عُمومي پڇيا ويندڙ سوال
سنڌسلامت ڪتاب گهر کاتو يعني اڪائونٽ ھڪ ذاتي سڃاڻپ (profile) آھي، جيڪو توھان کي ڪتاب گهر جي مخصوص خاصيتن ۽ فائدن تائين رسائيءَ ۾ مدد ڏيندو. ھي اڪائونٽ ڪتاب پڙھڻ، ڊائونلوڊ ڪرڻ، خريد ڪرڻ، مواد مان ڳولا ڪرڻ ۽ ڳُجهن ڪتابن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو.
اڪائونٽ جا فائدا:
- اڪائونٽ ھُجڻ سان توھان ”ڪتاب گهر“ ۾ موجود ڪتابن تي پنھنجي راءِ ڏئي سگهو ٿا
- ڪتابن ۽ ليکڪن کي پسنديدہ ۾ شامل ڪري سگهو ٿا، جيڪي ڪتاب گهر جي ائپليڪيشن ۾ پڻ نظر ايندا
- ڪتاب جي پبلشر کان اُھو ڪتاب ھارڊ ڪاپيءَ ۾ خريد ڪري گُهرائي سگهو ٿا
- ڪتاب گهر ۾ نئين اپلوڊ ڪيل ڪتاب جو ايميل ذريعي اطلاع پڻ وصول ڪري سگهو ٿا
- ڪتابن جي مواد مان ڪو بہ جُملو ڳولا ڪري سگهو ٿا
- ليکڪ يا پبلشر سان رابطو ڪري سگهو ٿا
ان کان علاوہ ٻيا بہ کوڙ فائدا آھن جيڪي ايندڙ اپڊيٽ ۾ نظر ايندا
سنڌسلامت ڪتاب گهر ۾ کاتو (اڪائونٽ) کولڻ تمام آسان آھي، بنيادي معلومات ۾ توھان وٽ ھڪڙي ايميل ھُجڻ ضروري آھي.
جيڪڏھن توھان وٽ موبائل يا ڪمپيوٽر ۾ جِي-ميل لاگ ان ٿيل آھي تہ ھِتي ڪلڪ ڪري کاتو کولي سگهو ٿا، يا وري لاگ ان جي صفحي مان ”گوگل سان لاگ ان ٿيو“ واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. ياد رھي تہ توھان جو پاسورڊ ۽ ٻي معلومات توھان کي ايميل تي اُماڻي ويندي جيڪا توھان بعد ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.
جيڪڏھن توھان ڪا ٻِي ايميل سروس استعمال ڪريو ٿا جيئن ھاٽ-ميل، ياھُو، آئوٽ-لُڪ وغيرہ تہ، ھِتي ڪلڪ ڪريو. يا وري لاگ ان واري صفحي مان ”نئون کاتو“ کوليو واري ڳنڍڻي تي ڪلڪ ڪريو ۽ کُلندڙ فارم ۾ پنھنجو نالو (انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾)، ايميل ايڊريس ۽ پاسورڊ لکي ”فارم اُماڻيو“ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. ھاڻ توھان وٽ ايميل کي”تصديق“ ڪرڻ لاءِ ھڪڙو لنڪ ايندو جنھن تي ٽِڙڪ ڪري ايميل ڳنڍي سگهو ٿا.
جِي ھا! توھان جيڪڏھن پاسورڊ وساري ويٺا آھيو تہ ھِتي ڪلڪ ڪري (يا لاگ ان واري صفحي مان ”پاسورڊ وساري ويٺا آھيو؟“ واري ڳنڍڻي تي ڪلڪ ڪري) پاسورڊ ورائڻ لاءِ وارو ننڍڙو فارم ڀريو، توھان کي نئين پاسورڊ رکڻ لاءِ ھڪڙي ايميل ملندِي جنھن تي ڪلڪ ڪري پنھنجي لاءِ نئون پاسورڊ رکي سگهو ٿا.
ڪنھن بہ ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ اُن ڪتاب جي صفحي تي وڃو ۽ ”ڪتاب بابت وڌيڪ معلومات“ واري حصي مان ”ڊائونلوڊ“ واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
سنڌسلامت ڪتاب گهر ۾ گهڻي ڀاڱي ڪتاب ”ٽيڪسٽ“ جي صورت ۾ موجود آھن جيڪي بغير ڊائونلوڊ ڪرڻ جي پڙھي سگهجن ٿا. ڪنھن بہ ڪتاب کي آن لائين پڙھڻ لاءِ اُن ڪتاب جي صفحي تي وڃو ۽ ”سنڌسلامت پاران“ جي عنوان سان کُلندڙ حصي جي آخر ۾ ڏنل ”ڪتاب جو مطالعو ڪريو“واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪري مڪمل ڪتاب ھڪ ئي اسڪرين تي کوليو. يا وري ”ڪتاب ۾“ تي ڪلڪ ڪريو، توھان جي اڳيان ڪتاب ۾ موجود عنوان يا بابت نظر ايندا، ڪنھن بہ عنوان تي ڪلڪ ڪري اھو آن لائين پڙھي سگهو ٿا.
سرگوشي: آن لائين پڙھڻ واري صفحي ۾ کوڙ ٻيون بہ سھولتون آھن، ھڪ ڀيرو ڏسي پنھنجي راءِ کان ضرور آگاھ ڪجو
سنڌسلامت ڪتاب گهر ۾ پنھنجو ڪتاب شامل ڪرائڻ لاءِ ”ھِتي ڪلڪ ڪريو“ يا وري مُکيہ صفحي تي آخري حصي ۾ ڏنل فارم جي ڳنڍڻي تي ڪلڪ ڪريو
جيڪڏھن توھان ڪتاب جا پبلشر يا ليکڪ آھيو تہ توھان پنھنجي ڪتاب کي آف لائين يا ڳُجهو رکڻ لاءِ انتظاميہ سان ايميل ذريعي يا واٽس ايپ تي رابطو ڪريو.
ڪنھن بہ ڪتاب تي پنھنجي راءِ ڏيڻ لاءِ توھان جو کاتو ھُجڻ لازمي آھي، ان کان پوءِ اُن ڪتاب جي صفحي تي وڃو ۽ ”رايا ۽ ريٽنگ“ وارو حصو کوليو، جِتي توھان سامھون 1 کان 5 تائين ريٽنگ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ فارم نظر ايندو، جتي توھان پنھنجي راءِ لکي اُماڻي سگهو ٿا.
ياد رھي تہ، عالمي سطح تي ريٽنگ اُبتي ڳڻتي ۾ شمار ڪئي ويندي آھي، يعني تمام بيڪار شئي کي 1، سُٺي کي 2 ۽ ائين ئي 5 يا ڏھ تائين ريٽنگ ڏئي سگهجي ٿي.
سنڌسلامت ڪتاب گهر ۾ اڪثر ڪتاب بغير ڪنھن رُڪاوٽ جي پڙھي سگهجن ٿا، پر ڪُجهہ اھڙا بہ ڪتاب آھن جيڪي يا تہ گهڻا پابندي پيل آھن يا ڪتاب ڇپائيندڙ ۽ ڇپرائيندڙ پاران ڪتاب کي منظرِعام تي رکڻ جي اجازت ناھي ھوندي يا وري اُنھن ڪتابن ۾ موجود مواد غير ادبي ھوندو آھي ۽ ڏٺو ويو آھي تہ اھڙن ڪتابن جو واھپو ۽ وڪرو گهڻو ٿيندو آھي. ڇو تہ اھي ڪتاب عام عوام لاءِ ناھن ھوندا ان ڪري اھڙن ڪتابن کي ڳُجهو ڪتاب واري زمري ۾ رکيو پيو وڃي.
ڳُجهو ڪتاب ٻين ڪتابن وانگر ڳولا ۾ پڻ نظر ايندو، پر اھڙي ڪتاب جي معلومات واري صفحي تي ڪتاب جي ڳُجهي ھُجڻ بابت ٻڌايو ويو آھي ۽ گڏوگڏ ڪتاب پڙھڻ لاءِ انتظاميہ کي درخواست اماڻڻ جو بٽڻ پڻ لڳل ھوندو آھي. توھان اُھا درخواست انتظاميہ کي اُماڻيندا ۽ پوءِ ڪتاب گهر انتظاميہ اھڙي ڪتاب تائين توھان جي ايميل ذريعي رسائي ممڪن بڻائيندي. ان کان پوءِ توھان اھو ڪتاب پڙھي سگهندا.