ڪھاڻيون

حويليءَ جا راز

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ماڻڪ جي لکيل 18 ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:
”ماڻڪ انھي دؤر جي پيدائش آھي جڏھن سنڌي ادب ۾ نئين ھل چل متل ھئي، ادب ۾ جوش، جذبو، نعريبازي، قومي مزاحمت شامل ھئي پر ماڻڪ بلڪل ھڪ نئين انداز ۽ اسلوب سان نروار ٿيو ھو. ھو نہ اجايو اميد پرست optimist ٿيو نہ وري ھن جوش جذبي کان ڪم ورتو، نہ وري ڏکن کي رومانوي انداز سان پيش ڪيو اٿس.
ھو ڪٿي بہ رومانٽڪ انقلابي ڪردار تخليق نٿو ڪري نہ وري منافقي يا ٻھروپي سان ادب کي اخلاقي قدرن جي بخمل ۾ ويڙھي پيش ٿو ڪري. پر ھن زندگي جيئن آھي، سماج ۾ ماڻھو جيئن محسوس ڪري ٿو، جھڙن ڏکن ۽ اذيتن سان ھن جو واسطو پوي ٿو، انھن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو. خاص طور سان وچئين طبقي جو مشاھدو وٽس تيز آھي. ھو ھڪ دؤر جي پيداور ھو، پر زندگيءَ جي باري ۾ سندس اٿاريل سوال ان سان لاڳاپيل اخلاقي قدرن وارا مونجهارا ۽ ڪردارن جي مزاحمت ھميشہ پرُڪشش رھندي.“
  • 4.5/5.0
  • 1761
  • 863
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حويليءَ جا راز

ھڪ ڪھاڻي – سواءِ سري جي

پاڻ اڃان نه آيو!
اڄ مڙئي طبيعت ۾ فرق پئي ڀانيان. ھلڪائي پئي لڳيم، کنگھه به جهڪي آھي، پاسو ورايان، الا! منھنجا رب! کٽ تي ھڪ ئي ھنڌ، جسم ئي سڪي ويو آھي، ڇا ته ٿي وئي آھيان؛ ھڏن جو پڃرو. نه مئن ۾ نه جيئرن ۾. ھفتي کن کان ته شڪل به ڪونه ڏٺي اٿم. آئينو ڏسان. ٺھيو باھ ڏينس. اجايو وري. بس اُھيئن مھيني کان مٿي – ھن حال ۾ وري ڪھڙو آئينو ڏسان. سمجهان ٿي ته شڪل ڪھڙي مور ٿي وئي ھوندم. بس وڌ ۾ وڌ مھينو. باقي رھيو ئي ڇا اٿم جو جيئڻ جي آس ڪريان: ھڏن جو پڃرو پساھن ۾، اجهوڪي اڏاڻو.
ڀلا ھن ڏک ڪرڻ مان، ڳوڙھا ٽمائڻ مان ڪي ورندو؟ ھٿائين وڌيڪ ھروڀرو جان جلندي. ڀلا جان جلائڻ مان ڪي وري ته کڻي جلائجي، نه ته ھروڀرو . . . پاڻ ته وسان ڪين گهٽايائين. وس کان وڌيڪ پاڻ پتوڙيو اٿائين. شل سدا جڙيو ھجي نه ته ھھڙا مڙس ڪٿي! ھن حال ۾ به نڀائي پيو. جس ھجيس. اڄ جا مڙس آھن جو . . . . .
پر اڃا ڪونه آيو؟ ھن مھل تائين ته آفيس مان اچي ويندو آھي، اچڻ سان پھرين ھتي ئي منھنجي ڪوٺي ۾ ايندو، گوريون کارائيندو، آٿٿ ڏيندو، پوءِ لڳندو ٻئي ڌنڌي سان. ڀانيان ٿي ته ساڍن چئن کان به مٿي ٽيم ٿي ويو ھوندو. متان ايندو ھجي! ايندو ئي ھوندو، اوير سوير ته اوس پئي ٿيندي آھي.
. . . ائي گوريون.
گوريون کائڻ جي مھل ٿي آھي، ڪڏھوڪو: مان ھن ويچارن ۾ پاڻ اچي ھٿن سان ڏيندو آھي. کيس خيال ته ھوندو. پر ڪو ڪم ٿي پيو ھوندس. ٺھيو مان ئي ٿي – ھن سڪيءَ کي ڇا ٿيو! ھيءَ ته ھن مھل تائين اچي نڪرندي آھي. اڃان به اڳڀرو، ڪو ڪم ٿي پيو ھوندس. نپٽيءَ کي ھجي شابس، نه ته اڄ ڪير ٿو ڪري ڪنھنجي؟ منھنجي ڪِريءَ جو ڪير، سندس ماني تنھن کان سواءِ. ٽيم تي اچي دوا پياريم، پرگهور ۾ ته نه ڏٺي اٿئين تتي نه ٿڌي – ٻيا مٽ آھن جو ھونئن ته ٺھيو، آئيءَ ويل به آڱوٺو ڪڍيو ڏين، ويڙھو ساڳيو، رت ساڳيو ڪا اوپرائپ آھي! بس زماني جا رنگ آھن، پنھنجا به پراوا ته ويجها اوپرا! مائي سڪينه کي به جس ھجي نه ته ڪير ٿو پنھنجي پيٽ ڄايون ائين ڇڏي؟ منھنجو ته ساڻس ڪو ارواح اٽڪيل آھي. ننڍپڻ کان ئي وٺي گڏ کيڏيون آھيون. اڃان ڪڪي ھئي ته ھنج تي کڻي گھمائيندي ھئي سانس . اي ڏٺئي! وري ھي ميون گوريون دل تان لھي ويم، کڻي ڳھي ڇڏيان، ڇڏيو ته ھنن به اندر ساڙي آ، اصل جھڙي باھ پئي ٻريم. دل ته گهڻو ئي ٿي چويم ته ٿڪ ھڻي ڦٽو ڪري ڇڏيان. ھاڻي باقي رھيو ئي ڇا آھي، جو – بس سندس اجايو زور – ڪن ڏينھن جي ته – ھا، باقي رھيو ئي ڇا اٿم؟
. . . (ڏک ڀري پيڙا)
ھن مھل تائين ته اچڻ گهربو ھوس. ڌڻي شل خير ڪري (ڳڻتي، الڪي ۽ اوسيئڙي جو احساس. احساس جو گهرو ٿيندو وڃڻ)
(اوچتو) متان! . . . . (مرڪ) ھي به جو گم آھي. مان به چوان ته –پاڻ ھاڻي ڪڏھن ڪڏھن دير ڪيو ڇڏي. ھي به ساڳي مھل نه ته ھن مھل تائين ٻئي ھتي ھوندا آھن. ھون! (مرڪ جو ڦھلاءُ) ھاڻ سمجهيم.
مونکي به کٽ ورتي سال اچي ڀريو آھي، ڀانيان ٿي ته پروڪي سياري کان – ھا، سال کن پوءِ ڪيئن ٿو رھي سگهي! ھھڙو مڙس. مان ته سندس اندر جي ذري ذري مان گھميل آھيان. مئي! ڀلا انھيءَ ۾ سندس ڪھڙو ڏوھ مان ھر حال ۾ سڄو سال ڪريل، ڪنھن نه ڪم جي. پوءِ، ھي به نيٺ ته مرد.
. . . تنھن ڏينھن ڀنگياڻي سان پئي سُس پُس ڪيائين. الائي ڪھڙا پئي سرٻاٽ ڪڍيائون. مان ته وھنجڻ واري جاءِ ۾ ھيس، سمجهي نه سگهيس، ڀلا ھن مئي بيماري . . . پر سمجهان ٿي ته – نيٺ عورت آھيان، کٽ ورتل آھيان ته ڇا ٿيو؟ دماغ ته سالم آھي، ڀلا ان ۾ سندس ڪھڙي اربع خطا! پاڻ ته روڳي ڪونھي. جي چڱي ڀلي ھجان ھا دل ۾ ڪيان ھا ڇا؟ اھي ٻيون رنون آھن جو مڙسن کي ٿيون – نه ته اھو مرد جو شان آ. ڀلا مرد ڪيئن سڏجن! مئي ڀنگياڻي لڳي ته ڏٽي مُٽي پئي. مان به چوان ته پاڻ اڳئين پوڙھي ڀنگياڻي کي ڪڍي ھن ڏٽي مُٽي کي رکيو اٿائين. جي ھيءَ رن چڱي آھي ته پاڻ به ڪو گهٽ آ ڇا؟ شھزادو آ، شھزادو.
ھا پوءِ ٻنھي جي سُس پُس بند ٿي ويئي ھئي ، ھا ھا – سمجهان ٿي ته ائين . . . کيس ڪھڙي سڌ ٿي ته مان وھنجڻ واري جاءِ ۾ آھيان، ۽ ٻئي ٻڌم. ٻڌم، ڇا ڄڻڪ ڏٺم ٻيو – ڇپ ماريو ويٺي ھيس ته مٿان شڪجن.
. . . ۽ ان ڏينھن شوڪوءَ ماءُ به حق ٿي پئي – اھيئن ھي رنون ڍيڪر آھن، نه سھو، ڍيڪ ڏنائين: ”مئي، مُڙسن ته –“ مان سمجهي ويس ته ڇا ٿي چوي، چھڙي رن، ڦھڪائي ڏنو مانس ”ائي ڇو نه، ڪھڙي اربع خطا ڪيائين؟ اھو ته مڙس جو شان آ، نه ته مردانگي ڪيئن سڏائجي.“
رن وئي ته پڄري ھوندي. وري نه ڪڇيائين ۽ ان ڏينھن ھن ڏائڻ – نالو به مئيءَ جو آھي – نجي ماءُ تي سندس لاءِ چيو – اُھئين، ھي رنون ساڙ سڙيون آھن. وڏيون پارسا ٿيون گھمن. ھون! مونکي ڄڻ ڪل ئي ڪانھي، سندن پتي پتي جي ڄاڻ اٿم، ته ويڙھي ۾ ڪير ڪنھن سان ۽ سندن مرد به – رڳو ٻاھريون ڍڪ اٿن. مڙني جي شرافت کي ڄاڻان ٿي. ساليون ته ٺھيو، ڇڏيون ڀاڄايون به ڪونه اٿن. مڙني جو ڳجھه ڏٺو پيو آھي. باقي جي ھن ڪجهه ڪيو ته رنن کي پيٽ ۾ ولوڙ اچي پيو. ھُئه! اصل پنھنجو چُرڪو ھوندن.
ائي سڪي شودي، مان به چوان ته مئي، منھنجي پرگهور ۾ مريو ٿي وڃين. جيڏي ڪيڏي مھل ڀڳي بيٺين آھين، اصل ساھ پئي گهورين، پر اي مئي، مان سڀ سمجهان ٿي، سڀ ڪي ڪيتري وقت کان ويٺي جاچيان. ھڪڙي ڀيري چيو ھئائين ته: ”ساھڙيون ته ھھڙيون ھجن.“ اھو ٻڌي تون شرمائجي ويئي ھئين ۽ ھن کليو ھو. مان اھو سمجهان ٿي، ۽ ھا ھڪ ڀيري ته اوھان ٻنھي کي اکين ئي اکين ۾ ڪجهه چوندو – ائي! ڪو ھڪ ڀيرو، مان ته چوان ٿي، جڏھن کان کٽ بلي ٿي آھيان، تو کاٽ ھڻڻ – نپٽي واھ جي تو ساھڙئپ نڀائي آھي، ھان ڙي – پرگهور منھنجي، رڳو نالي ۾، مطلب پنھنجو، مان به چوان ته –
پر آئي نندوري، مان ڪا ارھي ٿوروئي آھيان؟ نه نه، مٺڙي نه، ايئن ناھي. جڏھن کٽ ورتم ته نه ڄاڻ ڇو لڳندو ھيم ته تون ۽ پاڻ – اھو ائين لڳندو ھيم يا ڪا ھينئينءَ جي سڌ ھئي ته تون ھن گهر جي ۽ توکي ۽ ھن کي ڳالھائيندي، کل ڀوڳ ڪندي ڏسندي ھيس ته ڀانءَ دل پئي ڪڏندي ھئي، ھا، قسم سان من پيو ٻھڪندو ھو، ۽ اندر ۾ ڪا آس ڪڙ موڙيندي ھئي ته: تون ۽ پاڻ – آئي! مون سان قسمت ڪئي!
(ڏک ڀري پيڙا)
جڏھن کٽ ورتيم، دل چيو ته بس ھاڻي ڇيھه آھي. ھاڻ ڏٺئي: ڇا وڃي بچيو آھي. بس ڪي ڏينھن: اچي پڄاڻان. ڀلا ان جو ڪيتو پاڻ ڇو لوڙي، نيٺ اڳي پوءِ ڪا ته اچڻي آھي، ڇوري، ساڻس اھڙو جڙندين جھڙي منڊيءَ تي ٽڪ.
(اکين ۾ تري آيل پاڻي)
راڻي ڪري راڄ ڪرائيندءُ. جي چڱا پير ڀرئينس ته دل تي راڄ ڪنديئنس. سندس مٽ پنھنجن ۾ آھي ڪو سھي؟ ڇا مردانو حسن. ڇا ڏيان، ڇا قربائتو. نج سون ٿئي ڙي.
شل جڙيو ھجي.
ائي مان ڪو سڙان ٿوروئي ٿي. من، مون سان ته قسمت ڪئي. ھن ڄمار ۾. ان تي ڪنھن جو وس – ڪو وسيلو. ھاڻ ته اھا وڃي آس رھي آھي اٿم، کيس اکين آباد ڏسي وڃان. مون کيس ڏنو به ڇا آھي؟ ڏک ڏولاوا ٻيو ڇا؟ وس پڄيم ته ھٿن سان لائون لھرائي وڃي قبر ڀيڙي ٿيان. اندر ته ٺريل ھوندم. ڀلا دم تي ڪھڙو ويساھ، ھن حال ۾؟ باقي بچيو ئي ڇا اٿم. ھڏا ۽ چم. ھن روڳي ۾ ڦاٿل ساھ جو پکيئڙو اڄ اڏاڻو ڪي سڀان.
اچي ته چوندي سانس. پڇاڙي جو اھو قرب ڪري، جيترو ٿي سگهي. منھنجي ھوندي ئي – کيس اکين آباد ڏسي، سک سان ته ساھ ڏيان . . .
پر اڃا ھيءُ!؟
ڪا مھل ٿي اٿن!
پر ھيءَ شودي ڇڏيس به نه. چھٽي پئي ھوندس، چچڙ ٿيو. آھي ڪنواري، پاڻ به ته – مان ته سندس اندر جي ذري ذري پرزي مان گھميل آھيان. پيار ڪرڻ ته کانئس ڪو سکي. دل ئي نه چوندي ھئي، کانئس پري ٿيندي، بس ائين ئي ساڻس پئي ھجان، چھٽيل. رنون سڙنس ته تڏھن ٿيون نه، ھيءَ ته اڃا چوزي آ، ڀانيان ٿي ته مون کان وڌ ۾ وڌ چار سال ننڍي ھوندي ۽ ھن عمر ۾ . . . . نپٽي آھي به ته . . . . خير، چڱ ڀلائيءَ ۾ مان به ڪا گهٽ ڪانه ھيس. بس ھي ته نصيب جو کيل آھي، ھن ئي ڄمار ۾ ويل وھائي ڇڏيائين. ڪھڙي جواني ڏٺم، ماڻيم؟ ڇا چوڙيم؟ تنھن کان ته نه ڄمان ھا، خير، ڌڻي جي آڏو، ڪو وس ڪنھن جو.
ڪٿي ھوندا: وڏي صفي ۾؟ ڪوٺيءَ ۾؟ ھون، ڪوٺي ۾ ئي ھوندا. پڪ ئي پڪ، مان به ته اتي ئي سانس ھوندي ھئس نه –
اڄ اھي گهڙيون، اھي ڳالھيون، اھي –ڀانءِ ته . . .
ڪوٺيءَ ۾ ڪا ته ڳالھه آھي جو – پاڻ ته ان ڪوٺي کان سواءِ – مئيءَ ۾ ڪا ته اھڙي ڳالھه آھي! نه اٿس ڪا روشني، نه وري ٻاھرئين پاسي کان ڪا دري، در به صفي ۾، ٻاروھي ٿڌڪار لڳو پيو ھوندو اٿس. منگھه مان سو ھلڪي روشني ايندي اٿس، نه ته ٿيو خير باقي ڪجهه اوندھ، ڪجهه روشني. ڪي ڏينھن اچي ٿيا آھن، مان ته اکين وري ڏٺي به ڪانھي. ھيءَ کٽ ۽ مان. ميون دوائون. باھ لڳين سيون. مار پوي مقدر ٺاھڻ واري کي، اھو نه ڏٺائين ته – ھن ئي ڄمار ۾
(ڌيان)
ھي سس پُس!؟
ھا اندارن پئي اچي ڪوٺي مان.
” “!؟
ھيءُ ته سندس آواز آھي.
”سڪينه ڇا ٿو سمجهين ٿي ته – او چري، پڪو انجام. تون ڀروسو ڪر نه . . . . “
اڳتي الائي ڇا چيائينس؟
” ؟“
ھيءُ ته سڪي جو آواز آھي. الائي ڇا وراڻيائينس؟
” ؟“
ھي ته سندس آواز آھي.
” ؟“
منھنجو نالو ورتائين. الاءِ منھنجي نالي ڇا ٿو چويس. اڄ يا سڀان مرندي؟ . . . . . نه نه، ائين نه چيو ھوندائينس! ويساھ ۾ ئي نٿو اچيم، مون غلط سمجهيو آھي، چٽو ٻڌڻ به نه ٿو اچيم، پر جي چيائين ته تڏھن به ڇا؟ ڪو ڪوڙو ٿوروئي آ. مون ۾ رھيو ئي ڇا آھي، جائي ته چوي ٿو: اڄ نه سڀان مرندي.
پر اي نپٽيا، مان به ته اھوئي پئي چوان ته، پنھنجي ھٿن سان ميندي لائي، وڃي قبر ڀيڙي ٿيان. پڇاڙي جو ھنن نندورن نيڻن سان توکي خوش ٿي ڏسي وڃان. مون ته توکي ڏنو ئي ڇاھي: نڀاڳ، روڳ، ڏک ۽ . . . . . . . . .
اڙي! منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا! مئا! ائين ته نه ٿيو.
نپٽي، ھي ڳوڙھا ته . .. . (ڳوڙھا نيڻن ۾، مرڪ چپن تي)
چپ ته –
ڌيان:
ھي آواز؟
چيڪٽ ٿيو – ڀانيان کٽ جو؟
سڙٻاٽ –
” ؟“
ھا، ھينئر . . . . پاڻ مونکي ته سندس عادتن جي – نيٺ ساڻس
نڀاڳي چپ ته،
ڌيان:
. . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . . . . . . .
ائي مٺيس! ھيءُ مون کي ڇا ٿيو آ: اُڀ ساھي، ڇاتيءَ ۾ دڙڪو، لنو لنو ۾ ڄڻ ڪجهه ڊوڙي ويم. پگهر ۾ شل ۽ ھيءُ . . . .
؟؟ . . . . . آواز ته نٿو اچي؟ اڃا نه نڪتا!
ڪٿي ھيءُ منھنجو اجايو وھم ته – ڏينھون ڏينھن الائي ڇا ٿيندو وڃيم!؟
ھو اوسيئڙي ۾ ھوندي.
پوڻا پنج پيا ٿين، ڇا ڪجي، نوڪري ناھي ٽوڪري آھي، غلامي: ذھني غلامي ۽ جسماني غلامي. رت ست نچوڙيو وڃي. جي کڻي ڪڇ ته: ٺڪ ايڪسپلينشن، سائين گهر گهاٽ وارا آھيون، پٺيان ڪا بيماري ھوندي، ڪو گهر جو ڪم ڪار ھوندو. نيٺ رت ته انھن لاءِ ٿا ولوڙيون. ذري جو به احساس نه. آفيس ٽائيم کان پوءِ جو ويھڻ – چيو ناھي، شوريل اکيون وڃي ھينئون جهلين، چھڙون ڇليو ڏين. ڄڻ پورھيو نٿا ڪريون، خيرات ٿا گهرون. پنندڙ کي به ماڻھو عزت سان وراڻيندا آھي: بابا معاف ڪر. پيٽ لاءِ ڪرڻو ٿو پوي زندھ رھڻو آھي. اسان جھڙن ماڻھن کي زندھ رھڻ لاءِ غلامي ڪرڻي آھي. ڪيڏي ذلالت، مٿان ڍونگ ته قومي خدمت آھي. پاڻ وتن عياشيون ڪندا، رڳي ٿن صحيح ڪرڻي، مصيبت اسان ھيٺين لاءِ. ڇا ڪجي. مجبوري –
گوريون به کاڌيون ھوندي الاءِ نه؟ انتظار – ظاھر آھي. سندس ذھني ٽينشن جوڪارڻ بڻيو ھوندو. اھو سندس لاءِ ٺيڪ ناھي، کيس ھر حالت ۾ مطمئن ۽ نارمل رھڻ گهرجي. سندس لاءِ اھو ضروري آھي. مون ته ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿمانس، پر اھو ڪنھن حد تائين فطري آھي، ڊگهي بيماري ۾ ائين ٿيندو آھي. سو به ڪنھن مدي کان گهٽ ورتل ماڻھو، نيچرل آھي، دوا ته ھن پياري ھونديس، گوريون سي به ھن زوري کارايون ھوندس. ڪجهه وقت اوسيئڙو ضرور ڪيو ھوندائين. اھو ڄڻ ھڪ نيم بنجي ويو آھي ته ان مھل جون گوريون ۽ صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ ۽ رات جي دوا مان ڏيانس. منجهند جي دوا سڪينا پياريس.
جيتوڻيڪ اھو ٺيڪ ناھي، اوير سوير ته آھي ئي سھي ۽ اسان جھڙا ملازم ماڻھو، ٻين جي وس، پنھنجي وس جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي، محتاجي جا ٿئي، زندھ رھڻ لاءِ، پر سندس عورتاڻو ضد: شام جو گوريون منھنجي ھٿن سان وٺندي، اھا چوڻي سچ آھي ته بيمار جو ضد ٻار جو ضد سمان ٿئي. پر اھو ڪو ايڏو اھم مسئلو ڪونھي جنھن تي مان پنھنجو مٿو پيو کپايان: اصل ڳالھه آھي ته مون کي ھر حال ۾ سندس خوشي جو خيال رکڻ گهرجي. اجايو پيو ڳڻتي ڪريان. سڪينه اھڙي آھي جو زوري ڏنيون ھوندائينس. ھو مونکان به وڌيڪ ٿي سندس خيال رکي.ھا، جيڪڏھن ھي ويچاري ھٿ نه ونڊائي ھا ته –
ڪھڙي ته سٻاجھي ۽ لڄاري آھي. ويچاري ساھڙپ توڙي مائٽي جو حق صحيح معنى ۾ ادا ڪيو آھي. سواءِ ڪنھن غرض جي. شابس ھجيس، نه ته ھيڏو سارو ويڙھو آھي، ڪي ڌاريان ڪونه آھن، ڪنھن جي به ڪن تي جونءِ ڪانه ٿي چري! سندس ھوندي، ھن جي بيماريءَ جي تڪليف جو ته ڄڻ مونکي احساس ئي نه رھيو آھي، ھھڙيون نينگريون ڪٿي؟ باقي جنھن گهر ۾ ويندي
اڙي ھا، سچي تنھن ڏينھن ماڻس ٻڌايو ته ايندڙ مھيني مڱڻو ڪرائي ڇڏينداسين، ۽ پوءِ مھيني اندر شادي.
”بس ابا، مڙئو ٿيو بار لاھڻو،نياڻي آ – نيٺ ڪيترو وھاربس، ھڪ ڏينھن ته شينھن ڪلھي چڙھڻي آھي. پنھنجا پاڻ ۾ آھيون انو . . . . “
منھنجي خيال ۾ انو سندس لاءِ نيڪ ور ٿيندو. سٺو سڌريل آھي. روزگار سان. شڪل شبيھه ۾ به ويل ڪونه آھي، پر شڪل کي ڇا ڪبو؟ وڏي ڳالھه ته سڌريل آھي.
چُه، سندس لاءِ گوريون وٺڻيون ھيون. ويچارن ئي ويچارن ۾ موٽان اسٽور واري جو قرض به چڱو چڙھي ويو آھي. سمجهان ٿو ته ٽي چار سؤ ٿي ويا ھوندس. ڪٿي پنجن سون کي ڌڪ نه لڳو ھجي! گذريل ٻن مھينن کان پائي به ڪانه ڏني اٿمانس. دوائون به ڏينھون ڏينھن وڃن چڙھنديون. نه آھي حد نه حساب، قرض ٻه ھزار کن ٿي ويو ھوندو. آفيس مان ايڊوانس، دڪاندار جا، ڇا ٿيندو . . . ؟
لھي ويندو، حياتي آھي ته پيو لاھبو. رڳو سندس جان بچي، پيسن جو ڪھڙو ملھه! اصل ڳالھه زندگيءَ جي آھي، اھي لاڙھا چاڙھا مڙسن تي ايندا ئي آھن.
ڪيڏو نه شريف آھي، ھيترا دوائن جا پيسا ٿي ويا اٿس، پر محسوس ئي ٿيڻ نه ڏنو اٿائين ، فائدو؟
مان سمجهان ٿو ته پر ڊاڪٽر ته چوي ٿو. ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي. مونکي ته ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي. باقي بچيو ڇا اٿس، ھڏا ۽ چم. ممڪن آھي ته ڊاڪٽر رسمي طور آٿٿ ڏيندو ھجي، سندس پيشو ئي اھڙو آھي. مريض کي، سندن مائٽن کي پراميد رکڻ ضروري ٿيو پوي. ھڪ قسم جو نفسياتي اثر، ھونئن به اُميد وڏي شيءِ آھي. اميد جي آسري تي سڄي دنيا پئي ھلي، مونکي پُراميد ھئڻ گهرجي، ڪڏھن به ائين – خدا نه ڪري، سوچڻ نه گهرجي. ڌڻي چاھي ته ڇا نٿو ٿي سگهي. اڄ جي سائنسي دؤر ۾ ڪجهه به ناممڪن نه آھي، رڳو پيسو ھجي، ھوءَ ته اجايو . . . . . . .
”بس مھيني کان وڌيڪ جيئري رھي نه سگهنديس، تو منھنجي لاءِ.“
نه نه – چري، ائين نه چئو.
ھون: ھڏا ۽ چم، مشڪل چڙھي!
نه – روڳي انسان اھڙيون نااميدي جون ڳالھيون سوچيندو آھي، فطري بيماري جي حالت ۾ زندگي سان دلچسپي رھي ڪانه ٿي، پر مونکي ائين نه سوچڻ گهرجي، مان ته تندرست آھيان، پر سندس ناچاڪائيءَ مونکي ڪنھن به حد تائين نه، گهرجيم ته کيس آٿٿ ڏيندو رھان. زال جي حيثيت سان سٺو نڀايو اٿس، مون تي ٻلھار ويندي ھئي. اھو احساس ٿيڻ نه ڏنائين ته ڪو منھنجو الڳ وجود آھي. ھر خواھش پوري ڪيائين. ھر طرح جو خيال، نه ته اڄ زالون آھن جو مڙسن کي ٿيون دودا ڏيکارين. مجال آ ڪو مرد – پر ھن ته مون سان –
بيماري: اھا ته قدرت جي وس جي ڳالھه آھي، اڙي ھا، سندس لاءِ فروٽ به وٺڻو آھي، متان ڪلھه وانگر وسري وڃيم، ھيءَ ويسر ته – سندس ئي بيماري ڪري؟ الڪو ته رھي ئي ٿو، سڄو گهر ڊنوان ڊول ٿي ويو آھي گهر ڇا، سڄي زندگي ڊانوان ڊول ٿي وئي آھي. ڪھڙا نه خوش ھوندا ھئاسين. پنھنجي حال ۾ مست، گهر جي ننڍڙي دنيا. جائي به تندرستيءَ جھڙي نعمت دنيا ۾ ٻي ڪانه آھي. ھاڻي گهر ڪھڙو نه ويران ويران ٿو لڳي. ڄڻ ته ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي. ھا، عورت جو وجود ڪنھن گهر لاءِ ڪيڏو نه لازمي آھي، گهر ۾ عورت آھي ته زندگي آھي. نه نه – شايد، عورتون وري ائين سوچينديون ھونديون: گهر ۾ مرد جو وجود لازمي آھي، گهر لاءِ دراصل ٻنھي جو وجود لازمي آھي.
ھا، ڏاڍو مزيدار ٽوٽڪو ھو: زال ۽ مڙس پاڻ ۾ نه ٺھندا ھئا. زال ٿلھي ته مڙس سيپڪڙو، پاڙيسري سندس جهيڙي کان تنگ ٿي پيو، سو ھڪ ڏينھن وٽن اچي سمجهائڻ لڳو. ”زال ۽ مڙس ھڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آھن، جيڪڏھن ھڪ ڦيٿو خراب ٿي پيو ته، زندگي جي گاڏي ھلي نه سگهندي.“ ان تي ٿلھي زال جي سنھڙي مرد، پھرين زال ڏانھن پوءِ پاڻ ڏانھن اشارو ڪندي وراڻيس ته، ” ميان، جيڪڏھن ھڪ ئي زندگي جو ھڪ ڦيٿو ٽريڪٽر جو ٻيو ڦيٿو رڪشا جو ھجي، ته پوءِ ٻڌائي ته اھا زندگيءَ جي گاڏي ڪٿان ھلندي؟“
ويچارو سمجهائيندڙ پاڙيسري ڀيلڙو منھن ڪري واپس ھليو ويو. دراصل جتي ٻنھي جو وجود لازمي آھي، اتي ٻنھي لاءِ ذھني ھڪجهڙائي به لازمي آھي، نه ته گهر ٻُسو ۽ جهيڙي جو آکارو، زندگي نامڪمل ته ٺھيو، پر مرڳوئي زھر . . . . . .
جي ھيءَ مري وئي ته . . . . . .
(ڳڻتي جو گھرو احساس، ھن ڀيانڪ سوال مان، ته پوءِ ڇا ٿيندو.)
نه نه، ڌڻي خير ڪندو، مونکي چڱائي جي اميد رکڻ گهرجي.
(پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ باوجود به، ذھن اندر زوريءَ گهڙي ايندڙ خطري جو احساس)
ھو: ”اڄ دير ٿي وئي.“ مرڪي، معافي انداز ۾ ”دراصل . . . “
ھوءَ: ”مڙئي خير آھي.“ ٻھڪندڙ چھرو، مرڪ چپن تي.
ھو: دوا پيتئي؟
ھوءَ: ”ھا.“
ھو: ”گوريون به؟“ ھلڪي مرڪ.
ھوءَ: ”ھا اڄ مڙيئي فرق پئي ڀانيان.“
ھو: ”ھا ھا، تون ھاڻي جلد نوبنتي ٿي ويندينءِ. ڊاڪٽر چيو ٿي ته تون ھاڻ تيزي سان تندرست ٿي رھي آھين.“
ھوءَ: ”اي مئا ڊاڪٽر ته ائين ئي چوندا آھن نه ته ڪمائي ڪٿان ٿين.“
ھو: ”نه نه – پنھنجو ڊاڪٽر مجيد ڏاڍو ايماندار ۽ شريف انسان آھي. ڏس نه، توکي ڄامشوري جي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ھن ويچاري ڪيڏي نه ذاتي ڪوشش ورتي، پر ھتي ته آھي انڌير نگري وڏن ماڻھن جي سفارش ۽ پيسو . . . .“
ھوءَ: باھ ڏيسن مئي کي، ان مارئي جي شڪل ڏٺي به نٿي وڻي، سيون ھڻي ھڻي پرڻ ڪري ڇڏيو اٿائين.“
ھو: ”نه نه – چري، انھيءَ ۾ پنھنجي چڱائي آھي، نيٺ تندرستي لاءِ اھو ته سھڻو پوندو.“
ھوءَ: ”ٺھيو، ڇڏ ان مئي جي پچار.“ مرڪ سان.
ھو: سڪينا ڪانه ٿي ڏسجي، ھلي وئي؟
ھوءَ: معنى ڀريل نظرن سان، ھلڪا مرڪيل چپ ڦھلائيندي، ڏانھنس غور سان ڏسي ٿي.
ھو: ”تون اڄ سچ پچ خوش ٿي نظر اچين.“ خوش ٿيندي.
ھوءَ: ”ڇو نه ٿينديس.“ ماڻي جي ھلڪي اداءُ ڪنڌ ۽ جسم جي لوڏ، معنى ڀريل نظرن ۽ ڀڪوڙيل پر ڦھلايل چپن ساڻ، ماڻي ۽مرڪ جي انداز مان خوشي ٽمندڙ.
ھو: ”اڄ جائي پائي ٻھڪين پئي “
ھوءَ ھلڪو شرمائي ٿي.
ھو خوشيءَ، عجب ۽ پيار ڀريل نظرن سان ڏانھنس ڏسي ٿو.
ٻئي چپ. ڪي کن رکي
ھو: ”ھا – سڪينا وئي ھلي؟“
ھوءَ: ”سڪينا!؟“ معنى ڀريل سوال، ساڳي ادا سان ھلڪو ماڻو.
ھو: ”ھا.“
ھوءَ: ”پر سڪينا ته اڄ صبح کان وٺي آئي ڪانھي.“ ساڳيون معنى ڀريل نظرون.
ھو: ”ڇا چيئه! آئي ئي ڪانھي!“ اجرچ.
ھوءَ: ”نه“ ساڳيو معنى ڀريل انداز.
ھو: ”ڪمال آ! ته تو دوا ۽ گوريون پاڻ ئي کاڌيون؟“
ھوءَ: ”ھا، ڀلا انھي ۾ ڪھڙي ڳالھه آھي.“
ھو: ”تعجب آھي.“
ھوءَ: ”ڇا جو؟“
ھو: ”ھن جو، ۽ مان به دير سان پھتس، توکي ڪيڏي نه تڪليف ٿي ھوندي، ڀلا ڪش کاڌي اٿئي؟“
ھوءَ: ”ھا اھا صبح جو ڏئي ويئي ھئي. ڇو؟ ڇا ٿيو؟ “ معنى ڀريل سوال ڪجهه کوٽڻ لاءِ.
ھو ڪي گهڙيو چپ.
ھوءَ ٻڌڻ لاءِ ڏانھنس اچرج ۽ سونجھه وچان ڏسندي رھي ٿي. ھو خاموشي ٽوڙيندي: ”ته ھيئنر ئي وڃي ونھواھ ۾ ويٺي ڇا؟“ کلي مذاقي انداز ۾.
ھوءَ: ”ونھواھ“ ڌڙڪندڙ دل.
ھو: ”ھا . . .“ خوش ٿيندي، ”توکي خبر ناھي؟“
ھوءَ: ڪنڌ سان ناڪار ڪري ٿي.
ھو: ”مونکي به ڪلھه يا ٽيون ڏينھن سڪينا ماءُ ٻڌايو ته سندس مڱڻو ايندڙ مھيني انو سان ڪندا.“
ھوءَ: ”انو سان!“
ھو: ”ھا، تاريخ به ٻڌي اٿن، شايد 29 چنڊ جي. مون سمجهيو توکي خبر آھي جوڙي واھ جي ٺھندي.“
ھوءَ: ”انو سان!!“ مرڻينگھه آواز ۾ ورجائي ٿي. ۽ لڳيس ٿو ڄڻ ڪجهه کانئس ڪجهه وڃائجي ويو. اوچتو ئي اوچتو ڪري ڀڄي پيو. امالڪ کنگھه جي دوري ۾ وچڙجي وڃي ٿي. ھو اٿي پٺي تي ھٿ ڦيرائيس ٿو ۽، وري گهٻراھٽ مان گلاس کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاھر گهڙا منجيءَ ڏانھن تکو وڌي ٿو.
گلاس ڀري واپس اچي ڏسي ٿو. ھوءَ کنگھه ۾ وچڙيل، ساڻي ٿيل، سندس حوال خطا – تڪڙو تڪڙو ڊاڪٽر ڏانھن وڃڻ جي خيال سان ٻاھر ڀڄي ٿو، ھن خيال کي خيال ۾ نه رکندي، ته تيستائين ھو جيئري به ھوندي يا نه.


- سوجهرو 1975ع