ڪھاڻيون

حويليءَ جا راز

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ماڻڪ جي لکيل 18 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:
”ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي، ادب ۾ جوش، جذبو، نعريبازي، قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو. ھو نہ اجايو اميد پرست optimist ٿيو نہ وري ھن جوش جذبي کان ڪم ورتو، نہ وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس.
ھو ڪٿي بہ رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري نہ وري منافقي يا ٻھروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري. پر ھن زندگي جيئن آھي، سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو، جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي ٿو، انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو وٽس تيز آھي. ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو، پر زندگيءَ جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشہ پرُڪشش رھندي.“
  • 4.5/5.0
  • 1761
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حويليءَ جا راز

ڪلارڪ جي پھرين تاريخ

ٽيون ڏينھن، ٽيھين تاريخ: جڏھن سندس سڀ کان ننڍي نينگر کيٽو ڪيو، پرچائيندي؛ ريجھائيندي چيائينس: ”پرھينءَ پھرين تاريخ آھي نه، پگهار ملندي ته پوءِ توکي رانديڪو وٺي ڏيندس، سٺو سٺو رانديڪو ڀان پان ڪندو آھي.“
انھيءَ تي سندس وچين ڇوڪريءَ رڙ ڪئي، ”بابا مون کي به.“
”بابا مونکي گڏيءَ وٺي ڏجانءِ، جنھن کي پڙو پيل آھي.“
”ھا پٽ توکي پڙي واري گڏي وٺي ڏبي، بس!“
انھيءَ کان وڏي ڇوڪري، جيڪا مڊل جي اٺين ڪلاس ۾ پڙھندي آھي، ھن مھل تائين چپ بيٺي ھئي: ”بابا“ لفظ کي سُر وٺائيندي چيو: ”بابا . . . اڳئين مھيني به اوھان جاميٽري باڪس وٺي ڪانه ڏني ھئي، مون کي مس ڪيترا ڀيرا ڪلاس مان ڪڍي ڇڏيو . . . چيائين ته جيڪڏھن ايندڙ مھيني نه آندءِ ته پوءِ تنھنجو نالو ڪڍيو ويندو.“
”ھا بابا، تنھن جي جاميٽري باڪس پھرين تاريخ ضرور وٺي ايندس.“ وراڻيائين.
ڪاليج جي پھرين سال ۾ پڙھندڙ سندس ڇوڪرو، جيڪو بنھه خاموش ويٺو ھو: اوچتو کيس يونيفارم جو خيال آيو. سندس نالو وٺندي چيائين: ”انور ھن مھيني تنھنجو يونيفارم پڪ ٺھرائي ڏيندس. ڇا ھي؟ خاڪي پينٽ ۽ اڇي قميص نه؟
”ھا بابا.“
”بس ڏاڙھي، تنھنجو يونيفارم ھن مھيني توکي تيار ملندو.“
پٽس خاموش رھيو، نظرون جهڪائي آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ لڳو.
جوڻس چيو: ”ھنن انگريز مُئن جو به الاءِ ڪھڙو ابتو حساب آھي. ھڪڙا مھينا ٽيھيان ٻيا ايڪٽيھان، تنھن کان ته سنوان سڌا سڀ مھينا ٽيھان ڪري ڇڏين ھا.“
”چري اھو حساب سال جي ڏينھن موجب ٺھيل آھي.“ کلي زال کي سمجهائيندي چيائين: ”انھيءَ ۾ انگريزن جو ڪھڙو ڏوھ.“
”پر ايڪٽيھين مھيني ۾ سڪي پگهار وارن جو روح رلي وڃي ٿو.“
جوڻس چيو ، ” . . . ۽ ھا“، کيس ياد آيو: ”وھاڻن جي ڇوئن جو ڪپڙو به وٺڻو آھي. وھاڻن جي حالت ڏسين ٿو. چادرون به ڦاٽي ويون آھن، حال في الحال انھن کي کڻي ڇڏ، وري ٻئي ڀيري پر ڇئون ته ضروري آھن، بافتي جا ٻه ٽي وال ڪري . . .“
”چڱو.“ جھيڻي آواز ۾ چيائين.
ٽيون ڏينھن، اڄ جي پھرين تاريخ وارو پراميد ۽ آس ڀريو سپنو ڪيڏو نه سندر ھو!
ويٺو آھي آفيس ۾ پنھنجي ڪرسيءَ تي. مليل ڪل پگهار: مھانگائي الائونس سميت پيسا 62 345 رپيا کيسي ۾ پيل. ذھن ۾ پيل فڪر، ڳڻتيون ۽ سوچ جون ڄياٽيون.
ڏيڻا آھن:
سيڌي وارو (راشن سميت) 00 250
کير وارو 75 62
ڌوٻي 50 15
جاءِ جي مسواڙ 50 15
نلڪي واري کي (ھيءُ به ھر مھيني
ڀيڻ جو ... کريو ئي کريو پيو آھي) 00 10
ٻارن جون فيون 00 50
دوائن جو بل 00 50
ورتل اوڌر 00 45
لائيٽ جو بل 00 13
( ۽ ھا! ھودي جو ٽيڪس به ڏيڻو آھي)00 9

ٽوٽل 62 545

جوڻس تي جک ٿا اچنس: ”سيڌو گهرائيندي ته اڳ پٺ جاچي ئي ڪونه.“ وري اوچتو ھڪ معقول خيال اچيس ٿو؛ ”مھانگائي آھي، پنجھتر ته اڳوڻا رھيل اٿس. باقي سو پنجھتر، جنھن ۾ کنڊ، گيھه، اٽو . . . گاسليٽ لوڻ مرچ، صابڻ ۽ الاءِ ڇا جو ڇا . . . ڪو گهڻا ڪونه آھن.
پگهار: 62 345 رپيا ۽ ڏيڻا آھن: 62 545 رپيا!

مٿو چڪرائجي وڃيس ٿو، ڀوانٽي! ڪمزوري محسوس ڪري ٿو ۽ نروس نيس. سوچڻ، حساب ڪري ڇڏي، ھڪ ڊگهو ساھ کڻي، ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي، سگريٽ ڪڍي ٿو ۽ ڪش ھڻي وري سوچڻ شروع ڪري ٿو.

سيڌي واري کي ھن ڀيري رڳو سؤ رپيا ڏيانس، باقي رکايانس، کير واري کي اڌ ڏيان (کير پيئڻ ڇڏي ڏيڻ گهرجي . . . اجايو)، ٻين کي به اڌ، اڌ ڏيان باقي مسواڙ ايندڙ مھيني ڪري ڏيان، ۽ ورتل قرض به گول.

سيڌي وارو (ھڻندو ته جھڳي پر خير) 00 100
کير وارو 00 30
نلڪي واري کي 00 10
بجلي 00 13
ھودي ٽيڪس 00 9
دوائن جو بل (نه ڏيان؟ ويھه ڏيانس ٿو) 00 20
فيون وغيره 00 50

ٽوٽل 00 232

ھاڻي؛ 62 345 رپيا
00 232 رپيا ڏيڻا

باقي 62 113 رپيا

تن ۾ سڄي مھيني جو خرچ، يونيفارم، انھيءَ جي سباڻي، ڀاڄيون ڀتيون، مٿيون خرچ . . .
ڀاڄيون وغيره (جيڪڏھن روزانو ٻن رپئين جي

ڀاڄي اچي ته، ) 00 60
سگريٽ ماچيس چانھه وغيره 00 15
فيملي پلاننگ جون گوريون (آپريشن ڪرائي
ڇڏيان پيسا به ملندا ۽ ھن مصيبت کان به) 00 3
انوءَ جو يونيفارم، سباڻي۽ ڪپڙو 00 50
جاميٽري باڪس 00 15
روزمره جو مٿيون خرچ 00 15

”ھتي ئي سؤ اٺيتاليھه ٿي ويا!“
ڪجهه نه سمجهه ۾ ايندڙ، ذھن ڳورو، ڄڻ ته مڻين بار اندر ڳتيل.
”ڇئون، ٻارن جا رانديڪا، سندس (جوڻس جي) چمپل به بنھه بيڪار ٿي وئي آھي، نه ٿي ڪڇي، صابرين آھي . . .“
اوچتو ھن مھيني شمشاد جي شادي به آھي. ڀاڻيجي آھي، مون تي حق اٿس. گهٽ ۾گهٽ جوڙو جوڙو ته لھڻي، نياڻي آھي . . . پنجاھين ۾ ٿي ويندو تنھن کان سواءِ ھن موقعي تي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوندو . . . قرض – ڪنھن کان؟ خدابخش جا اڳئي آھن، ھن مھيني به جڏھن ھن کي نٿو ڏيان ته پوءِ گهرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اڳ به بي عزتي ڪئي اٿائين. ستار کان گهري ڏسان، نه ته پوءِ . . .
اوچتو ڪنھن ٻوساٽيل، گهٽيل ۽ اونداھين کڏ ۾ ڪريل، گھيريل ۽ ڦاٿل ھجڻ جو شديد احساس ٿئي ٿو: ”ھيءَ به ڪا زندگي آھي! سڄو ڏينھن ڍڳي وانگر وھ، تڏھن به ھي حالت!“ بي خيالي ۾ سندس کاٻو ھٿ مٿي تي گھمي وڃي ٿو، جنھن تان وار کسي وڃي نالي ماتر بچيا آھن.
ڪمزوري محسوس ڪري ٿو، ڄڻ سمورو رت ڪنھن چوسي ورتو ھجيس يا ڊگهي بيماري مان اٿيو ھجي. ”گذري ويندو، جيئن ھن وقت تائين گذريو آھي. ھيءُ ته مقدر ۾ لکيل آئي.“ سڀ پنا ڦاڙي رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽا ڪري ٿو. ٻئي ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڃي ٿو. پوري بدن مان ٺڪاءَ نڪرنس ٿا.
”ھلون.“ آواز ٻڌي ٿو.
”ٽائيم ٿي ويو؟“ جهڪي لھجي ۾ سندس آواز – اٿي ٻاھر نڪري ٿو.
” . . . . . ڇئون، ٻارن جا رانديڪا، قرض ڏيندڙن جو ڪينو، منحوس منھن . . . “ ڳڻتيون ھڪ ڀيرو وري سندس وجود کي مکين وانگر وڪوڙي وڃن ٿيون.