ٽين انام ڪھاڻي
اڄ شھر ۾ دستور واري پرامن فضا ۾ ھلچل ۽ رونق جي ابتڙ وايو منڊل ڦريل ھو. دڪان بند، ھوٽلون خالي، شھر جي چرپر ۾ ٺاپر، گهٽيون ۽ رستا ويران ۽ انھي ويراني ۾ ھئي اداسي. اداسيءَ ۾ ھو اڄ ڄاتل ڀوائتو خوف ۽ ھنياءُ ڦاڙيندڙ ھراس. سمورو لوڪ پنھنجن گهرن اندر بند ھو ۽ سندس ساھ مٺ ۾ ھو. ھر ڪنھن جي ھنيئن ۾ ھراس جو تھه، پڪي ڄميل برف جي ڇپ جيان ايڏو ڳتيل ۽ گهاٽو ڇانيل ھو، جو رڳو گلاس ڪرڻ جي کڙڪي به، سندن دليون ڏھڪائي ٿي ڇڏيون – خالي ۽ سنسان روڊن تي، ڪي ٽولا ٻٽون ٻڌل، ڪي رائفلون ته ڪي ڪھاڙيون ڪلھن تي کنيو ٿي گھميا. سندن اکيون ڏياٽين وانگر ٿي ٻريون. ھلڻ جي چال ۾ بي ڊپائي، جرئت ۽ بھادري ۾ عزم ۽ ارادن اٽلپڻو، پنھنجي سگهه تي بانور ڪرڻ جھڙو ڀروسو ۽ تاڻيل ڇاتيءَ مان غرور ۽ تڪبر ٿي بکيو.
ھُل ھيو: سنڌ جي ٻن گبر پيرن جي مريدن جي وچ ۾ مقابلو آھي. ڏينھن چڙھندو ويو ساڙيندڙ ڪوسي لُڪ جا زوزاٽ وڌندا رھيا ۽ ڌرتي پڄرندي ٿي وئي. لوڪ جي مٺين ۾ پيل ساھ، اضطراب ۽ بيچيني ۾ وڌيڪ پيڙجڻ لڳو. تان جو ڦھڪاءَ ٿي ويا. ٺا ٺا: زئون زرڙاپ، ٺاٺا ڄڻ ڌرتي ٿي ڌٻي، رائيفلن ۽ بندوقن جي بارود جي بانس ۽ زوزاٽ ڪري، ڌرتيءَ تي پرڻ وانگر ٽنگ ڪندڙ گولين ڪري ناسي – ڀوري گرم گرم اڏامندڙ ڌڌڙ، ڌرتيءَ جنسي تاءُ جون الٽيون ٿي ڪيون ۽ ھيا، رانڀاٽ، گاريون، آواز، جوش ۽ جرئت ڀريا.
ڳپل مھل کان پوءِ خاموشي ٿي. ڄڻ ڌرتي ڌٻڻ بند ٿي. پر ھوا جا ڪوسا لھسائيندڙ جھوڪا ساڳي طرح تي لڳا. ۽ باقي چوڌاري سانت، موت جھڙي. ڪنھن ڪنھن مھل ڦٽيل جي ڪرڀ وچان دانھن ۽ ڪنجھڻ جو آواز. گهرن ۾ بند انسانن جون دليون ھيسيل ۽ اکيون ڪجهه ڄاڻڻ لاءِ آتيون، پر جرئت نه ۽ ٻاھر، واقعي واري جاءِ تي ھا لاش، ٽڙيل پکڙيل، اونڌا پاسيرا لاش، جي ڳاڻاٽي کان ٻاھر ھئا. لاش، جن مان ڪن جون اکيون بند ھيون ته ڪن جون کليل ۽ آسمان ڏانھن واجهائيندڙ، ڪن جا واٽ ڦاٽل ھيا ته ڪن جا بند، ڀڳل عضوا، چچريل جسم ۽ رت ۾ ٻڏل لاش، اڄ جي سھارن ۽ سڀان جي اميدن جا لاش – لاش، مائرن جي اکين جي تارن، ڀينرن جي آسن اميدن ۽ سھاڳڙين جي سھاڳن جا لاش، انھن انسانن جا، جي مئا ھئا، پنھنجو پاڻ لاءِ نه، پنھنجن ٻچن لاءِ نه ساڻيھه لاءِ نه، زندگيءَ جي خوشحاليءَ ۽ پيار جي بقا لاءِ نه.
۽ ھيا، موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي جي وچ تي بيٺل، ڦٽيل، چچريل، زخمن جي درد کان لڇندڙ ۽ ڪنجھندڙ زخمي ڪنھن ڪنھن وقت، درد جي شدت وچان انھن جي دانھن ٿي اڀري، نه ته سناٽو ڇانيل ھو ۽ ان سناٽي ۾ لَڪ جو گهوگهٽ ۽ ڪنھن مھل ڪنھن ڦٽيل جي دانھن ڪجهه ڀوائتي ۽ دھشتناڪ ٿي لڳي. سج آسمان جي وچ تي پھتو. سج جا سڌا ۽ تيز ڪرڻا ڌرتيءَ کي تئي وانگر تپائي رھيا ھئا. رت جي اُٻ، ھوا ۾ رت جي اُٻ گاڏڙ عجيب بوءِ. تيز ۽ دل ڪچي ڪندڙ. مٿان آسمان جي وسيع خلائن مان ڳجھن ۽ سرڻين جا لامارا.
ٻئي ڏينھن خبر آئي: ٻن پيرن جي مريدن جي وچ ۾ جهيڙو ، ٻه ٽي مئا ۽ ڳچ ڦٽيا.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ خبر آئي: سنڌ جي ٻن گبر پيرن جي وچ ۾ ٺاھ، چونڊن لاءِ تڪ ورھايا ويا. اختلاف ختم.
۽ پوءِ ساڳئي شھر جي ساڳين روڊن تان ٻنھي پيرن جون جيپون چيچاٽ ڪنديون، امن ۽ صلح سان لنگهنديون آھن، انھن مئلن مريدن جي روحن کي ڪچلندي، جيئرن مريدن جي ساڃھه، سمجهه ۽ عقل کي چيڀاٽيندي.