انسان بوءِ – انسان بوءِ
ڌرتيءَ سان موھ ڏوھ آھي. پنھنجي ڌرتيءَ جي نالي سڃاڻپ جو اظھار ڏوھ آھي. جيڪو موھ ۽ اظھار انسان جو گڻ آھي. انسان جي وجود جو اھم ڀاڱو. سڀاويڪ. وسنديءَ ۾ جڳن کان وسندڙ انسان، پنھنجي انساني روپ جي اظھار لاءِ، ڌرتيءَ سان موھ جو اتساھ کڻي مٿي اڀرندڙ، ته: شڪاري ڪتن جي نوس –نوس ؛ انسان بوءِ – انسان بوءِ . . . . انسانن مٿان مارو. جتي انسان نظر ايندڙ، اتي وٺ وٺان، شڪاري ڪتا جي انساني وجود ۽ گڻ کي ناس ڪرڻ لاءِ خاص مھارتي سکيا ورتل، ڏندن ۽ ننھن سان وچڙي ويندڙ. انساني سڀاءُ ۽ گهڻن واري چرپر ڪندڙ انسانن کي وچڙي ويندڙ، رتوڇاڻ ڪري اڌ مئو ڪري، يا بنھه ماري . . .
شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن.
آباد انساني وسنديءَ ۾. جتي انسان رھن ٿا. جيئرا جاڳندا انسان. انساني وجود، ھستي ۽ انساني سڃاڻپ جي بقا لاءِ ھٿ پير ھڻندڙ.
شڪاري ڪتا: انسان ۽ انساني اھڃاڻن ۽ انسانيت جا ويري. خاص سکيا ورتل: جيئرن جاڳندڙن، چرندڙ پرندڙ انسانن ۽ انساني اھڃاڻن ۽ خصلتن کي ناس ڪرڻ لاءِ، انسان بوءِ، انسان بوءِ ڪري چؤڦير گھمندڙ ڦرندڙ، نوس نوس ڪندڙ جتي انساني بوءِ اچين، وسنديءَ جي تن انسانن کي وچري وڃن ۽ بي رحميءَ سان ڇيھون ڇيھون ڪرڻ ۽ انسانيت جي مڙني آثارن ۽ اھڃاڻن کي ناس ڪرڻ لاءِ ھوڙھيائي ڪري ڪرٽ ڪرٽ ڪري کائيندڙ.
انسان دشمن شڪاري ڪتن جي، انسان بوءِ سگهڻ جي حس تکي ٿيل، انھن کي خاص سکيا سان تکو ڪيو ويو آھي. وسنديءَ ۾، باڇاھ بڻيو نوس نوس ڪندڙ. اکيون ستت ئي چرندڙ پرندڙ انساني اھڃاڻن جو اظھار ڪندڙ انسان تي پوندڙ، نوس نوس ڪري سنگھندڙ، پوءِ گهوڙيندڙ، پيڇو ڪندڙ ۽ پوءِ مارو.
انسان بوءِ انسان بوءِ، ڪري مارو ڪندڙ.
انسان بوءِ انسان بوءِ ، شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن.
جتي انسان رھي ٿو. انسان جيڪو ازل کان آزاد رھيو آھي. پنھنجو خالق پاڻ رھيو آھي. پنھنجي قدرن ۽ نعمتن جو خالق. انھن کي ڊاھيندڙ ۽ ٺاھيندڙ. انسان: ذھن رکندڙ؛ سوچ مسرت رکندڙ، احساس امنگ رکندڙ. جاکوڙ ڪندڙ. فطرت کي مات ڪري، پنھنجو وايومنڊل اڏيندڙ. انسانيت وارو وايومنڊل. مڙھيل اصولن، نيمن، قائدن ۽ نظرين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ. ناڪاري.
ناڪار: جا انساني اڏاوت ۽ تخليق جي اوسر جو اھم بُڻ رھي آھي ۽خاص انساني خصلت ۽ گڻ آھي.
ھيءَ ويھين صدي جي پڄاڻي آھي. ھيءَ انساني وسندي ۽ ان ۾ وسندڙ انسان، ان ۾ پساھ کڻندڙ. سَنسِ (Scepsis)جو دؤر. ڪارڻ جي ڦولھا، ناڪار جو دؤر؛ نظرين کان مڙھيل اصولن، قاعدن ۽ قانونن ۽ ورثي ۾ مليل عقيدن کان. انسان جي، انساني سڀاءُ پٽاندڙ. پر ھن وسنديءَ ۾ اھو ڏوھ آھي. انسان بوءِ – انسان بوءِ. . . .
انسان مار شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن.
جتي به کين انسان نظر اچي ٿو، تنھن مٿان لامارو ۽ ناس ڪرڻ لاءِ جهٽ.
انساني وسندي، جتي انسان رھي ٿو. انساني سوچ آھي.
سَنسِ آھي. ناڪار آھي، اڻ مڃتا آھي، نئين ڄاڻڻ لاءِ اتساھ آھي، جاکوڙ آھي. مڙھيل نظرين، مڙھيل واٽن، نيمن، قاعدن قانونن . . . کي للڪار آھي، ھوڪار آھي، ٽاڏ آھي، ساڻيھه ۽ انسان جي ناتي پنھنجي سڃاڻپ لاءِ اظھار لاءِ جاکوڙ آھي:
انسان بوءِ انسان بوءِ. . .
انسان مار شڪار ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن. انسان ۽ انساني گڻن ۽ اھڃاڻن کي ميسارڻ لاءِ، انسانن جي وسندي، جيئرن جاڳندڙن انسانن جي وسندي.
انسان بوءِ، انسان بوءِ . . .
انسان مار شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن.
انسان مار شڪاري ڪتا: انساني رت جا ھيراڪ انساني ذھن، وجود ۽ ھستيءَ جا ويري، انسانن کي مارڻ لاءِ خاص سکيا ورتل، تکا، زھريلا ڏند انسان جي وجود ۾ چڪ ھڻي چنبڙڻ، رت چوسڻ لاءِ آتا، پياسا.
انسان بوءِ – انسان بوءِ.
انساني وسنديءَ ۾ ۾ انسان مار شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رھيا آھن:
انسان بوءِ – انسان بوءِ . . . . . .