روز روز جي ڪم مان ڪوفت ٿيڻ لڳي روز مشين وانگر، اٿي نماز پڙھي، ٻھاري ڏيڻ، ٿانو ملڻ، پوءِ ٽوپو ڏيڻ، زندگيءَ تيليءَ جي گهاڻي وانگر پئي ڦري، جنھن ۾ رست ست، سڄي ڏينھن جي پورھيئي ۾ چوسجيو وڃي. کيس سامھون گهر واري نينگر خورشيد جيڪا ڪاليج ۾ پڙھندي آھي، ياد آئي، ”ڇوري ڪھڙي نه الھڙ آھي، چيلھه کي موڙو ڏئي، سينو سيٽي ھلندي آھي ته جواني تيز ڦوھاري وانگر اڇلون ڏيئي ٽمندي اٿس. اٿس ڪو الڪو! چمڪندڙ ٽيڊي ڪپڙا پائي ھلندي آئي، ته ڄڻ پنھنجو پاڻ کي ڪنھن جو مٽ نه سمجهندي آھي. ٽيڊي ڪپڙن ۾ ھلڻ وقت پولھه ته ٻت ٻت ڪندو اٿس، پر اڳيان ارھ به سوٽ ڏاڙھون وانگر شيڪيل ھوندا اٿس، سي به سوڙھي ريشمي چولي ۾ ڄڻ بلبن وانگر ٽم¬ ٽم ڪري پيا جرڪندا آھن.“ کيس ان تي رشڪ اچڻ لڳو.
سندس ھٿ ۾ پاڻمرادو آھستي آھستي ٻھاري ھلي رھي ھئي ته ذھن به. پنھنجي ليکي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي، ”پر منھنجي عمر ۾ به ته ڪا ويل ڪانه آھي. اھائي ٽيويھه چوويھه سال ٿيندم مس. ويھن ۾ ھئس، شادي ٿيم، سال کن کان پوءِ ڪڪو ڄايم، بس ترت ئي مرحوم پاڻ نڌڻڪو ڪري ويم، ۽ ھاڻ! لڳان ته وقت کان اڳ ڄڻ پوڙھي پئي. ڀلا سڄو ڏينھن پئي اندر ئي اندر پچان پڄران، ٻاھر ٻاڦ نه ڪڍان، سو وقت کان اڳ مڙھي نه ٿيندئس ٻيو ڇا ٿينديس ، ھاڻي زندگيءَ ۾ رھيو ئي ڇا آھي، ائين ئي، اندر ئي اندر، پچي پچي رک ٿي ويندس.“ سندس بدن دکڻ لڳو، منھن تي اٻاڻڪائي ڇانئجڻ لڳس، جا ڄڻ اندر ۾ دکيل دونھين جي تاءُ ھئي. صفي کي ٻھاري ڏئي، ورانڊي ۾ آئي. گوڏن تي ھٿ رکي، ھيٺ اوڪڙو ويٺي ته چيلھه وٽان سور جي سٽ اڀريس. ٻھاري ڏيندي اڳتي وڌي، لڱ لڱ جهرندو محسوس ٿيس ۽ پنين وٽ ڄڻ ڪنھن چڪ وڌا ھجنس. ٻھاري ڏيندي چوڌاري نھارڻ لڳي. ساڳيون ئي شيون، ساڳين جاين تي پيل ھيون، جيئن ننڍي ھوندي کان، ھن گهر ۾ ڏسندي آئي ھئي. پر ھن کي پنھنجي ئي ھن گهر ۾ ڪجهه اجنبيت محسوس ٿيڻ لڳي، ۽ پنھنجو پاڻ کي ھن گهر ۾ مھمان سمجهڻ لڳي. اچانڪ منجهس خواھش اڀري ته، ھن کي پنھنجو گهر ھجي، جتي ھو گهرڌياڻيءَ ھجي، ھن کي پنھنجو گهر ياد اچڻ لڳو، ۽ سندس دل ۾ لاشعوري طور ھڪ ڇڪ ڏيندڙ سڪ پيدا ٿي ته انھي گهر کي ڏسي.
اڃا ٻھاري ڏيندي ورانڊي جي اڌ تي پھتي ھئي ته ماڻس سڏ ڪيس، ”ائي امان، اچ ڪڪي کي ماني کاراءِ.“
ٻھاري ڦٽي ڪري رڌڻي ۾ آئي، سندس ڪڪو روئي رھيو ھو، ”بابا کي ماني ڏئي اچان؟“ ھن پنھنجي پٽ تي مٿاڇڙي نھار ڪري، سامھون چلھه جي ڀرسان ويٺل ماءُ کان پڇيو.
”نه، مان پاڻھي ٿي ڏئي اچانس، تون پنھنجي نينگر کي سنڀال، صبح مرداني رينگٽ شروع ڪيو اٿائين“ ماڻس ائين چئي، ماني دٻڪيءَ تي رکي، ھڪ ھٿ ۾ کڻي ٻئي ھٿ ۾ چانھه جو ڪوپ جهلي، مڙس کي ڏيڻ لاءَ اٿي. ھن ماءُ جي منھن ۾ ڏٺو، اھو پيار وچان ٻھڪيو پئي، ماني کڻڻ جي انداز کي ڏٺو، ان ۾ چاھت ھئي، سندس ھلڻ جي چال کي ڏٺو، ان ۾ جواني واري چنچلتائي پئي جهلڪي، ماني کي ڏٺو، اڄ معمول کان وڌيڪ گيھه پيل ھيس، ھڪ دفعو ذھن وري بولاٽي کاڌي، اندر مان ڪروڌ، ساڙ ۽ بغض سر سر ڪري اڀرڻ لڳس.
سندس ڪڪو رينگي رھيو ھو. سندس توجھه اوڏانھن ڇڪي. مانيءَ ٽڪر ڀڃي، پٽس کي بي دلو، مٿي تي ھٿ ڦيري، مٿاڇڙي ٻچڪار ڏئي چيائين، ”کاءُ، شاباش پٽ کي.“ پٽ کي ائين مٿاڇرو پيار ڪرڻ، کيس ڪجهه عجيب ۽ اندر ۾ ڄڻ ڪجهه چڀندڙ لڳو ۽ اھو کيس ڀلي ڀت محسوس ٿيو ته سندس پيار رکو، مامتا جي جذبي کان وانجھيل ۽ کوکلو آھي. پر اھو احساس به مٿاڇرو ھو، ان کان وڌيڪ شدت سان، کيس ائين لڳو ته، سندس اھو پٽ دل جو ٽڪرو نه، پر ھڪ بوجه آھي، جيڪو مٿس زوري مڙھيو ويو آھي، جنھن کي ھوءَ کڻڻ لاءِ مجبور آھي.
ماڻس موٽي اچي چلھه جي ڀرسان منجيءَ تي ويٺي. ان جي پٺيان سندس ننڍو ڀاءَ، ڳچيءَ ۾ ڪتابن جو ٿيلھو وجھي، ڳوھيل اٽي واري پاٽ لتاڙي ماءٌ جي ھنج ۾ اچي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين، ”امان خرچي ڏي.“
”جهل خرچي، منھنجا پرين.“ ماءُ پٽ جا ٻنھي ھٿن سان ڳل وٺي، پنھنجي ويجهو آڻي، سندس نرڙ تي چمي ڏئي، رئي جي پلاند مان ڏھ پيسي ڪڍي، سندس ننڍڙي ننڍڙي ھٿ جي تريءَ تي رکندي چيو، ”سنڀالي وڃ اسڪول پٽ، روڊ تي مئا لارين وارا، ائين ٿا ھلائين جو جڳ جھان جي خبر ڪانه ٿي پوين.“ ۽ وڌيڪ ٻچي کي آسيس ڏيندي چيائين ، ”چڱو ھاڻي الله نگھبان.“ پٽ کي ويندي ماڻس ڏٺو، سندس نيڻن ۾ ، مامتا وارو مقدس پيار ۽ مستقبل لاءِ نيڪ خواھشون ڀريل ھيون.
ماءُ کي پنھنجي پٽ سان پيار ڪندو ڏسي، ھن کي دل ۾ وڍ ڏيندڙ چھڪ آيو. جيتوڻيڪ اھو سندس ڀاءَ ھو. پنھنجي پٽ کي ڏٺائين، جيڪو ھڪ اک تي پنھنجو ابتو ھٿ رکي، ھوڏ ٻڌي، منھن سڄايو سڏڪا ڀري رھيو ھو، کيس ھڪ ڇٻي آئي، ستل ممتا جو جذبو ڀڙڪو ڏئي اڀريو، اھو جذبو جيڪو اندر ئي اندر، جلندڙ آگ ۾ جلي جلي رک ٿيندو پئي ويو.
”کاءُ منھنجا سدورا پٽ، شابي منھنجا مٺڙا.“ نانس نينگر کي پيار وچان ٻچڪار ڏئي پرچائڻ لڳي. پٽس لاءِ ماڻس جو اھو پيار کيس دل ڏاريندڙ طنز ۽ ذلت ڀري خيرات لڳي. سندس رت ڄمي ويو، اچانڪ خودبخود سندس ھٿ اٿيو، ٺڪاءَ ڏئي پٽس جي ڪچڙي ڳل تي ڦھڪو ٿيو، ڳل تي چنبي جو ڳاڙھو نشان ٿي بيٺو. چماٽ سان گڏ سندس وات مان نڪري ويو، ”ڳري ويا تو ته زندگي زھر ڪري ڇڏي آھي مئا موت به نٿو اچيئي.“ سندس آواز ۾ روئڻھارڪي لرزش ھئي.
”اَئي مئي، خير گهر. ابھم آھي نيٺ ته تيسو ٻار جو ڪم آ.“ ماڻس کيس ڇڙٻ ڏني ۽ ڏوھٽي جا ڳوڙھا اگهندي وڏي پيار ۽ پاٻوھ مان چوڻ لڳي: ”نه منھنجا لال، مان گهور وڃان. آ تون مون ڏي آ.“ ائين چئي، ٻئي ھٿ اڳتي وڌائي ٻانھيون ڊگهيون ڪري، ڏوھٽي کي کڻڻ لڳي. اھا ھن کي ھڪ چٿر لڳي: جنھن ۾ انبار طعنن تنڪن جا ھجن، ھن پٽ کي ماءُ جي ھٿن مان ڦري، ٻاھر آڳر ۾ اچي کٽ تي سٽيو ۽ ماني ٽڪر سندس وات ۾ وجهندي، اندر جي باھ مان چيو، ”ھان وٺ ڏر، مئو پاڻ ته مري ويو ھي جزا مٿي ۾ ھڻي ويم.“ کيس سيني ۾ ھڪ ٻوجھه محسوس ٿيو، مٿي کي ڦيري آيس، اکيون ڀرجي آيس، ڄڻ اکين مان پاڻي نيسارا ڪري وھندس. سندس دل چيو، وڏيون وڏيون اوڇنگاريون ڏئي روئي دانھون ڪري، اھڙيون اوڇنگارون، جيڪي جواڻ جماڻ مڙس جي موت تي ڪيون ھئائين. اندر جي گھراين مان زور سان اوڇنگارون ڏئي رئڻ جي ڀرڀور خواھش ھيٺ، ھيئن ۾ ڇٻي ڏيندڙ ھڏڪي آيس. پر ھوءَ روئي نه سگهي. سواءِ ان جي جو سندس اکين مان ٻه ٽي ڳوڙھا رئي جي پلاند سان اگهي، نڪ ۾ آيل گويي کي ھٿ ۾ زور سان سڻڪي ڦھڪو ڪري اڇلايائين، جيڪو ڀت تي ٿڦجي پيو ۽ آھستي آھستي ھيٺ رڙھڻ لڳو.
سج ڪافي مٿي چڙھيو ھو. معمول پٽاندڙ ماني کائي ھوءَ رڌڻي ۾ نيرن تي ٿڦيل ٿانون کي ڌوئڻ لاءِ ويٺي. ماڻس ماني ڪري، رڌڻي مان اڳئي اٿي اڱڻ ۾ آئي ھئي. ھن راتوڪو کيرھاڻو گلاس کڻي ان ۾ اڃا ڇار ملي ئي مس ته ماڻس رڌڻي ۾ آئي. پنھنجي منھن تي پيار گاڏڙ ھمدردي جو تاثر آڻي. سندس منھن ۾ غور سان ڏسي چوڻ لڳي، ”اما رضو!“
”ھون . . . . . “ ھن رکائي مان وراڻيو.
”توکان ھڪ ڳالھه پڇان؟“
”ڪھڙي؟“
”ھي مڙس جي مرڻ کان پوءِ توکي ڪڏھن ڪڏھن توکي ڇا ٿي ٿو وڃي“ ماڻس ڏک وچان ڌيمي چوڻ لڳي، ”اما، اھا رب جي رضا ھئي ، ڀلا ان تي ڪنھن جو وس ھو. ڌيءَ، مون کان تنھنجي اھا حالت ڏٺي نٿي ٿئي، تون مونکي ڏس، آخر توکي روڳ ڪھڙو آھي؟“
”ڪجهه به نه امان“ ھن مٿاڇري نموني ورندي پر دل کي ڪا سٽ آيس.
”نه امڙ، ڪو ته روڳ اٿئي ڇا مون کي به ٻڌائڻ ۾ شرم ٿي محسوس ڪرين. مان ته تنھنجي ماءُ آھيان.“ ماڻس سندس منھن ۾ چتائي ڏٺو.
”نه نه اما، ڪجهه ناھي، بس اھئين ڪڏھن ڪڏھن طبيعت ملول ٿي ويندي آھي.“ ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري، ھيٺيئن چپ کي چڪ ھڻي وراڻيو.
”بس اُھيئن ڇا؟“ ماڻس تڪڙو حجتي سوال ڪيس. وري ڪجهه ڌيري ۽ پاٻوھ مان چيائين، ”ڪجهه ته آھي ڌيءَ، ڀلا چري ماءُ کان به لڪائين ٿي؟“ ماڻس پيار ڀرين نگاھن سان منھن ۾ ڏٺو.
”ڀلا “ گهڙي پلڪ رکي، ماڻس سندس منھن ۾ نھاري، ”ڀلا” لفظ تي ڪجهه زور ڏئي.
”ڀلا“ کانئس ڇرڪ نڪري ويو. وري ڌيرج سان چوڻ لڳي، ”نه اما، ڪجهه ڪونھي.“ سندس منھن تي لڄ وچان لالائي پکڙجي وئي، سيني ۾ اندر ڄڻ بيٺل پاڻي ۾ ڪنھن پٿر اڇليو ۽ ان ۾ اوچتي چرپر ٿي. ڪنڌ شرم وچان ھيٺ جهڪي آيس، بدن کي ٿورو لوڏي، مٿي تي پوتي چڱي طرح سرڪائي انھي کي ٺاھيائين.
رڌڻي ۾ ٻئي ماءُ – ڌي خاموش ھيون.
”ٿانو مان ٿي ڌوئيان تون ڪڪي کي کڻي وھنجارينس ۽ تون به وھنج. رن منھن ئي سڄائي ڇڏيو اٿئي. “ ماڻس خاموشي ٽوڙيندي کيس گهري پيار ڀرين نظرن سان ڏسندي چيو.
”نه اما، ٿانو ڌوئي وڃي وھنجان ٿي.“ ھن رکائي مان چيو.
”اٿ منھنجي سدوري.“ ماڻس سندس مٿي تي ھٿ رکيو ۽ ٻاراڻي نموني کيس پاٻوھ مان چيو.
رڌڻي مان ٻاھر اچي ھن ڪڪي کي کنيو ۽ نل مان پاڻي جي بالٽي ڀري غسلخاني ۾ گهڙي، ڪڪي کي وھاري پاڻ ڪپڙا لاھي ڪليءَ ۾ ٽنگڻ لڳي. ڪپڙا لاھيندي دل ۾ چوڻ لڳي، ”مان به ڪھڙي نه خودغرض آھيان اجايو ٿي امان کان جلان.“ ڪجهه پلڪ خاموش رھي وري چوڻ لڳي، ”امان نيٺ به ته عورت آھي تنھن کان سواءِ ماءُ، کيس نه ڇٻي ايندي ته ٻيو ڪنھن کي ايندي.“ ”ڀلا“ ھن ماءُ جا لفظ ورجايا، ان جو مطلب ڇا ٿي ٿي سگهيو، منھن جي اندر جو روڳ پروڙي ورتائين. ھا، نيٺ به عورت آھي، سندس منھن تي ڳاڙھاڻ آئي بدن ۾ حرارت محسوس ٿيس. پنھنجي ننگي بدن کي ڏٺائين ڪجهه عجيب محسوس ٿيس. نرڙ اڳيان آيل وارن کي ڪنڌ جو جهٽڪو ڏئي پوئتي ھٽايائين، پنھنجو کاٻو ھٿ منھن تي آڻي ڳٽي تي ڦيرائڻ لڳي. ڳٽو گرم لڳس، ھٿ آھستي آھستي ھيٺ سرڪڻ لڳس. ڪنڌ کان ٿي بغلن وٽ آندائين. پوءِ ارھن جي بِنڊڻن وٽ آڱر ڦيرائڻ لڳي، سڄي بدن ۾ گرمي وڌندڙ محسوس ٿيس. ڪاٺ جي تاڪي تي اوڪڙو ٿي ويٺي. ھٿ جي ھن ڇھاءُ سان سندس بدن ۾ حرارت وڌندي رھي ۽ ھڪ عجيب قسم جو سرور اچڻ لڳس. ھٿ جي ڇھاءُ سان اھو سرور وڌندو ويس ۽ اکيون ڌيري ڌيري پورجڻ لڳس. اوچتو سندس پوري جسم ۾ ڪتڪتائي ڏيندڙ ڏڪڻي اڀري جنھن سڄي بدن کي لوڏي ڇڏيس. اکيون کوليائين سندس ڪڪو پاڻي سان کيڏي رھيو ھو. ڪڪي جي پاڻيءَ ۾ ھٿن جا ٿاڦوڙا ھڻڻ ڪري پاڻي جا ڇنڊا کيس پئي لڳا، انھن مان زندگي بخشيندڙ لطف آيس. پٽ جي بي پرواھي سان کيڏڻ ۽ پاڻي جي ڦڻگڻ ۾ گد گد ٿيڻ کيس ڏاڍو وڻيو. پيار جي اندروني جذبي جي شدت وچان جهٽ ڏئي پٽ کي کنيائين ۽ ڇاتي ۾ لڪائي پٺي تي پيار ڀريون ٿڦڪيون ھڻڻ لڳس. وري پٽ جا ڳل پنھنجي ڳلن سان ملائي سندس ڳٽن تي، چپن تي، نرڙ تي، اکين تي چميون ڏيڻ لڳي. کيس لڳو سندس اندر ۾ ڪا بي چين ھلچل آھي. مضطرب آنڌ مانڌ آھي، ڪو طوفان آھي. ھن پوري قوت سان ٻچي کي ڇاتي سان ملائي ھڪ ڪري ڇڏڻ چاھيو. ھوءَ جذبات جي انھي طوفان ۾ پيار جي ٿٻڪين کائڻ ۾ مڱن ھئي ته مٿان ماڻس جو سڏ ٿيس ، ”ائي رضو، دير لاتئي، ٻيو پاڻي کپيئي؟“
”نه اما، اجهو آيس“ ھن اندران ورندي ڏني.
”ماءٌ جي آواز تي ھڪ دفعو وري کيس پنھنجي ۽ ماڻس جي وچ ۾ ماءُ – ڌي اڃا به وڌيڪ عورت عورت جي وچ ۾ پنجھائپ واري گھري جذبي جو احساس ٿيڻ لڳو: دل ۾ چيائين، ”امان ضرور بابي سان ڳالھه ڪري سندس لاءِ ڪٿي ڳالھيون ھلائيندي، پر ڪٿي؟“ ھو ويچار ۾ پئجي ويئي ۽ خيال ئي خيال ۾، پنھنجن ويجهن مائٽن جا ڇڙا ڇانڊا مرد نظر مان ڪڍڻ لڳي. ممو، سندس سؤٽ ممتاز، جانٺو جوان، ھلندو آھي ته مردانگي انگ انگ مان بکندي اٿس. پر، پر ھن ته شاديءَ کان ئي مرڳو انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ماسيءَ جون ٽي نينگريون ساماڻيون ويٺيون آھن انھن کي به ٺپ جواب ڏئي ڇڏيائين. وڏي ماسات جا ته وار به اڇا ٿي رھيا آھن. ٻيو ڪير آھي؟ ھو پنھنجي مائٽن جي ڪنوارن مردن کي ھڪ ھڪ ڪري نظرن مان ڪڍندي وئي. پر ڪنھن نه ڪنھن ڪارڻ سڀني مان نااميد ٿيندي وئي. اچانڪ سندس ذھن ۾ ھڪ چھرو اڀريو. عبدو لالي جو، جيڪو سندن گهر جي سامھون ھڪ ننڍڙي مانڊڻي کوليو ويٺو آھي ۽ ان تي ننڍيون ننڍيون شيون وڪڻي پيٽ گذران ڪندو آھي.“ ڪو گهرگهاٽ به ڪونه اٿس، سمھندو به انھي مانڊڻي ۾ آھي. آھي شايد ڇڙو ڇانڊو، مئو گهوري ته ڪيئن ڏسندو آھي، جڏھن به ٻاھر ڪيڏانھن وڃڻ وقت گهٽي مان لنگهندي آھيان، ھونئن به سڄو ڏينھن پيو مان جي دري مان تڪيندو رھندو آھي.“ سندس دل ڪجهه ڌڙڪڻ لڳي ۽ لالي عبدوءَ جي شخصيت ۾ پاڻ ڏانھن ڇڪ محسوس ڪيائين ، ”شايد منھنجي لاءِ پيو واجهائيندو آھي.“ پر اوچتو نراسائي ۽ ياس بي پاڙي وانگر سندس جسم کي وڪوڙجڻ لڳي. ”پر ھو ته ڌاريو آھي، ذات ته ڇا قوم به ڌاري آھي.“ نااميديءَ جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي، کيس پنھنجي انتھائي مظلوميت ۽ قيد ھجڻ جو احساس شدت سان ٿيو. ”آخر عورتن سان ايڏو ظلم ڇو؟“ ھو سوچڻ لڳي، ”مرد ته چار شاديون به ڪري سگهن ٿا، پر عورت لاءِ بيوه ٿيڻ به عيب آھي. نه نه، ھي انصاف ناھي. الله سائين وڏو ظلم ڪيو آھي. شايد . . . . . “ ھو ڊڄي ڊڄي سوچڻ لڳي، ”شايد الله سائين به مرد آھي، نالو ته مردن جھڙو اٿس ۽ نبي به سڀ مرد موڪليائين.“ ڊپ سندس عضوي عضوي ۾ بيھندو ويو، وار ڪانڊارجي ويس ۽ اچانڪ وات مان نڪري ويس. ”نعوذ باالله ھي مون ڇا چيو، ھي ته ڪفر آھي. يا منھنجا رب مونکي معاف ڪري ڇڏ.“ پر کيس تعجب وٺي ٿو ته انھيءَ معافي ۾ اھا دل جي سچائي ڪانه آھي ۽ کيس لڳو ته جيڪو ڪجهه چيو اٿائين، اندر ئي اندر مان اھا گواھي پئي ملي ته سچ اھو آھي. مٿاڇري دل سان ڀڻڪي، ”پر اھو ته ڪفر آھي“ ڄڻ اندر ئي اندر مان ڪو چويس ٿو، ”ھو ته سچ آھي، نيٺ عورت سان اھا بي انصافي ڇو؟“
ھن ھڪ ڊگهو شوڪارو ڀري پاڻي جو ڪٽورو مٿان لاتو. وھنجي ٻاھر نڪتي. ماڻس جي غير معمولي ھمدردي نما پيار ھڪ دفعو وري کيس سونھري اميدن جي دنيا ۾ آڻي ڇڏيو.
رات جا ڏھ کن ٿيا ھئا. ھر ڪو ماني ٽڪي کائي، پنھنجي پنھنجي کٽ تي ستو پيو ھو، ماڻس، پڻس کي زور پئي ڏنا. سمورا ٻار ننڊ پئجي چڪا ھئا. ھو جاڳي رھي ھئي. سڌو سنئون ليٽي ٻانھن اکين تي رکيو ستي پئي ھئي. اندر ۾ آنڌمانڌ ھيس، ماڻس ڏانھن ڪن لايو سڄو ڌيان اوڏانھن ڪري ڇڏيو ھئائين ته سندس لاءِ ماڻس ڇا ٿي چوي، پر ماڻس خاموشي سان مڙس کي زور ڏيندي رھي. کيس ماءُ جي خاموشي تي ڏاڍا جک پئي آيا ۽ اندر جي اڻ تڻ بي چيني جي روپ ۾ وڌڻ لڳس.
ماڻس اٿي، سندس ڀر ۾ اچي ڪجهه پلڪ کيس ڏسي اڳتي وڌي بدنو کڻي غسلخاني ڏانھن وئي، شايد کيس جانچيائين پئي ته ننڊ ۾ آھي يا سجاڳ. ماءُ جي اچڻ تي ھوءَ ڇپ ماري ائين پئي رھي ڄڻ واقعي ننڊ ھجيس. ماڻس موٽندي ٻيھر کيس ڏٺو ۽ پوءِ مڙس سان وڃي گڏ ستي.
”رضو پيءُ، ڪجهه رضو جي باري ۾ سوچيو اٿو. نينگر اڃا ته جوان آھي . . . “ ھيءَ ماڻس جو آواز ھو. ماءُ جا اھي لفظ ٻڌي کانئس ھڪ وڏو ساھ نڪري ويو ڄڻ اھو ساھ اندر سانڍي رکيو ھئائين.
”ھا، مون کي به سندس الڪو آھي پر . . . . . . “ ھي پڻس جو آواز ھو. سندس ڪن وڌيڪ کڙا ٿيا.
پر ڇا، ڪٿي ڪو بلو ڪرينس، نينگرين لاءِ ڪي مڙس کُٽا.“ ماڻس چيو ۽ پاسو ورائي ھڪ ٽنگ مڙس جي ٽنگن تي ٻيڻي ڪري رکيائين .
“رضو ماءُ، اھو وقت ويو جڏھن نينگرين لاءِ مرد سڪندا ھئا. تون ڀانئين ٿي مون ڪو پنھنجي ليکي گهٽايو ھوندو.“
”ڇو، ڪنھن سان ڳالھه چوري اٿئي ڇا؟“
”ھا، ممو ماءُ کي چيم ممتاز لاءَ، پر ٺپ جواب ڏنائين. چي نڀاڳي آھي.“
پيءُ جا اھي لفظ ٻڌي سدس دل تي ڄڻ پٿر ڪريو. سموري بدن جون رڳون شيڪجي آيس. پر پاڻ تي ضابطو رکندي چپ رھي ۽ ڪن ڏئي ٻڌڻ لڳي.
”پر نيٺ ته منھن سر ڪبس.“ ھيءَ ماڻس ھئي.
آخر مان ڪھڙو ڪارو منھن ڪريان ٻن ٽن ھنڌن ڳالھه چوري اٿم. پر ھر ھنڌ جواب. ھڪ ته ڇوڪري جو پيءُ، وري ڳالھه به مان چوريان. آخر جڳ جھان ڇا چوندو. مان ته نااميد ٿي پيو آھيان. رضوءَ ماءُ، پنھنجي پنھنجي قسمت آھي، ڀلا اسين ڪري به ڇا ٿا سگهون، پنھنجو گهر اٿس، زندگيءَ جا چار ڏينھن ڏک سک ۾ گذاري وڃي پار پوندي .. .“ پڻس جي ڳالھائڻ ۾ ڪجهه ترشي ۽ نراسائي ھئي.
ماڻس چپ رھي ۽ پڻس وڌيڪ نه ڳالھايو.
ماءُ، پيءُ جي اھا خاموشي وڌيڪ کيس کائڻ لڳي. اکين آڏو اوندو اچڻ لڳس، سندس زندگي ھڪ جلندڙ کورو لڳي، جنھن ۾ پنھنجو پاڻ کي جلندو محسوس ڪيائين. پاسو ورائي ماءُ، پيءُ واري کٽ ڏانھن منھن ڪيائين ۽ اڌ اکيون کولي کين ڏسڻ لڳي. ماڻس پڻس کي ٻک وجھي ستي پئي ھئي. اکيون ٻوٽي پاسو ورائي ڀر ۾ سُتل پٽ کي ڀاڪر پاتو، پنھنجو ڳٽو ڪڪي جي ڳٽي تي رکيائين ۽ اکين جي ڪنڊن کان خاموش ڳوڙھا وھڻ لڳس، جي ڳٽن تان وھندا وھاڻي ۾ جذب ٿيندا ويا.
چوڏس 1975ع