ڪھاڻيون

حويليءَ جا راز

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ماڻڪ جي لکيل 18 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:
”ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي، ادب ۾ جوش، جذبو، نعريبازي، قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو. ھو نہ اجايو اميد پرست optimist ٿيو نہ وري ھن جوش جذبي کان ڪم ورتو، نہ وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس.
ھو ڪٿي بہ رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري نہ وري منافقي يا ٻھروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري. پر ھن زندگي جيئن آھي، سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو، جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي ٿو، انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو وٽس تيز آھي. ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو، پر زندگيءَ جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشہ پرُڪشش رھندي.“
  • 4.5/5.0
  • 1761
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حويليءَ جا راز

ٻي انام ڪھاڻي

لڳاتار ٽن سالن کان پوءِ .....
يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس جي ورانڊي مان لنگهندي: ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڏانھن ويندڙ دروازي وٽ اوچتو مٿس نظر پئي! ھڪ اتفاقي حادثو. جنھن حادثي لاءِ جيڪڏھن ملي پوي ته پوءِ . . . . . بابت ڪيترا ڀيرا سوچيو ھئائين. اھا آھي، ساڳي ٿوري ڦير سان. ساڳيو اداس، ڳمڀير، وياڪل چھرو. سانورو ھن تبديلي سان ته سندس چھڪندڙ ۽ ٻھڪندڙ سانورائپ، جيڪا ڇڪ جو باعث بڻي ھئي. سا ڪاراٽيل ۽ ڪشش کان وانجھيل.
ھن جي نھارڻيءَ مان پڪ ٿيس ته، ھن کيس ڏٺو آھي. سندس دل ڌڙڪي، اندرين تبديلين ڪارڻ پنھنجي منھن جو رنگ بدلجندو ۽ نرڙ تي پگهر محسوس ڪيائين.
ايتري عرصي کان پوءِ ائين اوچتو: ملڻ تي جنھن جو في الحال وھم ۽ گمان به ڪونه ھئس، نه رڳو – سندس وجود ڌڏي ويو، پر ڄڻ ڳپل عرصو اڳ وڏي جاکوڙ کان پوءِ مروٽيل ۽ چيڀاٽيل ڏوھ جو احساس ڪر کڻي بيٺس. اھو سڀاويڪ ھو. ائين ڄڻ ورتل قرض کي وسارڻ کان پوءِ اوچتو سندس اڳاريندڙ ملي وڃي.
اندرين اٿل کي دٻائڻ لاءِ: حيرت ۽ خوشي پاڻ تي مڙھيندي، مرڪندي ڏانھن ڏٺائين. سندس ابتڙ، ھن جي منھن تي ھن اوچتي گڏجاڻيءَ ڪري، ڪابه تبديلي ڪانه. ساڳي ڳمڀيرتا، خاموشي چھري تي. منھن لڳاتار خشڪ، ڄڻ وينشنگ ڪريم لڳل ۽ چڱي طرح مھٽيل. (پر کيس ڄاڻ ھئي ته ھوءَ وينشنگ ڪريم استعمال نه ڪندي آھي) ھر عام رواجي ملاقات وانگر ٻئي ھڪ ٻئي کي ڏسندا رھيا، ڪي گهڙيون.
”تون ھتي ڪيئن. . . . “
”ايم ايڊ جي داخلا لاءِ انٽرويو ڏيڻ آئي ھئس.“
”ٿي ويو؟“
”ھا.“
”داخلا ملي ويندي؟“
”گورنمينٽ موڪليو آھي انھيءَ ڪري ملڻ ئي گهرجي.“
چپ، ڪي گهڙيون.
”تنھنجا ڪھڙا حال آھن؟“
”بس ئي . . . . ڪ ٿي.“
”ساڳي ئي ھنڌ آھين؟“
”ھا، ٺٺي ۾.“
”فيملي سميت.“
”ھا.“
کيس اھڙي قسم جي سوالن منجهان اوچتو ھڪ قسم جو ڊپ ٿيڻ لڳو. اھڙو ڊپ، جيڪو پنھنجي پر ۾ ڪاميابي سان ڏوھ لڪائيندڙ ڏوھاري کي، وڪيل جي آڏي پڇا تي، دل جي چور ڪري ٿئي. اھڙي قسم جي سوالن کان بچڻ لاءِ ھن ستت رٿ ڏني، گڏجي چانھه پيئڻ لاءِ.
ھن سندس منھن ۾ ڏٺو سوال بڻجي. ڄڻ ته اھا رٿ اڻ رواجي طور، اخلاق کان ڪريل، ڪنھن اڻ ڄاتل شخص کان، غير واقف عورت کي پھرئين ئي واٽھڙو گڏجاڻي ۾ ڏنل ھجي.
”ڇو؟“ حقيقت جي تھه کي پھچندي چيائين، ” مون سان گڏ چانھه پيئڻ پسند ڪندين؟“
علي بابا ريسٽورينٽ جي فيملي روم ۾ اچي ويٺا. سڄو رستو جيڪو پنجن منٽن جو ھو، خاموش رھيا. رستو ساڳيو ھو جنھن تان ٽي سال اڳ جڏھن بي ايڊ ۾ پڙھندا ھئا. ڪيئي ڀيرا لنگهي چڪا ھئا. ھوٽل به ساڳي ۽ فيملي ڪمرن منجهان ھڪ ڪمرو به ساڳيو. پاڻ به ساڳيا؛ ھڪ ماستر ۽ ٻي ماسترياڻي. سڀ ڪجهه ساڳيو ھوندي به، اوپرا اوپرا، ايڏو ويجهو ھوندي به، اڻ – ڄاتل!
ڪمري ۾ ڪجهه اُٻس ھئي. ھن کان اڳ ويٺلن، جي شايد ڪا گهڙي اڳ اٿي ويا ھئا، جي ڇڏيل گرمي، سگريٽن جي دونھين جي بوءِ سان.
”آئس ڪريم.“
”نه – چانھه.“
”گرمي آھي.“
”توکان شايد وسري ويو آھي ته مان چانھه جي وڌيڪ پياڪ آھيان. گرمي ھجي يا سردي.“
ھينئر کيس ياد آيو ته ھو اعصابي ڪمزوريءَ ۽ وائي جي سور ڪارڻ، ٿڌو ڪڏھن به نه واپرائيندي آھي ۽ نه ئي پکي جي ھوا ھيٺان وھندي آھي.
سندس جهلڻ جي باوجود ھن چانھه ٺاھي.
”تون ڪڏھن دادو ويندين؟“
”سڀاڻي.“
”انٽرويو بلڪل پورو ٿي ويو؟“
”ھا.“
دراصل ھن چاھيو پئي ته، ڳالھين جو اھڙو لڳاتار ۽ رڌل سلسلو شروع ٿئي، جنھن ھيٺيان، ھيءُ ماحول ۽ ھن جي موجودگي ڪري، جيڪو ھنيانءُ تي بار ٿي بيٺو ھوس ۽ چانھه جي احمقانه صلاح جي ڪري پڇتاءُ جو پيدا ٿيل اھو احساس ھيٺان دٻجي وڃي.
”ماسي جي طبيعت ڪيئن آھي؟“
”ساڳي.“ سوچڻ لڳو؛ اڃا ساڳي حالت ۾! ھن کي ھن وقت تائين مرڻ کپندو ھو. ھنن ٽن سالن جي دوران سندس باري ۾ سوچيندي ويچاريو ھئائين ته ماڻس مري چڪي ھوندس.
”ڪمزور ته ڪافي ٿي وئي ھوندي.“
”فطري آھي.“
”تون به لھي وئين آھي.“
”سچ پچ!“ انتھائي ڪنجوسي واري مرڪ سان چيائين، ”توکي ڏسڻ ۾ دوکو ٿيو اٿئي.“
۽ پوءِ ھن، سندس منھن ۾ گهوري ڏٺو: اصل عمر کان وڏي ٿي لڳي. سندس مٿي تان رئو سرڪي ڪلھن تي اچي ويو ھوس. وارن ۾ ڇڊا ڇڊا اڇا ڏٺائين. اکين ۾ چمڪ، سانورو ڪاراٽيل، پيلاڻ مائل رنگ . . . . . اوچتو ٽي سال اڳ، پڙھڻ جي دوران جڏھن کيس ھڪ شديد انديشي جي احساس جي انومان جو ساڀيان روپ ڀانيائين، سندس منھن جي ڏسڻي ۾. نه چاھيندي به سندس منھن ۾ چتائي ڏسڻ لڳو. نه چاھيندي به ھن جو چھرو، مستقبل جو سلھه. ھاڻو؛ ڏٻرو! ڪاراٽيل، اندر پيھل کوپن ۾ چمڪندڙ مڻڪيون، تڪليف سان کڄندڙ ساھ ڪري، ھيٺ مٿي ٿيندڙ ھڏائين ڇاتيءَ جو پڃرو، ڦھلجندڙ – سسندڙ ناسون، ڳل اندر ويٺل، کٻن سمان، قياس ۽ ھمدردي جا احساس جاڳيس. اوچتو خيال؛ پيلي سائي کانگهاري جو . . . . ۽ دل ڪچي!

ٽي سال اڳ:
سيڪنڊري اسڪولن جي ماسترن لاءِ ٽريننگ جي ڪورس بي ايڊ ۾ گڏيا. ڏٺائون ڏسندا رھيا. نوٽس، ليسنن جي تياري جي سلسلي ۾ ملندا رھيا. گهرا ٿيندا رھيا، سواءِ ڪنھن شعوري ڪوشش جي ھڪ ٻئي جي ويجهو ايندا رھيا. ھڪ ٻئي کي سمجهندا رھيا. ڪڏھن ڪڏھن فلم جو پروگرام، لڳ ڀڳ روز، انٽرويل جي دوارن علي بابا ريسٽورينٽ ۾ چانھه، گفتگو، ڳالھين جو نه ٽٽندڙ سلسلو.
ھڪ ڀيري ھن کيس پنھنجن گهريلو حالتن بابت ٻڌايو: پاڻ گهر ۾ ٽي ڀاتي آھن. پاڻ، سندس ماءُ ۽ ننڍو ڀاءُ جيڪو ھاءِ اسڪول ۾ پڙھندو آھي. سندس پيءُ تپيدار ھو. ماڻس پڻ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي ھئي. ٻنھي جي پيار جو نتيجو ھئي. چئن سالن کان پوءِ، جڏھن ھو پاڻ اڃان ننڍڙي ھئي. پڻس تپيدار، ماڻس بلڪل ڇڏي ڏنو ھو. ان وقت سندس ننڍو ڀاءَ ماڻس جي پيٽ ۾ ھو. کيس پيءُ جو چھرو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ڏٺو ھئائين، اڃا تائين ذھن ۾ کتل؛ ڀنگ پيئڻ ڪري ڳاڙھيون اکيون، ڪاراٽيل چپ ۽ منھن تي ماتا جا داغ، گاريل.
۽ پوءِ ماڻس کي سلھه ٿي پيئي. يا کيس اڳيئي سلھه جا اثر ھئا، جيڪي پوءِ ظاھر ٿيا. ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ، يعني ھن جي ناني به، سلھه وگھي مُئي ھئي.
۽ ھينئر ھو پاڻ گهر سنڀاليندڙ ھئي. ڪمائيندڙ، سلھه ورتل ماءُ جي پرگهور ڪندڙ ۽ ننڍي ڀاءُ جو مستقبل سنواريندڙ. خاموشي، ڳنڀيرتا ۽ سنجيدگي سندس شخصيت جو جز بڻيل. ڳالھائڻ ۾ نھٺائي، بردباري، خدمت ۽ شفقت جو اظھار، سندس گڻ بڻيل.
ملندا رھيا، ھڪ ٻئي کي ويجهو ايندا رھيا. جيتوڻيڪ ٻنھي مان ڪنھن به ھڪ سان مستقبل جي ڳانڍاپي جو چٽو ۽ گهرو احساس ٻنھي کي ھو. لاشعوري طور پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ٻنھي کي لڳندو ھو ته، پاڻ اڳتي ھلي ھڪ ٻئي جا ٿي ويندا؛ ذڪر نه ڪيل، اڻ لکيل، ڪڏھن اظھار نه ڪيل. محض گڏيل سمجهه، مستقبل بيني جو گڏيل احساس ھيٺ، ڳانڍاپي جو انجام ۽ ان ۾ لڳندڙ اھڙو ويساھ جو، ڪڏھن به ٻنھي مان ڪنھن کي اظھار جي ضرورت محسوس نه ٿي.
پاڻ چاھيندو ھو کيس، شدت، ۽ ڀرڀور تڙڦ وچان پيار ڪرڻ؛ جو سندس طبيعت ۾ بيچيني، اندروني امنگ کي پوري شدت، گرمي ۽ اڳرائي سان ظاھر ڪرڻ جا جذبا ٽٻ تار ڀريل ھا، جي ٿوري به پيار واري ماحول ۾ ڦوھاري وانگر اٿل کائڻ لڳندا ھئا. ۽ پھريون ڀيرو جڏھن پاڻ، انھيءَ اٿل ھيٺ کيس شدت سان پيار ڪيائين: پھرئين سندس ھٿ وٺي، انھن کي زور، پوءِ چميون پوءِ ڀاڪر . . . . جواب ۾ ھن به موٽ ڏني، ساڳي پيار سان. پر انھي پيار ۾ اھا تڙڦ، اھو ولولو ۽ جوش ڪونه ھو. ڀرڀور شفقت ھئي، مادارنه شفقت! ڀاڪر مھل جوابي زور ڏيڻ بجاءِ، پٺي تي ھٿ ڦيرائڻ لڳس ۽ پوءِ وارين ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪرڻ لڳس. ائين جيئن ماءُ، يا وڏي ڀيڻ پنھنجي لاڏلي پٽ يا ننڍي ڀاءُ کي پيار ڪنديون آھن.
جيتوڻيڪ ھن جي ان ٿڌيءَ ۽ شفقت سان ڀريل پيار جي موٽ، سندس تڙڦ جو جوش واري پيار جي گهرج پٽاندڙ نه ھئي؛ اھو کيس لڳو، پر انھيءَ کي محسوس نه ڪيائين. شايد انھيءَ ڪري جو، اھو سندس لاءِ اھڙي قسم جو پھريون دفعو ھو. ۽ پوءِ پاڻ سندس منھن ۾ ڏٺائين: ھن جا چپ ڦڙڪي رھيا ھئا، تکو ساھ ۽ اکين ۾ ڳوڙھا! ھن پنھنجي اکين ۾ سوال کڻي، سندس منھن ۾ ڏٺو، ڳوڙھن جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ. زبان مان ڪو ڪارڻ ٻڌائڻ بدران، ھن سندس منھن پنھنجي سيني ۾ ڪري، کيس ٿڦڪيون ھڻڻ لڳي ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي ۽ ھن پنھنجي ڪياڙي تي، سندس ڪرندڙ ڳوڙھا محسوس ڪيا.
۽ پوءِ ھر ڀيري اھڙوئي شفقت ڀريو پيار، بنا ڳوڙھن جي، خوشي جي دٻيل اظھار سان، سندس پرجوش ۽ ولولي واري پيار جي موٽ ۾.
ھينئر، علي بابا ريسٽورينٽ جي فيملي روم ۾، جڏھن ھوءَ سندس سامھون، خاموش ويٺل. پاڻ سوچيندڙ. انھن پھرين ڀيري جي ڳوڙھن جي ڪارڻ تي: ۽ پھتل ھن نتيجي تي ته، اھي ڳوڙھا، محرومين سان ڀريل زندگيءَ ۾ پھرين مليل پيار جي موٽ ۾ ٿوري بجاءِ آڻڻ جا ڳوڙھا ھئا!
۽ ائين ئي ھلندڙ سلسلو . . . .
ته ھڪ ڏينھن کيس پڻس جو خط مليو، جنھن ۾ شادي سندس سوٽ سان ٿيڻ ۽ ڳالھه پڪي ھجڻ جي باري ۾ اطلاع ڏنل ھو. سندس وھم ۽ گمان ۾ به ڪونه ھو ته، کيس سندس سوٽ ڏني ويندي! ڇاڪاڻ ته سندس چاچو، حيثيت ۾ کانئن وڏو ھو. ھيءُ خط سندس لاءِ اڻ ملھي ۽ ھڪ عجيب سپني نما خوشيءَ جو ڪارڻ بڻيو ۽ پوءِ کيس، ”ھن“ سان ھي ڪيل پيار ھڪ راند لڳي؛ ورھونءَ، جيڪا ٺلھو وقت ڪاٽڻ لاءِ يا دل وندرائڻ لاءِ ڪئي وڃي. پر جڏھن ھن، اندر جي دٻاءُ ھيٺ ڪنھن ڪنھن مھل ھن مامري جي ڳنڀيرتا تي ٿي ويچاريو ته ان ويل، ڏوھي احساس جي تيز چھڪ جي پيڙا، سندس وجود کي ايڏو ته نپوڙيو، جو پنھنجو پاڻ کي بنھه سن ٿي ڀانيائين ۽ پوءِ ان ڏوھي احساس جي بار ھيٺ يا دل ۾ لڪل چوريءَ واري نيت جي واٽ ٺاھڻ لاءِ، لاشعوري خيال ھيٺ، کيس اھو خط پڙھن لاءِ ڏنائين.
ھو خط پڙھڻ لڳي. پاڻ سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳو. سندس منھن تي ايندڙ ڀاون کي پڙھڻ لاءِ. ۽ ڏٺائين سندس ڪاراٽيل منھن ۽ خشڪ چپ. ھن پنھنجي دل به تيز ڌڙڪندي محسوس ڪئي. خط واپس ڏنائين، خط واپس وٺي، پڇيائينس؛ ”تنھنجو ڇا خيال آھي؟“
ھن سندس منھن ۾ ڏٺو، کيس لڳو ته، سندس اھو سوال ھن کي نه وڻيو آھي. ”جيڪو تنھنجو خيال.“ پوءِ مرڪيائين. روئڻھارڪي مرڪ. جنھن مرڪ ھيٺان ارمانن جو ڍير پوريل.
ٻئي ڏينھن سندس خط مليو.
” . . . . تون شادي ڪري ڇڏ. مون کي ڪوبه افسوس نه ٿيندو. ھن معاملي ۾ جذباتي ٿي نه سوچج. زندگي جو ٺوس حقيقتون، اسانجن جذباتي خواھش جي تابع نه آھن. منھنجي حياتي ھڪ ويران برپٽ آھي. مان به اھو نٿي چاھيان ته، تون مون سان ڳنڍجي ئي، برپٽ ۾ ڀٽڪين ۽ ڪجهه نه ماڻين، زندگي ماڻڻ لاءِ آھي. اھا ڪٿان جي ڏاھپ آھي ته: ھڪ صحتمند زندگي کي، مرندڙ، ناڪاري ۽ ھاڃيڪار وجود سان گنڍي ان صحتمند زندگيءَ کي وقت کان مرجهائڻ، ۾ ڪجهه ماڻڻ کان سواءِ موت ڏانھن ڌڪڻ جا ڪارڻ پيدا ڪيا وڃن؟ ڇا اھا بي انصافي ناھي؟
منھنجي امڙ سلھه جي مريض آھي، منھنجي ناني به سلھه ۾ مُئي ھئي، انھي ڪري اھو قياس کان پري ناھي ته مان به . . . ھجان. جيتوڻيڪ مان ڄاڻان ٿي ته اڄ جي دؤر ۾ ھن مريض کان ڇوٽڪارو بنھه ممڪن آھي، ان ھوندي خبر ناھي ڇو، (جيڪو سڀاويڪ آھي.) منھنجي دل ۾ اھو خيال گهر ڪري ويو آھي ته منھنجي زندگي به منھنجي امڙ جي زندگي وانگر اونداھين ۽ روڳي آھي. مون پنھنجو پاڻ کي انھي لاءِ ذھني طور تيار ڪري ڇڏيو آھي، ته جيئن ڪڏھن به شڪايت جي عادت جو موقعو پيدا نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته شڪايت جي عادت پيڙا کي وڌيڪ ڀيانڪ ۽ ڪرڀناڪ بڻائي ڇڏي ٿي.
مان ھيءُ سڀ جذباتي بڻجي، کلي نه رھي آھيان. پر اڳ پٺ جاچي پوءِ قلم کنيو اٿم. مان سمجهان ٿي، اسان جو ميلاپ ھڪ حادثاتي واقعو ھو. اھڙو واقعو جيڪو منھنجي اُجڙيل، ويران ۽ مرڻينگھه زندگيءَ ۾ بھار جا جھوٽا کڻي آيو. پر مونکي سمجهڻ گهرجي ته، ۽ مان سمجهان ٿي ته اھو لازمي ناھي ته بھار جو احساس ڏياريندڙ اھو حادثو ايڏو ڊگهو ٿئي، جيڏي منھنجي زندگي آھي. ۽ منھنجي اھڙي خواھش، سپنو ته ٿي سگهي ٿي، پر حقيقت نه. ۽ مان ھن سچائي کان ڀلي ڀت واقف آھيان، مان خوابن جي ديس ۾ نه، پر ٺوس حقيقت (پوءِ ڀل اھي ڪيڏيون به ڪڙيون ۽ بي رحم ڇو نه ھجن) سان ڀريل زندگيءَ ۾ رھان ٿي.
تو، مون کي جو ڪجهه ڏنو، مان انھي لاءِ انتھائي ٿورائتي آھيان. تون پاران ڏنل زندگيءَ جي سرھاڻ کي مان، ساروڻين جي روپ ۾ سانڍيندس. ۽ ھنن سڳنڌ ڀريل گهڙين منجهان، جيڪي منھنجي ماضيءَ جو املھه خزانو آھن، موت جي پڄاڻيءَ وارين گهڙين تائين واس وٺندي رھنديس.
مان وري به تنھنجو ٿورو مڃيان ٿي، سواءِ ڪنھن ٻڏتر ۽ ڳڻتيءَ جي نئين زندگي اَڏِ، منھنجون نيڪ خواھشون توساڻ آھن.
شل سدائين سکيو ستابو جڙيو رھين.
فقط:
(ھن پنھنجو نالو نه لکيو)
بيشڪ ھيءُ خط مٿس بم ٿي ڪريو. سندس وجود کي ذرڙا ذرڙا ڪري ڇڏيائين. پر ساڳي وقت، ھي ساڳيو خط وجود جي ٽڙيل پکڙيل ذرڙن کي ھڪ ھنڌ ميڙڻ ۽ زندگيءَ ۾ تازو ساھ ڦوڪي، نئين سر اڳواٽ ڪرڻ ۾، واٽ جي مشڪل ثابت ٿيو!
سندس خط کان پوءِ، ساڻس ملڻ ۽ اکيون ملائڻ جي اخلاقي جرئت جو ست نه سارڻ ڪري، اوچتو ڳوٺ ھليو ويو ۽ امتحانن جي وقت موٽيو. امتحان دوران ھو ساڻس ڪونه ملي، نه ئي پاڻ اھڙي ڪوشش ڪيائين.
ان وقت کان پوءِ ھيءَ سندن پھرين ملاقات ھئي.
ھن سڄي ملاقات جي دوران، ھن کانئس، سندس زال يا ٻارن جي باري ۾، ھڪ سوال به ڪونه ڪيو، جنھن جو کيس پنھنجي من ئي من ۾ خطرو ضرور ھو.
ائين ڳپل مھل وِھڻ کان پوءِ نيٺ پاڻ ئي چيائين، ”ھلون“ ھن وراڻيو، ”ڀلي.“
پوءِ پاڻ، ڄڻ ھلڻ جي صفائي پيش ڪندي چيائين: دراصل مونکي يونيورسٽي مان پنھنجا سرٽيفڪيٽ وٺڻا آھن، جو ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسرن جي چونڊ ۾ مون کي پيش ڪرڻا آھن. انھي ڪري دير . . . .
بل ھن زوري ڏنو، کيس ، مرڪ سان ھيءُ چوندي ته: ”تون ٻچڙيوال آھين، توکي ھن ريت ھوٽلن ۾ پيسا وڃائڻ نه گهرجن. “ ۽ ھو پيسا ڏيڻ چاھيندي به ڏئي سگهڻ جي ھمٿ ساري نه سگهيو! دراصل ھو؛ خبر ناھي ڇو، پنھنجو پاڻ کي ھن آڏو، گهٽ، خسيس، ڊپريسڊ ۽ ھڪ قسم جو ڏوھاري محسوس ڪري رھيو ھو.
۽ پورن پنجن سالن کان پوءِ:
جڏھن پاڻ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول دادو ۾ ھيڊماستر جي حيثيت سان بدلي ٿي آيو، تڏھن ھو گرلس ھاءِ اسڪول جي انچارج ھيڊ مسٽريس ھئي.
ضلعي جي تعليمي آفيسرن ۽ ماھرن جي ماھياني ميٽنگ ۾ پھريون ڀيرو کيس ڏٺائين، ڄڻ خواب ڏسندو ھجي: ھڏن جو پڃرو، ڪاراٽيل ڏٻرو منھن، اندر ويٺل کوٻن ۾ چمڪندڙ مڻيون، ڳل اندر پيھيل، تڪليف سان کڄندڙ ساھ ڪري، ڦھلجندڙ – سسندڙ ناسون، سمورا وار اڇا، ھن ھڏائين پڃري تي اڇي کير جھڙي ساڙھي، نيري ۽ سائي باڊر سان. ڪئين ڀيرا ڏٺل خواب، پر اڻ چٽو ۽ مبھم! پھرين ڄاڻ ھوندي نه نه سڃاڻي سگهيس، پوءِ مھٽيل خواب لڳندي به، سڃاڻي ورتائينس. ھن به کيس ڏٺو، ڳالھايو، پر کيس اھڙي ڪا لکا ڪانه ڏنائين ته ڪو کيس ڄاڻي سڃاڻي.
۽ پوءِ ھھڙن موقعن تي ائين ئي رسمي ملاقاتون: ھڪ ٻئي جا ڄاتل سڃاتل، ۽ پوءِ به اڻ – ڄاتل، جنمن جا فاصلا!
ھڪ ڏينھن:
پھرين پيرڊ ھلندي کيس فون آيو: گرلس ھاءِ اسڪول جي انچارج ھيڊ ماسترياڻي فجر مھل گذاري وئي.
سندس مٿان ڄڻ وڄ ڪري، سندس جسم اتي ئي ڪرسي تي ھڪ ھنڌ ڄمي، پٿر ٿي ويو ھجي.
اوچتي موڪل سببان، ٻاھر شاگرد گوڙ ڪندا ۽ خوش ٿيندا گهرن ڏانھن وڃي رھيا ھئا. ٽيچنگ اسٽاف سندس ڪمري ۾ گڏ ٿي چڪو ھو ۽ جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گڏجي ھلڻ واسطي سندس انتظار ڪري رھيو ھو.