نوٽبڪ / ڊائريءَ منجهان
. . . سمجهه ۾ نٿو اچي ڇا ڪريان؟ منھنجي وس ۾ جو ڪجهه آھي ڪيان ٿو. نه چاھيندي به ڪيان ٿو. انٽرويو. وڏيرن وٽ. آفيس ۾ جتي انتھائي ذليل ٿيڻو پوي ٿو: وڃان ٿو. پوءِ به . . . .
. . . پاڙي ۾ رات ھڪ پوڙھو مري ويو. ٻڌندي اوچتو ڀيانڪ خيال آيم. بابا مري و . . .
. . . وڏي پٽ جي حيثيت سان – گهر جو بار – سڄو جسم ڪانڊارجي ويم ۽ پنھنجو وجود (مناسب لفظ ذھن تي نٿا اچن، جيڪي انھيءَ گهري احساس جو اظھار ڪن) دل چيو: جيڪر چريو ٿي وڃان. چرئي ٿيڻ ۾ زبردست ڇوٽڪارو آھي. نجات آھي.
ڪاش! چريو ٿي وڃان.
سمجهه ۾ نٿو اچي مان زندھ ڇو آھيان.
ڊاٺ. ليڪا. ٻه ننڍا گل ٺھيل. ۽ ڪنڊائتو لکيل:
ڪيڏو نه بيچين، بي سکو آھيان. ڪاش! اھا جاءِ ملي جتي اوڇنگارون ڏئي روئي سگهان.
بابا گهٽ وڌ ڳالھايو.
سوچيم: اڳي ڪجهه ٿورو چوندو ھو ته ورجائيندو ھومانس ۽ ھاڻ!
ائين خاموش، چپ، بي حسو ڇو ٿو رھان! چون ٿا نڪ ڪونھيس. واقعي ائين آھي؟ مونکي ڪجهه ڇو نٿو ٿئي!
منھنجو اندر، احساس، زندگي جو جوھر، ۽ وجود جو احساس ۽ ”مان“ . . . سڀڪجهه مري ويا آھن. مروٽجي ويا آھن.
سڄو ڏينھن ھلي ھلي: بابا جي لفظن ۾، رلي پني ٿڪجي آيس. سوچيم: جيڪڏھن اڄ بابا ڪجهه چيو ته سامھون ٿيندو مانس. پر ھن ڪجهه به نه چيو. موڊ ۾ ھو. ماني کاڌم. سڄو ڏينھن ڪانه کاڌي ھيم. ڪاوڙ يا تيسي جي ڪري نه. سچ پچ بک ڪانه لڳي. بک مري وئي آھي. پيار ۽ ھمدردي منجهان سمجهايائين : ”پٽ، وڏيرن جي حڪومت آھي، اسان غريبن کي ذليل ٿيڻو ئي پوي ٿو، نا اميد نه ٿيءُ . . .“ دل چيو: بابا اھو ھمدردي ۽ پيار وارو ورتاءُ ڇڏي، دٻائي، گاريون ڏئي، ٿڪون ھڻي، بجا ڏئي، لتون . . .
وڏيري . . . . . . وٽ درخواست کڻي ويس. ھو پيپلز پارٽيءَ جو اھم عھديدار آھي، ويٺو رھيس. لوسي ڪتي وانگر، لوسي بڻيو . . . پاڻ کي ڪيڏو محتاج، ذليل ڪريل ۽ گندي نالي جو ڪيڙو، بي غيرت، بکاري محسوس ڪيم.
يا خودڪشي ڪرڻ گهرجي يا بغاوت . . . خيال . . . . خيال ھيءَ به ڪا زندگيءَ آھي! ! !
ڇا نوڪري ڪرڻ ضروري آھي؟
نيٺ ڇو؟
جيئڻ لاءِ.
پر ڌاريل بنجي به جي سگهجي ٿو. چور، ٺڳ بنجي به جي سگهجي ٿو.
. . . . . . . .
. . . . . . . .
گهر ۾ ماتم، روڄ راڙو، پاڙي ۾ افسوس ۽ ڏک.
ڪيڏو شريف ۽ پيارو ھو.
خاموش نيڪ مطبع سلڇڻو.
زندگي ۾ ويچاري ڇا ڏٺو، نوجواني ۾ ئي.
ھھڙا سدورا، سٻاجھا وري ڪٿي ڄمن.
. . . . . . .