گيس چيمبر
ھيءَ ويھين صدي جي پڄاڻي آھي. پڄاڻيءَ واري ويل. جڏھن انسان گهڻو ڪري وھمن کي مات ڪري، ڪائنات ۾ سوڀارو ٿي اڀريو آھي. ھر ڏس ۾:
اڳ گهڙيل، جوڙيل مفروضا ۽ گهڙيل گس يا رد ڪري چڪو آھي يا ڦيرائي چڪو آھي.
پر گيس چيمبر ۾پوريل، جيئري جاڳندي خلق مٿان مڙھيل نظريا، ڏنڊي جي زور ارھ زورائيءَ سان ٿاڦيل گيس، ته ھينءَ حياتي گذاريو.
Regimemtaation
گيس چيمبر
واري تي اڏيل ڀتيون. ڊگهيون ڀتيون، ڀتين تي اڪريل مقدس مذھبي لفظ. آڳاٽي ٻوليءَ جا. عام جي سمجهه کان مٿانھان، چوڦير ڏاڍيان، وڏي واڪ گو گاءُ، اچار، ورجاءُ تن لفظن جو.
۽ عام خلق جو ساھ مٺ ۾.
ٻوسٽ ھراس چوڦير پکڙيل. ذھن منجهيل، ساھ منجهندڙ، تنتي ڇڪتاڻ، لٿل منھن، بي بقائيءَ جي اندرين وھڪ. وسوسا، ڇا ٿيندو؟ ڇا ٿيندو؟ نيٺ ڪيستائين؟ ڪو جياپي جو واءٌ لڳندو؟ حياتيءَ جي تصور سان، چھبڪن جي زيپٽ جا اولڙا. ۽ سامھون ٻڌل، اگهاڙا انسان.
وڏيون شاھي ڏيک ڏيندڙ ڀتيون جن تي پھرو ڏيندڙ، ورديون پھريل، چوڪس، ڇتا ٿيل پھريدار. جن جو ھنن ڀتين کي سنڀالڻ جو زوريءَ ٺيڪو کڻيل. ان جائي پائيءَ، خارجي ۽ تاريخي سچائيءَ جي ھوندي به ته: ڀتيون واري تي اڏيل، نظرياتي پوڃي سان، مقدس آسماني ڪتاب جي لفظن جو اُڌار ورتل، ۽ انھن لفظن جي ٻاڪار. ذري ذري ٻاڪار. گيس چيمبر ۾ واڙيل خلق جون متيون منجهائڻ لاءِ، گيس چيمبر ۾ ڦاٿل انساني وجود رکندڙ، حساس حياتيءَ جا پساھ کڻندڙ، وجود جون وايون بتال ڪرڻ ، پنھنجي جياپي لاءِ سڪندڙن جي سڪ کي ناس ڪرڻ لاءِ ذھني جبر.
واڙيل خلق: اندر ئي اندر، ھر جيئري انسان وانگر، سوچ فڪر، چرڻ لاءِ آس کنيل.
ھڪ ھنڌ ڳاھٽ ٿيل، پوءِ به ھڪٻئي کان ايڏو ڌار، جو ھڪ ٻئي جي سڌ نه، انت جي ڄاڻ نه.
ڇتيءَ چوڪسيءَ جو
لامارا ڏيندڙ ڳجھن، نوس نوس ڪندڙ ڪتن جا پاڇولا، ڄڻڪ وجود سان ٻٽ ٿيل، لڳل، جي نه.
ته به: اھڙو احساس سڀاويڪ. جو گيس چيمبر ۾ واڙيل، ڳاھٽ ٿيل.
دونھاٽ، ٻوسٽ جي وايو منڊل ۾ چرپر، اندر ۾ آٿٿ جي آس ھيٺ:
ڪجهه ٿيو آھي؟
گيس چيمبر جي ٻي ڪنڊ ۾.
چپ:
گوڙ ٻڌين ٿو!
ڪجهه ٿي رھيو آھي.
ڪنھن شيءِ کي ساڙيو اٿن.
چپ ڪر.
ھراسيل؛
منھن تي ھراس، سانتيڪا چھرا، پر اندر ۾ اماڙيون.
ڪتو آھي.
لعنت.
بي شمار
۽ واڙيل خلق جون نور ڀٽاريون اکيون ڏسندڙ.
۽ اونڌي منھن ٻڌل انسان، پٺن تي زپڪا چھبڪن جا.
گيس چيمبر ۾ گونجندڙ پرڏيھي آڳاٽي ٻوليءَ جا مقدس لفظ ۽ پوءِ سانت، سانت ۾ منجهندڙ ساھ، ماٺ. دجال گھمي ويو.
مقدس مذھبي لفظن جو ڏاڍيان، وڏي واڪ ورود:
دجال گھمي رھيو آھي.
زبانون بند. اکيون بند. ڪن بند. زبانن تي ڪلف لڳل اکين تي پٽيون ڪنن۾ ورجايل شيھو واڙيل. بند ڪيل انسانن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ. بي بقائي/بي يقينيءَ جي ڪيفيت، ويساھ گهاتيءَ جو ڇتو احساس. ويساھ گهاتي ٿيل، نظرياتي حفاظت جي نالي ۾ مقدس لفظن جي آڙ ۾.
سرٻاٽ:
وري ڪجهه ٿيو آھي.
نيٺ انسان پوريا ويا آھن.
ڇا انسانن کي ائين ڳپل وقت تائين پوري، بند ڪري سگهجي ٿو؟
ھو گوڙ ٻڌين ٿو؟
ھيءُ ڪانئون ڀيرو آھي؟
پر ھر ڀيري ناڪام ٿيل.
نيٺ ته ھيءَ ٻاٽ اوندھ ختم ٿيندي.
ھن گيس چيمبر جي.
ھا، اکين تي زوريءَ چاڙھيل کوپا لھندا، زبانن جا ڪلف ڀڄندا ۽ ڪنن مان شيھو.
ھو ٻڌ: گوڙ ڪٿي ٿي رھيو آھي!
ڪجهه ٿيڻ وارو آھي.
اوس ٿيندو.
ڪڏھن به انسان کي ائين، واڙي، ٻوسٽ ۾، ذھني، جسماني، ٻوسٽ ۾ ٻوساٽي نٿو سگهجي.
(سانت)
ھا ٻوساٽي، ٻوساٽي ماري نٿو سگهجي. اھو انساني سڀاءَ جي ابتڙ آھي.
پر بنيادي سوال آھي: اسانجو ڇا ٿيندو، جيڪي نڌڻڪا آھيون ۽ ڪنڊ ۾ واڙيل. گيس چيمبر جي اھڙي ڪنڊ ۾ جتي چري پري به نٿو سگهجي.
الاھ! ھتي ساھ کڻڻ ڪيڏو ڏکيو آھي!
ھتان نڪرڻ لاءِ، جند آجي ڪرڻ لاءِ ڪا واھ ڳولڻي پوندي.
سھي حياتي ماڻڻ لاءِ.