ڪھاڻيون

حويليءَ جا راز

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ماڻڪ جي لکيل 18 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:
”ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي، ادب ۾ جوش، جذبو، نعريبازي، قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو. ھو نہ اجايو اميد پرست optimist ٿيو نہ وري ھن جوش جذبي کان ڪم ورتو، نہ وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس.
ھو ڪٿي بہ رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري نہ وري منافقي يا ٻھروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري. پر ھن زندگي جيئن آھي، سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو، جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي ٿو، انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو وٽس تيز آھي. ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو، پر زندگيءَ جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشہ پرُڪشش رھندي.“
  • 4.5/5.0
  • 1761
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حويليءَ جا راز

وقتائتو موت

. . . مري ويو!
خبر ناھي کيس مرڻ گهربو ھو يا نه. بھرحال مري ويو. اوچتو، صبح جو مئل ڏٺائونس. جيتوڻيڪ اھو وھم ۽ گمان ۾ به ڪونه ھو، ته ڪو ائين انھي عمر ۾، اوچتو مري ويندو. رات تائين بنھه چاق چڱو ڀلو ھو. ڪلھه شام، ستين ڌاري، پڻس پڇيس:
”ڪراچي انٽرويو ڏيڻ ڪونه وئين؟“
”ڇو؟“
”ڀاڙو ڪونه ھو.“
”پوءِ مون کي ٻڌائين ھا، يا ماڻھين کان گهرين ھا.“
چپ.
”وات ۾ لڦون اٿئي؟“
چپ.
”باقي کائڻ مھل ٻئي گوڏا ڀڃي اچي وھندين، نواب جو پٽ.“
”پيسا گهرندي شرم پئي آيو.“
”کائيندي شرم نٿو اچئي.“
چپ.
پوڙھي جي بڙ بڙ سمجهه ۾ نه ايندڙ . . .
چپ. جھڙي ڀت. بي جان بوتو .
انھي کان اڳ:
”رئيس وٽ درخواست کڻي ويو ھئين؟“
”ھا.“
”پوءِ ڇا چيو ھئائين؟“
”چيائين، مان ڪوشش ڪندس.“
”ٻيو ڪجهه به نه چيائين؟“
”نه.“
ڪنھن دفعي:
”رئيس وٽ ويو ھئين؟“
”نه بابا.“
”ڇو؟“
”ھن کان اڳ ڪيترا ڀيرا ويو آھيانس، ٽاري ڇڏيو اٿائين. مان سمجهان ٿو: ڏٽا ٿو ڏئي . . .“
”تون سمجهين ٿو . . . نوڪري توکي گهر ويٺي ملندي. ڪيڏانھن ويندي ڪونه باقي . . . حرام کائو. چئه ته حرام ھڏين پئجي ويو اٿم. ٻيا ڇوڪرا ڄڻ ڪوششون ڪونه پيا ڪن. ھن رئيس کي اصل ٿالھي ۾ رکي ڏجي.“
چپ.
اھا سندس خاصيت ھئي گهڻو ڪري چپ. گهٽ ڳالھائو. ڄڻڪه بلڪل نارمل، ٿڌو مزاج. ڪڏھن به ڪاوڙ: يا ڪنھن به قسم جي تاثر جا ڀَوَ سندس چھري تي نه اڀريا!
ماسس چيس:
”ابا، ھيترو پڙھيو آھين، تڏھن به نوڪري نٿي ملي؟“
”بس ماسي، ڇا ڪيان!“
”ڪھڙو امتحان پاس ڪيو اٿئي؟“
”ايم اي.“
”ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ ته ديڳ چڙھي پئي آھي ابا، ڪجهه ڪوشش ڪر.“
”ماسي ڪيان ته پيو.“
ماڻس چيو:
”جن ھن کان اڳ پاس ڪيو، تن کي به نوڪري ملي وئي، جيڪي ھن کان به گهٽ پڙھيل تن کي به نوڪريون ملن پيون، باقي ھن جو الاءِ ڪھڙو ڀاڳ ڦٽل آھي . . .“
”امان، ڪوشش ڪندو آھيان، جيڪا منھنجي وس ۾ آھي.“
”پوءِ به نٿي ملئي نه، اصل نڀاڳو آھين.“
”ھيڏي ٻڌ.“
”جيءُ، بابا.“
”ڪٿي ھئين ھن مھل تائين؟“
”اتيئي.“
”رلڻ پنڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم نه اٿئي.“
چپ.
”ٻڌ ڪو وزير ٿو اچي، عام ڪچھري ڪندو. تون درخواست کڻي وڃيس، ۽ سڄي حقيقت ٻڌائينس؛ غريب ڪلارڪ جو پٽ آھين، بابو ھڪ ڪمائڻ وارو آھي، ۽ ست ٻار . . .“
”انھي لاءِ ويو ھوس.“
”ڪيڏانھن؟“
”ڊي سي وٽ.“
”ڊي سيءَ وٽ ڇو؟“
”اجازت نامي لاءِ.“
”ته اجازت نامي کان سواءِ عام ڪچھري ۾ نٿو وڃي سگهجي؟“
”نه، بابا.“
”ڊي سي ڇا چيئي.“
چيائين: ”نوڪري لاءِ درخواست نٿي پيش ڪري سگهجي. اھو عام مسئلو آھي.“
پڻس چپ.
پاڻ به چپ.
ٻاھران آيو. رات ڳپل گذري ويل. پڻس در کوليندي پڇيس: ”ڪٿي ھئين ھن مھل تائين؟“
”اتيئي . . . بس دير ٿي وئي . . .“
ماڻس جاڳي. پڇيائين: ”ڪير آھي؟“
”تنھن جو کاٽو پٽ، ڪمائي آيو آھي.“
چپ.
ماني نه کائيندين! رئيس.“
”نه، بابا بک ناھي.“
جيتوڻيڪ کيس سخت بک لڳي ھئي!
”انٽرويو ڏئي آھين؟“
”ھا بابا.“
”پوءِ؟“
”انٽرويو ۾ ڪجهه نه پڇيائون. رڳو نالو، پيءُ جو نالو ۽ تعليمي لياقتون پڇي ڇڏي ڏنائون.“
”پوءِ آھي ڪو آسرو؟“
”الاءِ بابا . . . پر سڀني پئي چيو ته اپائنٽمينٽ اڳ ۾ ٿي چڪي آھي. ھي ءَ رڳو فارملٽي جي پورائي لاءِ آھي.“
”ھون.“