ماڻڪ بيرحم، ظالم ۽ قاتل ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان ھٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنھن کي سنڌي ادب جا تارا ٺيڪيدار ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار نه آھن ۽ پڙھندڙ ھن کي شوق سان پڙھڻ کان پوءِ گاريون ڏيندا آھن.
ڏسڻ ۾ بنھه سادو، اٻوجهه پر اصل ۾ ميسوڻو. اڳ ۾ گرم بحث ڪندڙ، ھاڻي گهڻو ڪري خاموش رھندڙ، من ۾ خطرناڪ ڳالھيون سوچيندڙ ۽ رڳو سوچيندڙ نه. جيڪڏھن ھو اُھي خطرناڪ ڳالھيون من ئي من ۾ سوچيندو رھي ته اسين سڀ ڍڪ ۾ رھون ھا. اسين سڀ الائجي ڇا ڇا سوچيندا آھيون، الائي ڇا ڇا ڏھاڙي ڏسندا رھيا آھيون – گنديون، ڪنيون، واھيات ڳالھيون. پر پاڻ ئي انھن تي لڄي ٿيندا آھيون، پنھنجو پاڻ کي ڇنڀيندا آھيون ۽ مڃڻ کان انڪار ڪندا آھيون ته اسان جي چؤطرف اھو گند به آھي.
اسان وٽ ڪلاسيڪي چوڻي آھي ته گند کي ڦلھوڙيو ته ڌپ ڪندو. ھن نئين دور ۾ اسين سچ لڪائڻ جي خلاف آھيون، اسين سڀ حقيقت پسند آھيون، پر ان سان گڏ مھذب پڻ آھيون، اسين سچ کي، حقيقت کي ڪپڙا پھرائي پيش ڪندا آھيون.
۽ ماڻڪ جو وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي ئي اھو ته ھو اگهاڙو سچ ٿو پيش ڪري – ھن حقيقت تان ڪپڙا لاھي ڇڏيا آھن. آئون ڄاڻان ٿو ته اسان مان گهڻا ان ڳالھه کي قبول نه ڪندا. ھا، جي چاھين ته ماڻڪ کي دل کولي گاريون ڏئي سگهن ٿا، پر اھو خيال رکن وڏي وات گاريون ڏيندي گڦون وھائيندي، رڙيون ڪندي، ڪٿي چريا نه ٿي پون ۽ ڪپڙا لاھي رستن تي ڊوڙڻ نه لڳن. نه، اسين مھذب ماڻھو آھيون. اسين رڳو بڇڙو ڪنداسين ۽ ماڻڪ کي آھستي آھستي فضيلت سان ٻه ٽي ڪچيون گاريون ڏيئي ڇڏينداسين. تھذيب ۾ رک رکاءَ، مصلحت پسندي ۽ توڙي منافقت اڻ ٽر آھن.
۽ انھن ئي ڳالھين کي نون ڪھاڻيڪارن ڦٽي ڪري ڇڏيو آھي، ٿُڏي ڇڏيو آھي. روايتن جو ليڪو لنگهي ويندڙ، اگهاڙو سچ پيش ڪندڙ – لڙھندڙ نسل جا ليکڪ – جن ڪڏھن پيغمبر ھئڻ جي، سونھين ھجڻ جي دعوى نه ڪئي آھي. ھو پنھنجي ذھن جو، پنھنجي وجود جو بار لکڻ وسيلي لاھڻ چاھين ٿا. ۽ اھو رڳو ھنن جو بار ڪونھي، سڄي نئين ٽھيءَ جو بار آھي، نين حالتن جو بار آھي. ماڻڪ ان بار لاھڻ جي، اسان سڀني کي آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
[b]شوڪت حسين شورو[/b]
آس / نراس: ماڻڪ
اوندھ انڌڪار، ڄڀون وڍيل، ڪڇڻ ڏوھ بڻيل. سنڌ: ھڪ تاريخي سچائي. سنڌ تنھنجو نانءُ ورتم، ڄڻ ڪاريھر تي پير پيم – (شيخ اياز). مڃيل سچائين / حقيقتن کان انڪار، ٻئي پاسي سڄي ڌرتي تي واڙيل انسان گيس چيمبر ۾ بند. وڏا واڪا، تن ۾ ھڪ ئي پڙاڏو. جو اسين چئون ٿا / ٻاڪاريون ٿا، سو ساڀيان آھي! ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ھن ديس ۾ . . . . . .
جنھن دؤر مان اسان گذري رھيا آھيون، جڏھن تاريخ جي ڦيٿن کي، تاريخ جي قاعدن ۽ انسان جي تخليقي سوچ بدران اُرھ زورائي سان پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. انھن حالتن ۾ قومي ادب وسيلي اظھار وڏي اھميت رکي ٿو: پر جيڪڏھن وڌاءُ کان ڪم نه وٺون ته: جنھن حالتن مان اسان گذري رھيا آھيون، تن ۾ ادب، ٺلھو ادب پيدا ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه نه آھي، پر ھڪ ساھ پساھ کڻندڙ، سرت رکندڙ ۽ ساڃھه ڀريو ذھن رکندڙ جي حيثيت سان اسان تي ٻيون به گهڻيون ذميواريون پون ٿيون. اھي ذميواريون جيڪي واڙيل ۽ خاص طور نسل ڪشي جي شڪار ٿيل وارن ساڃھه انسانن تي ٻڌل قوم تي پون ٿيون. ھن ڏس ۾ ادب جي اھميت ۽ ان جي ڪردار کان انڪار ڪرڻ ناممڪن آھي. ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ اھڙين حالتن ھيٺ، جن مان اسان گذرون پيا ادب نھايت نمايان ۽ ڀرڀور ڀاڱو ورتو آھي. ۽ نه رڳو پاڻ – سجاڳي يا ساڃھه، جيڪا پنھنجي ئي کل ۾ بند ٿيل ھجي، ڪو نتيجو ڪڍي ٿي، جيستائين ان کي، ڦرندڙ ۽ تاريخي گهرجن پٽاندڙ عملي روپ نٿو ڏجي. ادب يا اديب به ھن کان آجو ڪونه آھي، ڀلا ٻيو ڪجهه به نه ٺلھو ذڪر ته ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته : اديب / قوم جي ذميدار ڪردارن مان ھڪ آھي.
ڪنھن به قوم جي وجود جي ناتي سان گڏ، تخليقي ادب کان انڪار ڪرڻ – ته سچائي کان مُنھن موڙڻ آھي، پر اکيون بند ڪرڻ پڻ. جو ڪجهه وس ۾ آھي، ۽ قاعدن قانونن جي زنجير ۾ ڦاٿل، پر اتساھ سان ڀريل، ۽ جئري جاڳندي احساس سان ٽٻ ٽار ٿيل، جيڪڏھن اھا ڳالھه کليل لفظن ۾ چئجي ته: قومي ڏوھ جو احساس – ٽياس تي ٽنگيل نوجوان، پنھنجي ذاتي، قومي ۽ مان واري جياپي لاءِ اوسر ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ، ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ پاڻ پتوڙيندا رھن ٿا. ادب جي تخليق انھن روين مان ھڪ آھي. ڄڻڪ گهاٽي ڪاري ڪڪر ۾ ڦاٿل، سج مان نڪتل ترورو، جئري جاڳندي، پر وڪڙ ۾ آيل، ڦاٿل پساھ جي ھڪ انساني ناتي، سماجي طور قومي وجود رکندڙ ساڃھه ۽ حساس، انسان جي پنھنجي سڃاڻپ ۽ قومي آئڊنٽٽي جي بقا لاءِ، پاڻ کي جيئرو رکڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ، آڪاش سان پاڻ ملائڻ لاءِ ۽ دنيا جي قومن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائڻ لاءِ.
پر اسان لاءِ بنيادي سوال آھي. سڀ کان پھرين پنھنجو جياپو، قومي سڃاڻپ سان. ھن وقت جن حالتن مان اسان گذرون پيا، انھن پٽاندڙ جيڪڏھن اسين ٺلھو ۽ ٺلھو رڳو ادب تي ڀاڙينداسين (ادب جي اھميت کان انڪاري نه ٿيندي) ته اھا تاريخ سان ۽ پنھنجي وجود سان ويساھ گهاتي، دغا ۽ پاڻ ٺڳڻ جي برابر ٿيندو. ھن مامري ۾ ھي حقيقت ڪنھن به حالت ۾ اسان کي ذھن ۾ رکڻ گهرجي ته اسين نه روسي آھيون، نه ويٽنامي، نه ڪيوبائي ۽ نه ئي وري آفريڪي. بنيادي تبديلن جي ڏس ۾ ٻين جي تجربن مان سکي ۽ پرائي ته سگهجي ٿو، جو اھي تجربا، پوءِ سماجي تبديلين جا ھجن يا سائنسي اوسر جا، ڪنھن خاص ملڪ جي، قوم جي ميراث نه ھوندا آھن، پر پوري انسان ذات جي ملڪيت ھوندا آھن. ان مان اھو مطلب نه وٺڻ گهرجي ته : اسان جيئن جو تيئن انھن جي ڪاپي ڪيون. قومي بقا ۽ اوسر جي بنيادي تبديلين ۾ تخليقي سوچ ته بنيادي عنصر آھي، پر تاريخ مان پرائيندي، قوم جي نفسيات، مزاج، حالتن، ڦيرن ڦايرن ۽ ويرن جي اٽڪلن، چالن کي به آڏو رکڻو پوي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ئي پنھنجي سرجڻ، بقا ۽ اوسر لاءِ پتوڙڻ جي حڪمت عملي ۽ ٽلن ۽ اٽڪلن جي جوڙجڪ ڪرڻي پوي ٿي، وقت ۽ موقعي مطابق ڦيرڦار ٿي پوي ٿي. اڳواٽ گهڙيل ۽ ٿاڦيل نظرين (Degmes) جي پوئواري، انڌي جي لٺ آھي، جيڪا گهڻو ڪري پنھنجن کي ئي ٿڙي لڳندي آھي. ھن ڏس ۾ گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر . . .
ادب ۽ حياتي ڄڻ ڪو ھڪ ٻئي لاءِ ئي جنم ورتو آھي. جتي ادب زندگي مان تخليق ٿئي ٿو. اتي، ادب به زندگي کي تخليق ڪري ٿو. اسان وٽ اڄڪلھه جيڪو ڪجهه ماٺي ماحول جي باوجود ادب /شاعري سرجي ٿي پئي، ان ۾ وقت جي اولڙي سان گڏ. خاص طور فارم ۾ ڪيترائي ۽ سٺا ۽ ڪامياب تجربا ڪيا ويا آھن. ادبي لحاظ کان اسان جي آڏو انھن جي اھميت آھي، جو اسين پنھنجي فني اظھار جا ڪيترائي روپ پڌرا پيا ڪيون. البت ھن ڏس ۾ لاڙي جي خيال کان، ڪيترن ئي ادبي – فني اختلافي مسئلن مُنھن ڪڍيو آھي. مثال طور ڀاڄوڪڙائپ (Escapism) فراريت، نراسائي، رجعت پسندي، اُبھام، تجريت، ذھني مونجهارا وغيره. اُن کي ليکڪن ۾ پيدا ٿيل نراسائي چئي سگهجي ٿو، پر ٻئي سري سان ڏٺو وڃي ته تاريخ جي سچائي کي پيش ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ ته، جنھن دؤر مان اسان گذري رھيا آھيون، ان ۾ ھڪ بي وس ماڻھو حياتي کان بڇان ڪري سگهي ٿو. البت جيتري قدر نراسائي يا بي مقصديت جو لاڳاپو آھي، سا ھڪ عام فضا آھي. ڪارڻ پڌرا آھن. سڀڪو ئي ڄاڻي ٿو. اڄ جي ليکڪن جو ڏوھ اھو آھي ته اھي، تاريخ سان سچار آھن، جڏھن ان جو اھڙو اظھار ڪن ٿا، جيڪو اظھار ، اسان جي ھلندڙ تاريخ جو ڀاڱو آھي. ھن حقيقت کان انڪار ڪرڻ اکيون پورڻ برابر ٿيندو ته: سماجي/ قومي گهوٽ الي ۾ جيڪڏھن مثبت سگهه (positive force)سگهاري نه آھي ته ذات جو بحران، ھڪ منطقي نتيجو ٿئي ٿو.
اھا نراسائيءَ جي فضا ھوندي به ائين چوڻ ڪونه جڳائي ڇاڪاڻ ته اديب جو ذھني معيار عام ماڻھو جي ذھني معيار کان پختو ھوندو آھي. (جيئن ته اديب ساڳي ئي ماحول ۾ رھندي به عام ماڻھو کان شعوري طرح اڳڀرو ھوندو آھي) پر سماج ۾ لاشعوري ڪيفيت مان سرجيل نراسائيءَ جي رنجھه ڪنجھه ڀوڳيندي، ليکڪ کي گهرجي ته پنھنجي لکڻين ۾ اتساھ جاڳائيندڙ آئيڊيل ڪردار تخليق ڪري. جيئن ”نراسائي اميد جو وڳو پھري.“
مايوسي ليکڪ جي ذھن تي ڪڏھن ، ڪڏھن ته گهڙي کن لاءِ ايندي به آھي. جيئن شاھ جي من تي – ”ڪڏھن، ڪڏھن ھينئڙا وڻين نٿو مورُ.“
بس نراسائي ۽ مايوسي ليکڪ جي من تي ڌرڻو ماري ويھي نه رھي. اُھا مايوسي به سونھين جيڪا اميد جي آسري ۾ ھوندي آھي. منھنجي ليکڪ لاءِ ڏنل ھنن لفظن تائين راءِ، منھنجي نظر ۾ اڄ جي سچار ليکڪ لاءِ آھي.
ڪن کان رڳو انڪساريءَ سان اھو سوال آھي ته: انقلاب جي بنيادي گهرجن پٽاندر، ٻين لفظن ۾ (Objective and Subjective) حالتن ڇا ڪيو آھي. ماڻھن سان لاڳاپي جا ڪيترائي روپ آھن، گهرجن پٽاندر انھن منجهان اتساھ پيدا ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ ھاڻي فرض ڪيون، ته رڳو ليکڪ جو مامرو آھي ته: ٺلھو الزام ھڻندڙ، ھٿ ٺوڪيون بزرگن ۽ پنھنجي تجربي جون لٻاڙون ھڻندڙ ليکڪن ڪھڙيون مثبت ۽ تعميري وکون کنيون آھن. ٻڌي يا تنظيمي ڏس ۾ مڙني کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ؟ ھي ڪنھن جو فردي سوال ناھي، پر تاريخ جو سوال آھي.
ماڻڪ
نواب شاھ
09 12 1981
ڪھاڻيون
---
حويليءَ جا راز
ٻنپھرن جي مھل هئي، آئون حڪيم خير محمد جي حيدري شفاخاني ڏانهن وڃي رهيو هوس. پري کان ئي ڏٺم ته حڪيم صاحب پراڻي ڪاٺ جي صندل تي پلٿي ماريو، کرل ۾ ڪنهن دوا جو سفوف ڪري رهيو هو. معمول پٽاندر سندس مٿيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ۽ هيٺيون چپ ٻاهر ڊولو ٿي نڪتل هو. مونکي پري کان ئي ڏسي، کرل کي پري ريڙهي هٿ گوڏ سان اگهيائين. جڏهن حيدري شفاخاني جي چانئٺ اڪري، پير اندر رکيم ته حڪيم اٿي، اڳتي وڌي، اڪير مان ڀاڪر پائي، پنهنجو وات منهنجي ساڄي ڪن تي آڻي چيو، ”ڪجهه ٻڌو اٿئي؟” مون اتي ئي ڪنڌ سان ناڪار ڪري چيو، “نه.” پو هندن جي زماني واري هڪ ڇڳل موڙي کي ريڙهي مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيو. آئون ويهي رهيس. هن چوڌاري رازدارانه نموني نظر ڦيرائي ۽ منهنجي ويجهو اچي آواز کي تمام هلڪو ڪري چيائين، ”ڪجهه به نه ٻڌو اٿئي؟“
”نڪي، پر ڇا جي باري ۾؟“
حڪيم جواب نه ڏنو، پٺ واري دري مان چورن وانگر ليئو پائي وري مون ڏي ڏٺائين ۽ پنهنجا ڳاڙها گول گول دوڏا ڦاڙي چيائين. ”اڙي حيف ٿئي، ههڙي خوشخبري به نه ٻڌئي ته پو ڄڻ ڄائو ئي ناهين ٻيو، جهل ته ڏسيان ٿو، ٻاهر ڏسان ته ڪا پهر ته ڪانهي.“ ائين چئي حڪيم ٻاهر جو سما ڪري نڪري ويو. مون کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو حڪيم اهڙي رازداري پيو رکي ۽ ٻڌائڻ لا جبل جيڏا سانباها پيو ڪري. ڪافي سوچ بعد به مان ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيس. نيٺ حڪيم پنهنجي چمپلي سان ڦر ڦر ڪندو اندر آيو. اچڻ شرط پنهنجو منهن منهنجي ڪن جي ويجهو آڻي چيائين، ”ھيڏي ٻڌ.“
”ھا.“
”سائين ڏنل شاهه جي ننڍي نينگري ڀڄي وئي . . . “
”هان! ڇا چيئه!؟“
”اڙي آهستي، حويلي ڀر ۾ آهي، ميان ڀتين کي به ڪن آهن.“
”سائين ڏنل شاهه جي ننڍي ۾ ننڍي نينگر. . . “
” . . . جيڪا هاڻ سامائي هئي ۽ اڃا تازو هفتو اڳ قرآن شريف کي بخشائي هئائون.“
”ڪنهن سان ڀڳي؟“
”جمعي شيدي سان.“
”جمعو شيدي! ڪهڙو جمعو شيدي؟“
”اڙي اهو ئي جمعو شيدي، جيڪو حويلي جو پاڻي ڀريندو هو. جنهن کي ڏاڏو، ڏاڏو ڪري ڪونه چوندا هئاسين.“
”اڙي اهو! دانگي جهڙو روڏو دک!“
”هائو، هائو،” حڪيم وڏي رازدانه نموني ۽ انتهائي آهستي آهستي ڳالهائي به رهيو هو ته پنهنجا ڳاڙهي گول گول دوڏا به ڦرڙائي رهيو هو. آئون سن وچان حڪيم جو منهن تڪي رهيو هوس.
” اڙي واڇ گودو ٿي وئي اٿئي، سمجهين ڇا ٿو ٻچا. زمانو ترقي تي آهي. ماڻهو چنڊ تي پيا پهچن......؟“
ساهه روڪي لاڳيتو ڳالهائڻ ڪري، حڪيم جو سينو ڀرجي آيو ۽ وات سان ڊگهو ساهه ڪڍي اڳتي چوڻ لڳو، ”آخر هي ڪيستائين قھر جا ڪوٽ رهندا، نيٺ ته ڪرندا. ڌين سان ظلم ته ڏسو، انسان جي قرآن سان شادي! سا به زائفان! حڪيم جالينوس جو قول آهي ته عورت کي مرد کان چاليهه دفعا وڌيڪ نفسياتي خواهش ٿيندي آهي. چڱو ڪيائين. نه ته حويلي ۾ عمر ڳري وڃيس ها، عمر. جيئن ٻين بيبين جون عمريون پيون ڳرن. هون! قرآن سان ٿي عورت پرڻجي. واهه ڙي سنڌ جا سيد . . . “
حڪيم پنهنجي منهن ڳالهائيندو رهيو.
حڪيم جون اهي ڳالهيون ٻڌي، منهنجي ذهن ۾ هڪ ٽاٽ ڏيندڙ ڪرنٽ اڀريو، ”سائين ڏنل شاهه جي ننڍي ۾ ننڍي نينگر؟ اڙي ان جو نالو شاهه بانو هو. وڏي بيبي کيس پيار مان شاهو ڪري ڪوٺيندي هئي. شاهو؟ ڏاڏي شيدي سان ڀڄي ويئي! ڏاڏي شيدي سان!! هڪ روڏو، بنو ۽ دک جهڙو بن مانس، ان سان!!“ مون بي خيالي ۾ ڀڻڪيو ۽ حڪيم ڏي نهاريم ته ڪٿي هن ٻڌو ته ڪونه. پر هو وري پنهنجي ڌن ۾ محو، کرل ۾ دوا کرڙي رهيو هو ته پنهنجي منهن ڳالهائي به رهيو هو.
خيالن جو سيلاب ڄڻ، ذهن جي وسيع وادي ۾ پلٽجي پيو ۽ لاشعور جي کنڊرن ۾ تهه ٿيل ننڍپڻ جي ماضي جون يادگيريون ميڻ وانگر وڃي شعور جي سطح تي اچڻ لڳيون.
”مان جڏهن ننڍو هوس، اٺن-نون سالن جو. سيدن جي حويلي مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس. مائي ساران جيڪا سيدن جي سڀني کان جهوني ٻانهي هئي، سا ڏڌ ولوڙيندي هئي. آئون هر روز صبح جو خالي ٽڀو کڻي مائي ساران جي ڀر ۾ وڃي رکندو هوس. ٻيا به ڪيترا ڳوٺ جا ننڍا نينگر ۽ نينگريون، ڏڌ وٺڻ لاءِ ٽڀا، جست جا لوٽا ۽ چونئريون کڻي اچي مائي ساران جي ڀر ۾ رکندا هئا. ڏڌ ولوڙجڻ تي مائي ساران سڀني کي ونڊي ڏيندي هئي. مان عمر ۾ سڀني نينگرن کان وڏو هوس. حويلي ۾ ٻيون ٻانهيون به هونديون هيون. جوان جماڻ، اڌڙوٽ ۽ پوڙهيون. سڀ سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رڌل رهنديون هيون. وڏي بيبي سڄو ڏينهن هندوري ۾ پيئي هوندي هئي، جو ڪا بيماري هيس، جنهن ڪري گهڻو هلي ڦري ڪانه سگهندي هئي. سائين ڏنل شاهه ڪڏهن ڪڏهن حويلي ۾ ايندو هو. نه ته اڪثر ڪري نئين ٺهرايل بنگلي ۾ رهندو هو، يا وري ڪراچي يا لاهور ۾. حويلي ۾ سڀني جي لاڏ ڪوڏ ۽ پيار جو مرڪز سائين ڏنل شاهه بادشاهه جي سڀ کان ننڍي نياڻي شاهه بانو هئي. بيبي وڏي کيس پيار وچان شاهو ڪري ڪوٺيندي هئي. شاهو سڄو ڏينهن حويلي ۾ پئي ڪڏندي ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندي هئي. ڪڏهن اڱڻ ۾ ته ڪڏهن اندر هجرن ۾. سائين کي پٽيلو اولاد ته هو ئي ڪونه، سوا ٻن نياڻين جي. شاهو ننڍي هئي، انڪري سڀ هن کي گهڻو ڀائيندا هئا. شاهو! جيڪا رات ڏاڏي شيدي سان ڀڄي وئي. تنهن جي ڄمار ان وقت شايد نو-ڏهه سال کن هئي. سندس منهن گول مٽورڙو هو ۽ رنگ ڳاڙهاڻ مائل اڇو. اڳڙين جي گڏي جي ڪارن ڌاڳن سان ٺهيل اکين وانگر سندس اکيون به چيريل ڪاريون ڪٽاريون هيون. تنهن مٿان ترار وانگر جڙيل ڪارا گهاٽا ۽ جڙوان ڀرون ڏاڍا ٺهندا هيس. بس، سوني تي سهاڳ. جڏهن ٻانهي وچان سينڌ ڏئي، سندس چوٽي ڇڪي ٻڌندي هئي، ته سندس ويٺل پيشاني اڌ چنڊ وانگر جرڪندي نظر ايندي هئي. حويلي ۾ شاهو جي وڏي ڀيڻ رهندي هئي. بيبي جنت، سائين ڏنل شاهه جي وڏي نياڻي بيبي جئان شاهو کان اٽڪل ٽي چار سال کن وڏي هئي. ان جا مهانڊا به هوبهو شاهو جهڙا هئا. شاهو اڃا ٽڙندڙ مکڙي هئي ته بيبي جنان بهار ۾ جوڀن تي رسندڙ ٽڙيل گل. جنهن جيون، نازڪ، نرم ۽ لسيون پنکڙيون چڱي طرح کليل هونديون آهن ۽ ڀونئري لا مقناطيسي ڇڪ رکنديون آهن، هن جي سڳنڌ موسم بهار جي صبح صادق ۾ ٽڙيل گلن وانگر پري کان ئي محسوس ٿيندي آهي ۽ پاڻ ڏانهن بي ساختگي ڪشش ڪندي آهي.“
ننڍپڻ جي يادگيرين جو سلسلو هلندو هيو. سنڌو جي وهڪري جيان:
”مان سيدن جي حويلي مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس. شاهو اڃا ننڍي هئي، تن ڏينهن بيبي جنان به. شاهو وانگر قرآن شريف کي بخشائي هئائون. جو سيدن جو ڪو اهڙو نينگر ڪونه هو. تنهن کانسوا چون پيا ته اصل ڳالهه ملڪيتي حصي جي ورهاڱي جي هئي. ڏاڏي، جيڪا بخشائڻ جي ريت تي ويئي هئي، تنهن ڳالهه ٿي ڪئي ته، ”بيبي کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئائون. کيس ريشمي ڳاڙهو وڳو پهريو ويو هو. سندس هٿن تي ميندي لاتي وئي هئي. قرآن پاسي کان رحل تي پيو هو ۽ بيبي گهونگهٽ ۾ شرمايو (يا پو ڊڄيو) منهن هيٺ ڪيو ويٺي هئي.“
سندس دل ٻڏي رهي هئي، سهاڳ رات جي باري ۾، خيالن ئي خيالن ۾، اڻ ڄاتل خوف، گهري پر لطف درد ۽ اڻ چکيل بي انتها خوشي جي نازڪ ڌاڳن سان اڻيل سهڻن خوابن، سڄڻ سان ملي هڪ ٿي وڃڻ جي اونهي تڙپ ۽ جواني جي سيانڍيل جوان، ڪنوارن امنگن جي اٿاهه ساگر ۾ ٻڏڻ بجا، ڀر ۾ ريشمي پوتين ۾ ويڙهيل قرآن شريف جي ڊپ ۾ ٻڏي رهي هئي. قرآن شريف جي ڀرسان، هڪ ڪائي جي پيالي ۾ ڪافور جلي رهيو هو. جنهن جي خوشبو سڄي ڪوٺي ۾ پکڙجي وئي هئي. اتي موجود هڪ البيلي جوان نينگر کي لڳو ته، ان پيالي ۾ ڄڻ بيبي جا جوان امنگ ۽ ڪنوارا خواب جلي رهيا آهن، جي جلي جلي رک ٿي ويندا.
قرآن شريف سان شادي ڪرڻ کانپو بيبي جنان کي دورا پوڻ لڳا هئا. حويلي ۾ سڀ چوندا هئا ته قرآن شريف شادي ڪرڻ ڪري، بيبي ۾ سيد خاندان جو ڪو نيڪ روح اچي واسو ٿو ڪري. پر ڳوٺ جي مسيت جو مولوي صاحب چوندو هو ته روح ڪڏهن به هن گنهگار دنيا ۾ اچي نٿو سگهي. باقي بيبي کي جن ٿو اچي. جن به ڍيڍ جن، جيڪو جنن جو سردار آهي ۽ خاص سيدن جي گهرن جو مهمان ٿيندو آهي. جڏهن بيبي جنان ۾ جن اچي واسو ڪندو هو ته هو سڄي ڳاڙهي ٿي ويندي هئي. ڄنڊا کولي ڪنڌ ڌوڻيندي هئي. سندس سڄو بدن گرم ٿي ڦڙڪڻ لڳندو هو ۽ جيڪو به سندس ڀر ۾ ويندو هو، ان کي ڀاڪر پائي چڪ هڻندي هئي، رانڀوٽا پائيندي هئي، ان جي چمڙي چوسي رت ڪڍي ڇڏيندي هئي. جيستائين منجهس جن هوندو هو، تيستائين جنهن ماڻهو يا شي ۾ ڀاڪر هوندو هوس، ان کي زوري پاڻ ۾ ڀڪوڙي، پاڻ کي لوڏيندي رهندي هئي. گهڙي ساعت ائين ڪرڻ کانپو، ساڻي ۽ بي حال ٿي ڪري پوندي هئي. بيبي جنان جي اها حالت ڏسي مائي ساران، پنهنجي اشهد آڱر هيٺين چپ تي رکي، عجب ۾ پئجي چوندي هئي. ”رب منهنجي جو شان! هڪ ته سيد جو ٻار، وري قرآن جي امان، مٿان سون تي سهاڳو هو جو. مٿس رب جو پيار.” ۽ پو ٿڌو شوڪارو ڀري آڱر آسمان ڏانهن کڻي چوندي ”ٻڙي، رب جو راز رب ڄاڻي، بندي کي ڪا سگهه ڪا جوڙ.“
مان بيبي جنان کان ڊڄندو هوس. ڏڌ وٺڻ ويندي مهل سدائين اهو ئي سوچيندو ويندو هوس ته شل نه هينئر بيبي کي جن اچي. متان ان وقت مون کي ڀاڪر پائي چڪ هڻي رت ڪڍي. وري مولوي صاحب جي هي ڳالهه، ”ڍيڍ جن وڏو حرامي ۽ بيمان آهي. جڏهن ڪنهن عورت ذات وٽ ايندو آهي ۽ ان مهل جيڪو به مرد ذات، انهي عورت جي ڀرسان ويندو آهي ته ڍيڍ جن جوجهڪي ۾ اچي، ان مرد جو ڪڏهن ڪڏهن ڳاٽو ڀڃي ڇڏيندو آهي.” ياد ڪري ڏڪي ويندو هوس ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ آيت الڪرسي پڙهي، قميص جي گلي جي پن کولي، سيني جي اندر شوڪاري، الله سائين کان دعا گهرندو هوس ته مولا! پيران پير دستگير ۽ محمد مٺي جي صدقي بيبي جي جن کان بچائجان.
سوچ جي عميق سمنڊ جي اونهين گهراين ۾ لڙهندي. ڄڻ منهنجي آڏو حويلي جي هر شي اچڻ لڳي. پڌري ۽ چٽي. هڪ ڏينهن، جيڪو منهنجي ڄمار جو نئون ۽ عجيب تر ڏينهن هو. انهي ڏينهن مان سيدن جي حويلي تان روز وانگر ڏڌ وٺڻ ويس. پنهنجو ٽڀو پوڙهي ٻانهي مائي ساران جي ڀر ۾ رکي، ڀرسان پيل کٽ تي واڏڻ کان ويهي رهيس. اڃا ڪو ٻار ڪونه آيو هو. مائي ساران پنهنجي ئي ڌن ۾ ڏڌ ولوڙي رهي هئي. بيبي وڏي مٿان سائي شال ڍڪيو ننڊ پئي هئي. شاهو به، جنهن جا ٺينگ ٽپا هيڏي ساري ويران لڳندڙ اڱڻ کي ڪجهه زندگي بخشيندا هئا، سا به شايد اندر، هجري ۾ هئي. سڄي اڱڻ ۾ چپ چپات لڳي پئي هئي. عجيب خاموش ماحول ڇانيل هو. رڳو ڏڌ ولوڙڻ ڪري، چاڏي اندر ڦرندڙ مانڌاڻي جو ڍنگائتو آواز پئي آيو، اهو آواز چپ چپات جي ماحول ۾ اڃا وڌيڪ عجيب پئي لڳو. مان چاڏي اندر لڇندڙ ڏهي جي آواز ۾ ڪن لڳايو، پنهنجي خيالن ۾ گم سم ويٺو هوس اوڏي مهل، بيبي اندران نڪتي، سندس اکيون خمار ۾ اڌ پوريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ اها اڃا هاڻ هنڌ مان اٿي آئي آهي ۽ سڄي رات ننڊ ڪرڻ بجا، لڇندي پڇندي رهي آهي. پر سندس منهن ۾ نئين قسم جي وڻندڙ ٻهڪ هئي ۽ اڌ پوريل اکين ۾ پرڪشش چمڪ. سندس هلڻ جي لوڏ ۾ هڪ نئون انداز ۽ لچڪ هئي. هن منهنجي ڀرسان اچي، مون کي ڳراٽڙي پائي چيو، ”ڪڪا شيءِ کائيندين؟” مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري، قميص جو اڳ آڱرين ۾ ويڙهڻ لڳس. ان وقت مون کي اها ڳالهه ياد اچي ويئي ته، جڏهن بيبي جنت کي جن ايندو آهي، تڏهن سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ ساهه تيز تيز هلڻ لڳندو اٿس. مون ان وقت سندس اهڙي حالت ڏٺي، هن منهن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته منهنجو دل ڊپ ۾ سسندي وئي. آئون سندس منهن ۾ نماڻائي منجهان، ڊنل ۽ هيسيل نظرن سان ڏسڻ لڳس. ”ڊڄ نه ڪڪا، هل ته شي ڏيان.“ ائين هن پيار منجهان. ڪنڌ لوڏي پنهنجا ڳاڙها چپ گول ٺاهي، انهن سان ٻچڪار ڏيندي چيو ۽ ساڄي ٻانهن ڀاڪر ۾ ڪري پنهنجي ڪوٺي ۾ وٺي آئي. منهنجو لڱ لڱ ڪانڊارجي ويو. دل ۾ چيم، ”اباڙي، اڄ ته مري ويس، لاهه ئي نڪري ويا. “ آيت الڪرسي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڊپ ۾ اها به وسري وئي هئي.
ڪوٺي ۾ اندر گهڙڻ شرط بيبي مون کي زور سان ڀاڪر پاتو ۽ منهنجي ڳٽي تي چمي ڏئي چيو، ”ڊڄ نه منهنجا مٺڙا.“ سندس آواز ۾ گھرو جذبو ۽ لرزش هئي، ان وقت بيبيءَ جا گرم گرم ۽ ڳاڙها چپ، تازي وڍيل گوشت جي ٽڪري وانگر ڦڙڪي رهيا هئا. ساهه تمام تيزي سان ناسن مان اچي وڃي رهيو هوس. ان ڪري ريشمي چولي مان سيني جو اڀار لهوار پڌرو پسجي رهيو هو. سموري بدن جو رت ڄڻ ڳٽن ۾ اچي گڏ ٿيو هوس، سندس ڳٽا ڳاڙها ڳٽورڙا ٿي ويا هئا. اکين جون ڏاريون اڀري آيون هيس ۽ انهن ۾ مقناطيسي ڇڪ هئي. سندس سڄو بدن باهه وانگر پئي ٻريو. مان سندس ڀاڪر ۾ هوس، سندس بدن جي گرمي گنجي ۽ ريشمي چولي جي ديوار اورانگهي مون کي ڇهي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان گرمي ۾ بغلن جي پگهر جي ڌپ به گڏيل هئي پر اها گرمي مون کي ڏاڍي وڻي ۽ تهه سياري ۾ باهه جي وڻندڙ سيڪ وانگر لڳم.
اهي ڳالهيون ياد اچڻ سان منهنجي بدن ۾ ڄڻ سياٽو پئجي ويو، خيالن جو سلسلو ڄڻ ڀڃي پيو، چوڌاري دواخاني ۾ حڪيم ڏٺم، هو بدستور کرل ۾ سفوف ڪري رهيو هو، ته ڪو پارسي جو شعر به جهونگاري رهيو هو ۽ رکي رکي ڀڻ ڀڻ ڪيائين. ”مار پوين، اڄ ڪو گراهڪ، نه لڙيو آهي. هن ڳوٺ جا ماڻهو هونئن ته هر شي ۾ ڪنجوس. پر بيمار ٿيڻ ۾ به ڪنجوس.” سندس انهن گفتن تي مون شڪي، پنهنجن يادگيرين کان جند ڇڏائڻ خاطر، دل ۾ چيو، ”هون بيهودا خيال، پر اهي يادگيريون دماغ مان نڪرڻ بجا، لاشعور جي اٿاهه ساگر مان پلٽجي، تيز وهڪري وانگر شعور جي صاف ۽ شفاف سطح تي اچڻ لڳيون ۽ يادگيرين جو ڳانڍاپو وري مرڪز تي اچي، زنجير جي ڪڙين وانگر ڳنڍجي ويو.
” . . . . . بيبي جنان در ٻيڪڙي ان جو ڪڙو آهستي آهستي چاڙهيو ۽ پو مون کي هڪدم ڀاڪر ۾ وجهي پاڻ سان گڏ کٽ تي اڇليو. سندس نرم ۽ گداز ٻانهون منهنجي ننڍڙي ۽ سڪل بدن جي چوڌاري مضبوطي سان ڀڪوڙجي ويون. سندس نڪ مان نڪرندڙ تيز ساهه جي بو مان سولائي سان محسوس ڪري رهيو هوس. سندس سيني اند بي چين مڇي وانگر لڇندڙ دل جي ڌڙڪ ۽ اڀريل ارهن جي هلچل منهنجي سيني کي چڱي طرح ڇهي رهي هئي. هن منهنجي نهائين تي، پنهنجا لسا لسا هٿ آهستي آهستي ڦيرڻ شروع ڪيا. منهنجي سڄي بدن ۾ هڪ وڻندڙ مزيدار ڪتڪتائي ڦهلجي وئي، پو هن منهنجي گوڏ جي ڳنڍ ۾ هٿ وڌو.... ۽ پو؟ ....، سندس ٽنگون منهنجي ڪاٺي جهڙين سڪل ۽ ميرين ٽنگن ۾ ٻکجي ويون. مان سندس ڪڇ ۾ ننڍڙي ڊنل ٻار وانگر وائڙو لڳي رهيو هوس. منهنجي حالت ان هرڻي جي ٻچي وانگر هئي، جيڪو شڪاري جي تير کان بچڻ لا ميلن جا ميل ڊڪي، پو هڪ هنڌ سهڪي بيهي رهندو آهي. ٿڪل، ڊنل ۽ هراسيل. ان وقت سندس اکين مان معصومانه بي وسي، لاچاري ۽ نماڻائي بکندي آهي. آئون بيبي جي بدن مان نڪرندڙ گرمي جي تاو، سيني اندر ڦٿڪندڙ دل جي ڌڙڪڻ ۽ لوڇ پوڇ جي حالت ۾ ڦرڪندڙ جسم جي انگ انگ جي لرزش محسوس ڪري رهيو هوس. مون کيس انهي حالت ۾ ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. سوچڻ لڳم ته، مري ويس. بيبي کي ڍيڍ جن آهي، اڄ خير ڪونهي. منهنجا مولا! خير ڪجان.” هڪ دفعو ٿورڙيون اکيون کولي ڏٺم، بيبي جي سهڪي واري ڪيفيت ڏسي هيبت وٺي ويم ۽ وري اکيون پوري ڇڏيم.
بيبي جو سڄو بدن ٿڙڪي رهيو هو ۽ هو حد کان وڌيڪ تيز سهڪي رهي هئي. آهستي آهستي سندس ڀاڪر هي ڇڪ زور وٺندي وئي. نڪ جي ڦونڊاريل ناسن مان ساهه تنهائين وڌيڪ تيز اچڻ وڃڻ لڳو. گهڙي ساعت انهي حالت کانپو، بيبي جهٽڪو ڏئي، ساڻي ۽ بي حال ٿي ڪري پيئي. مون منجهان ڀاڪر هلڪو ٿي ويس. سندس اکيون هلڪي نموني پورجي ويون هيون. مدت کان سڪايل مرڪ، سندس ڳاڙهن ڳاڙهن چپن تي کيڏي رهي هئي. مان تارا ڦوٽاڙي بيبي جي کير جهڙي اڇي بدن کي ڏسڻ لڳس. چاهه، عجب ۽ تجسس وچان. بيبي اڃا ستي پيئي هئي. ڀڄڻ لا بلو ڀلو هو. سوچيم ته ٽپ ڏئي ڀڄان. پر وري خيال آيو ته متان بيبي وارو جن پٺ وٺي ۽ ڪنڌ ڀڃي سو ڀڄڻ جو خيال لاهي اتي ئي ويهي رهيس ۽ بيبي جي اڇي بدن کي ڏسڻ لڳم. سچ پچ ڊپ ۾ به، بيبي جي بدن کي ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو.
گهڙي کن کانپو بيبي اٿي لٽا پائي، ڪانچ جا ور ٺاهيائين. پو منهنجي ڳٽي تي پيار مان ٿڦڪي هڻي چيائين. ”ڏس ڪڪا، ڪنهن کي ٻڌائجان نه.“ مون ڪنڌ هيٺ هوندي ئي. ناڪاري ۾ لوڏي نه ڪئي. پو بيبي جاري ۾ رکيل هڪ چاڏي مان سڪل ٻيرن جي مٺ ڀري منهنجي کيسي ۾ وڌي. کارڪن جون چار ڳڙيون ۽ هڪ ڦلن جو بوڙينڊو هٿن ۾ ڏيندي چيو، ”هان، منهنجا من، هي شي کاءَ“ پو هڪ آنڪي کيسي ۾ وجهندي چيائين، هنجي هٽ تان شي وٺي کائجان. پر ڏس، هي ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪجان. شابي منهنجي پپڙي کي. ائين چئي هن ٻهڪ واري مرڪ مرڪي، ڄڻ لکن جو خزانو هٿ اچي ويو هجي. مان ڏڌ کڻي واپس گهر آيس ۽ اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪيم، جو ڊپ هيم ته متان بيبي جو ڍيڍ جن ڳاٽو ڀڃي وجهي.
اهڙي ريت مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس ۽ اڪثر بيبي جنان جي ڪوٺي ۾ وڃي ساڻس گڏ سمهندو به هوس. هاڻي مون کي بلڪل ڀو نه ٿيندو هو، جن جو به نه. ڊپ بجا پنهنجائپ، هراس بجا اڻ ڄاتل مزو ۽ اجنبيت بجا مقناطيسي ڇڪ محسوس ٿيندي هئي. هاڻي بنا ڊپ ڊا جي مان به بيبي کي ڀاڪر پائيندو هوس. بيبي جو نرم نرم ۽ نازڪ بدن مون کي ڏاڍو وڻندو هو. اڪ جي ڪپهه مان ٺهيل ريشمي وهاڻي وانگر، سندس گداز، لسي ۽ اڇي بدن تي هٿ ڦيريندو هوس، ائين ڪرڻ سان ڏاڍو مزو ايندو هو. سندس اڇي چمڙي اوچي بوسڪي وانگر چلڪندڙ، ريشمي ۽ ترڪڻي لڳندي هئي، دل چوندي هئي ته سدائين ساڻس تو پيو هجان ۽ هڪ پلڪ به ڌار نه ٿيان.
ائين آئون سيدن جي حويلي تان ڏڌ وٺندو ويندو هوس، ته بيبي جنت سان موجون به ماڻيندو هوس، ٻه سال کن مون ائين وٽ ورتا. نيٺ هڪ ڏينهن جيئن مان ڏڌ جو ٽڀو مائي ساران جي ڀر ۾ رکي، ڀرسان پيل کٽ جي واڏڻ کان بيٺو هوس ته بيبي وڏي مون کي سڏي، منهنجي منهن ۾ غور سان ڏسندي چيو، ”ابا، تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين، منهن ۾ مڇن جي ساوڪ به لهي آئي اٿئي، ان ڪري اندر حويلي ۾ نه ايندو ڪر، باقي ڏڌ لا پنهنجو ننڍو ڀاءُ موڪليندو ڪر، يا تون ئي ٻاهر سڏي وٺي ويندو ڪر“ انهي آخري ڏينهن تي بيبي جنان مون کي پاڻ سان گڏ گهڻي مهل سمهاريو هو ۽ هو ٻه ٽي دفعا ساڻي ٿي هئي. آخري دفعو ڀاڪر ۾ مون کي پاڻ ڏانهن زور سان ڀڪوڙيندي چيو هئائين، ”تون مون کي هتان ڀڄائي هل، ڪنهن ڏوراهين ديس.“ مان سندس اهي اکر ٻڌي ڏڪي ويس ۽ ڀاڪر ڍلو ڪري، ٻک ڇڏائيندي وراڻيم. ”نه نه، آئون توکي ڪيڏانهن وٺي ويندم. تنهنجي ته شادي قرآن سان ٿيل آهي نه. تون ته قرآن کي بشڪيل آهين ڪين. مان توکي ڀڄائيندس ته قرآن منهنجا سنڌ سڪائي ڇڏيندو.“ هن ڍري ٿيل ڀاڪر ۽ ٽنگن جي ٻک کي مضبوط ڪندي، جوش ۽ جذبي منجهان وڌيڪ زور ڏيندي چيو، ”تون اڃا ڪڪي جو ڪڪو ئي آهين، پر ڏس منهنجا من، حويلي جي پٺئين پاسي، هو جو ٻير جو گهاٽو وڻ آهي نه، اتي لڪي لڪي ايندو ڪر هاڻي؟ ايندين نه منهنجا جاني، مان توکي ڏوڪڙ به جام ڏينديس.“ مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.
خيالن جو سلسلو هلندو رهيو. مهراڻ جي موجن جيان: ”بيبي شهه بانو، بيبي جنت جي ننڍي ڀيڻ هئي. هوبهو جنت جهڙي. اڃا به بيبي جنان کان سونهن ۾ سرس هئي. ان جي شادي به بيبي جنان وانگر، سيدن قرآن شريف سان ڪرائي، کيس حق بخشائي ڇڏيو هئائون. ڇا بيبي شهه بانو به جمعي شيدي سان سمهندي هوندي؟ جيئن بيبي جنان مون کي ڀڄائڻ لا چيو هو، تيئن بيبي شهه بانو به جمعي شيدي کي ڀڄائڻ لا چيو هوندو؟ تڏهن ته ڀڄائي ويس، پر جمعو شيدي ته صفا ڪنو هو. رنگ دانگي جي تري جهڙو، ڪارو نڪ منو، منهن تي ماتا جا داڳ، جهڙو دک، ان سان ڀڄي ويئي! بيبي ته هئي ملوڪ! جهڙو گلاب جو گل.... مان ته ڀاڙي آهيان. نپٽ ڀاڙي. ڏاڏي شيدي وانگر، مان به بيبي جنان کي ڀڄايان ها ته لئه ٿي وڃي ها.... پر هو ته سيد جو ٻار هئي، ٻنهي جهانن جو آسرو، تنهن کانسوا سائين ڏنل شاهه جي نياڻي، جيڪو لکن جو مرشد، ڪامورا ڪڙا هن جي در جا ٻيلي. . .
اهي خيال پچائيندي، منهنجي ذهن ۾ سائين ڏنل شاهه بادشاهه جو جلالي چهرو اچي ويو. شراب جي نشي ۾ خماريل ۽ ٽانڊن وانگر ٻرندڙ اکيون، ٿلهن ۽ ڪارن چپن مٿان مروٽيول ڊگها شهپر، ماس ڀريل منهن، ٿلهو ڪنڌ، جنهن سان لوڻو ورائي ڪونه سگهندو هو. پنهنجي ٿلهي ڪنڌ کي پوئتي ڪري جڏهن ٽهڪ ڏيندو هو ته ڄڻ گجگوڙ پوندي هئي. سندس شڪل ياد ڪري مون کي ڏڪڻي وٺي وئي.
”جمعي جو خير ڪونهي، سيدياڻي ڀڄائي ويو اهي. سا به سائين ڏنل شاهه جي نياڻي، سنڌ جو سيد سردار، ذات ذات ڌاڙيل سندس هر دم سلامي، ڪامورا سندس پيالي ڀائي، تنهن کانسوا وڏو ميمبر. جمعي کي سائين ڳترا ڳترا ڪرائي ڇڏيندو.“ مون کان ڀڻڪ نڪري وئي. ”پر جيڪڏهن منهنجي خبر پئجي ويس ته؟“ اهو سوچي منهنجو هان ئي ڌڙڪجي ويو.
”ميان پنهنجي منهن الائي ڇا پيو چئي؟“. هڪ ته سڄي ڏينهن ۾ ڪو گراهڪ نه وريو آهي، وري تون به الائي ڪهڙن خيالن ۾ ٻڏل.“ حڪيم موڙي کي ريڙهي منهنجي ڀرسان اچي ويندي چيو:
”مان سوچيان پيو ته سائين ڏنل شاهه، جمعي شيدي جا لاهه ئي ڪڍرائي ڇڏيندو.“ ڇا جو بابا، اهي سيد رڳو سنڌ ۾ شينهن ٿين. سنڌ کان ٻاهر موڳا صفا للو.” حڪيم وراڻيو. ”پر سائين جا مريد سنڌ کان ٻاهر به ته آهن نه، سائين پنهنجي تي اچي ته جمعي جا سرنهن جيڏا داڻا ڪرائي ڇڏي.“ مون چيو.
”ڇڏ ڙي يار، اهي سنڌ جا ماڻهو آهن، سادا ۽ اٻوجهه، نه ته ميان زمانو الائي ڪٿي وڃي پھتو آهي. ابا هينئر اهڙو سڻائو واءُ لڳو آهي، جو مرشدن جون مريديون ٻريديون ويون ٻن ۾. جي مريد مرشد جون نياڻيون ٿا ڀڄائين، سي ورائيندا وري ڪٿان.“
”پر حڪيم صاحب، بيبي ته قرآن کي بخشي هئي نه، آخر ته رب جو سچو ڪلام آهي. جمعي جا سنڌ ڪين سڪائيندو؟“
ان تي حڪيم صاحب وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ميان ماٺ ٿي ڀلي، اها سيدياڻي انهي روڏي کي ڦٻي، پر ٻيلي،” حڪيم صاحب وري چوڻ شروع ڪيو. “جمعي کي جس هجي، مڃڻ مراد آ، مڙس جو پٽ هو سائين. ها، ڪا ڳالهه آ !“
حڪيم صاحب جا اهي لفظ مون کي تير ٿي لڳا. لڳم، ڄڻ حڪيم صاحب مون کي چئي رهيو هجي ته تون وڏو ڀاڙي هئين.
ٻاھر ٻاڦ نه نڪري
اڄ جڏھن فجر جي نماز لاءِ اٿي ۽ ماڻس کي صبح مرداني وھنجندي ڏٺائين ته وري، ڄڻ ھينئن تي بڙڇي لڳس ۽ اندر پڄرندو محسوس ٿيو. پاڻي ڇڻڪار ۽ بالٽيءَ جي کڙ کڙ جو آواز، سندس ذھن تي زپڪو ڪري ٿي لڳو ۽ سندس لڱن تي پئجي اندر ئي اندر دٻيل درد کي جهرائڻ لڳو. ھو ذرو ويچارڻ کان سواءِ پروڙي وئي ته رات ڇا ٿيو ھوندو. صبح مرداني جڏھن به فجر جي نماز کان اڳ، ماءُ کي وھنجندي يا وھنتل ڏسندي ھئي ته ماڻس فجر جي نماز کان گُس گُساءُ پئي ڪري، ته انھي وقت، ھر دفعي سندس من ۾ ماءُ جي خلاف ڌڪار ڀريو دشمني وارو جذبو اڀرڻ سان گڏ، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي ھيس ۽ جسم جي رڳ رڳ مان دٻيل درد، ڪر موڙي اڀرندو محسوس ٿيندو ھوس. اھو سڄو ڏينھن ھو ملول ۽ وساڻل وساڻل گذاريندي ھئي. پر اندر ئي اندر ڄڻ سانڍيل امنگن جي چتا جلندي محسوس ٿيندي ھيس ۽ سمجهندي ھئي ته، ائين جلندي جلندي، پاڻ ھڪ ڏينھن ختم ٿي ويندي. وري جڏھن ڏينھن ٻن اندر روز مره جي ڪم ڪار ۾ اھا دونھين ٿمجي ويندي ھيس ۽ اندر ۾ ڪئن وانگر اٿيل امنگن جو طوفان جڏھن بيٺل پاڻي وانگي ماٺو ٿي ويندو ھيس، ته کيس پنھنجو پاڻ تي اجرچ ايندو ھو ۽ ھوءَ پنھنجو پاڻ کان سوال ڪندي ھئي، ته اھو کيس آخر ٿئي ڇا ٿو؟ پر ھوءَ ان جو جواب پائي نه سگهي ھئي، يا لاشعوري طور کيس ان جو جواب کٽڪندو ھو، پر ھوءَ ان تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ڪانه ھئي، جو اڳيان به ماءُ ھيس، جنھن کيس پاليو نپايو ھو نڪا ڪا پھاڄ.
ھن کي ياد آيو: شاديءَ کان اڳ، جڏھن اڃا سندس عمر ٻارنھن سال کن ھئي. ھڪ رات اوچتو ئي اوچتو، سس پس تي اک کلي ۽ ڏٺائين ته ماڻس ۽ پڻس واري کٽ خالي آھي، صفي واري بتي پئي ٻري ۽ اھو سس پس جو آواز اندران اچي رھيو آھي. سندس دل ڌڙڪڻ لڳي. ھو اٿي ۽ پاڻمرادو، ڄڻ ڪا اندروني قوت، کيس آھستي آھستي، پير پير ۾ پائي، صفي جي در وٽ گھلي آئي. در جي ڳڙڳن مان ھن اندر نھاريو. اندر ڏسڻ سان، سندس ھينئن ۾ ڄڻ ڪنھن چڪ وڌس، دماغ ماؤف ٿي ويس، ڄڻ ته ان ۾ دونھون ڀرجي ويو ھجي، سندس جسم مان ھڪ ٽاٽ اڀريو، جنھن لوندڙين وٽ اچي ٺڪاءَ ڏنو. شرم ۽ نفرت وچان سندس منھن جو پنو ئي لھي ويو. سندس اکيون پورچي ويون ۽ ھن پاڻ کي، ذھن جي دونھين ۾ ٻوساٽجندڙ محسوس ڪيو. ھي پھريون دفعو ماڻس جو ڌڪار ۽ نفرت ڀريو چھرو دونھاٽيل چھرو، سندس ذھن ۾ اڀريو ھو ۽ ننڍپڻ کان سندس ذھن ۾ ويٺل ماڻس جو مقدسائيءَ وارو خاڪو، بم سان اڏايل عمارت وانگر پاش پاش ٿي ويو ھو. ھو پنھنجي بستري تي آئي. اھا سڄي رات کيس ننڊ ڪانه آئي ھئي. عجيب ڦيرو ڏٺو ۽ اھو کيس بنھه نه وڻيو. ان کان پوءِ ھو سدائين ماءُ کي ڪجهه اجنبي نظرن سان ڏسندي ھئي، يا ماڻس کيس سچ پچ ائين لڳندي ھئي ۽ کيس، سندس لاءِ، ماڻس جي پيار مان بڇان نظر ايندي ھئي.
ھوءَ بدنو کڻي، پاڻي سان ڀري، آڳر جي ڏيڊي واري ڪنڊ ۾ پيل منجيءَ تي اچي ويٺي. ھڪ ڊگهو ٿڌو ساھ ڀري، ھٿ ڌوئڻ لڳي. ھٿ ڌوئيندي ھن چوڌاري اڱڻ ۾ نھاريو. اڱڻ جي ساڄي پاسي پيل کٽ تي سندس ننڍي ڀيڻ صابي ۽ ننڍو ڀاءَ اڪو ستا پيا ھئا. پريان آخري ڇيڙي واري کٽ تي پڻس ستو پيو ھو، بيپرواھ، ان کٽ تي ٻيو وھاڻو خالي پيو ھو. ان جي ڀرسان سندس کٽ ھئي، جنھن تي سندس ٻن سالن جو ڪڪو اگهور ننڊ ۾ پيو ھو. پنھنجي ابھم ڪڪي تي نظر پيس، کيس پنھنجو اھو ٻار زندگي جو ھڪ ڳورو ۽ پچر نه ڇڏيندڙ بوج لڳو.
”ڪھڙن ويچارن ۾ پئجي ويئي آھي امان، جود ڪر ڄاڻ سج اُڀريو.“ ماڻس غسلخاني مان اشھد ڪلمون پڙھندي، وار ڇنڊيندي نڪتي ۽ سندس ڀرسان لنگهي، سندس منھن ۾ نھاري، وري ستل ٻارن ڏانھن ٻلھار ويندڙ نھار ڪري، پوتي ٺاھي وڃي مصلحي تي بيٺي. ماڻس جي اھا نھار کيس اندر جلائيندڙ ٺٺولي لڳي. ڀرسان لنگهڻ وقت، ماڻس جي وار ڇنڊڻ ڪري، پاڻي جا ڦڙا سندس منھن تي اچي پيا ھئا، انھن ۾ لڪس صابڻ جي ھلڪي ھلڪي خوشبو رچيل ھئي. اھا خوشبو کيس ڏاڍي وڻي. ھن ماڻس کي وڃڻ وقت ڏٺو، سندس ھلڻ جي چال بدليل ھئي. پولھه جي لوڏ ۾ جواني وارو اڙٻنگ موڙو ۽ ڳالھائڻ ۾ مٺاس، جنھن ۾ مامتا واري ڳنڀير جذبي جي بجاءِ، ماڻيل امنگ کان پوءِ چنچل نخري سان خوشي جو اٿاه جذبو ڀريل ھوندو آھي. مصلحي تي بيٺل ماءُ کي ترڇيل نگاھن سان ڏسي ، دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي، ”مئي، چاليھن سالن جي عمر ۾ به پاڻ کي جواڻ جماڻ پئي ڀانئي.“ اتي ماڻس کيس، ماءُ کان وڌيڪ عورت لڳي. سندس جسم ۾ ڪتڪائي اڀري ۽ بجلي جي ڪرنٽ وانگر، انگ انگ ۾ ڦھلجي ويس. واڻ واري منجي تي ويٺي، ٻئي اڀا ڪيل گوڏا سولا ڪيائين، انھن تي ٻنھي ٻانھين جون ٺونٺيون رکي، ھٿن جي ٻنھي ترين سان پنھنجو منھن جهلي سوچڻ لڳي. پيار ۽ پيار جي سٻنڌ به ڪھڙي نه عجيب لذت ڀري چيز آھي، جو ان جي ماڻڻ سان، اسان کي ھر شيءَ پياري ۽ وڻندڙ لڳي ٿي. ھر ماڻھو زندگيءَ سان پيار ڪرڻ لڳي ٿو. اھا ئي امان آھي، ھون صبح جو اٿندي آھي ته نماز کان وٺي نيرن پوري ٿيڻ تائين ٻارن کي پئي چھڙون ڏيندي آھي ۽ ھاڻي ڪيئن نه سڀني تي ٻلھار نھار ڪري وڃي مصلحي تي بيٺي آھي . . . “
”ائي امڙ ڪڪي ماءُ، توسان آھي ته خير، ٻڙي پھر ٿيو اٿئي وضوءَ کي، ڄڻ ڄمي وئين آھي، جلد ڪر ڄاڻ سج اڀريو.“ ماڻس پھرين رڪعت کان پوءِ سلام ڀريندي چيو.
انھي آواز ڄڻ کيس گھري ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريو. جلد جلد وضو ڪري، پوتي ٺاھي، ماڻس جي پاسي کان، پٺڀرو مصلحو ٺاھي وڃي نماز ۾ بيٺي ۽ نيت ٻڌي چپن ۾ الحمدالله شروع ڪيائين، سندس چپ مشين وانگر چُرڻ لڳا، پر ذھن ۾ سُر سُر ٿي، پيار به ڪھڙي نه عجيب شيءَ آھي . . .
”ائي امڙ” ھن ماءُ جا لفظ ذھن ۾ ورجايا، انھن لفظن جي چوڻ جي ڍنگ ۾ ڪيڏو ته اونھو ۽ ڳتيل پيار ڀريل ھو ۽ چاھت جو جذبو. پيار جي ميلاپ ۾ اھا ڪھڙي خاصيت آھي، جو اھو مامتا کي به اڀاري ٿو ۽ وڌيڪ زندھ رھڻ جي آس کي پيدا ڪري ٿو! پيار کان سواءِ زندگي زھر آھي! سندس ذھن ۾ سُر سُر وڌندي رھي ۽ ٽٽل بند کان پوءِ، ڇڙواڳ سيلاب وانگر، خيال پلٽجڻ لڳا. ٽي سال اڳ، ھن کي پنھنجي شادي واري رات ياد آئي. سڄو ڪمرو خوشبو سان ٽمٻٽار ھو ۽ مڙس جي اچڻ کان اڳ اڻ ڄاتل خوف مٿس حاوي ھو. ان وقت کيس ننڍپڻ جي اھا رات ياد آئي ھئي، جڏھن ھن چوري چوري در جي ٽنگ مان، پنھنجي ماءُ پيءُ کي اگهاڙو ڏٺو ھو ۽ انھن جي خلاف نفرت ۽ ڌڪار سندس جسم جي رڳ رڳ ۾ پيھجي وئي ھئي. اھو واقعو ياد اچڻ سان، کيس شادي کان نفرت ٿيڻ لڳي ھئي. در جو چيڪٽ ٿيو، چيڪٽ ٿيڻ سان، سندس دل جي ڌڙڪڻ اوچتو تيز ۽ دماغ ماؤف ٿيڻ لڳو، گهوٽ اندر آيو، ھن کيس پيار ڪرڻ شروع ڪيو، کيس ان مان بڇان اچڻ لڳي، گهوٽ جي ھٿ چراند وڌندي رھي، پيار ڀريا ٻول، پر انھن مان سندس دل کي ڪوبه ڇھي نه سگهيو. چميون، ھو انھن ۾ ججهڪ محسوس ڪري رھي ھئي. گهوٽ جا ھٿ سندس لسي بدن تي ترڪڻ لڳا، آھستي آھستي ھيٺ ٿيندا ويا، ارھن کان ھيٺ، پيٽ ٿي ڦري، ٿڌڙا ڪڍي، ھيٺ سرڪڻ لڳا آھستي آھستي، کيس ڪجهه تبديلي جو احساس ٿيڻ لڳو، اھو احساس ته ھٿن جي ڇھاءَ ۽ ڀاڪر مان کيس ڪجهه مزو اچي رھيو آھي ۽ اھو احساس ته نفرت ۽ خوف جي مٿان ھڪ اڻ ڄاتل لذت ڇانئجڻ لڳي آھي، اھا لذت آھستي آھستي وڌندي وئي. کيس لڳو ته ڄڻ اھا اڻ ڄاتل لذت، سندس جسم جي ڪن ڳجهن حصن ۾ دٻيل ھئي جا ھاڻ آھستي آھستي پڌري ٿي رھي ھئي. اھو لطف وڌندو رھيو ۽ ھوءَ بيخود ٿيندي ويئي، سندس انگ انگ مان بي چين خواھش تڙپي اٿي، سندس سڄي بدن ۾ ھڪ سياٽو اڀريو، جنھن منھن کان ٿيندو، پنين تائين ڏوڏي ڇڏيس، سندس جسم جي ٻوٽي ٻوٽي ڦڙڪي اٿي، بدڪو ڏئي، گهوٽ کي چھٽي ويئي ھئي.
اھو ياد ايندي، نماز ۾ بيٺي بيٺي سندس سڄي بدن ۾ سياٽو ڊوڙي ويو. ٻانھن سان ڇاتي تي ھٿ رکيو بيٺي ھئي، تن کي وٺي زوري ڀڪوڙيائين، ڄڻ ڪنھن کي ڀاڪر ۾، اندرين اڌمي وجھان، پاڻ ڏي ڇڪيندي ھجي.
”ائي امان ڪڪي ماءُ، مئي چاق ته آھين؟ ھي توکي صبح لاڪر ڇا ٿيو آھي؟ “ ماڻس جا نماز پوري ڪري، ڪڏھوڪو رڌڻي ۾ چانھه ٺاھي رھي ھئي، تنھن جي سڏ کيس سجاڳ ڪيو. ھن محسوس ڪيو ته ھوءَ نماز ڇڏي الاءِ ڪيڏانھن وڃي نڪتي آھي. ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنائين، چپن ۾ ڀڻڪيائين، ”نعوذ باالله، مئو شيطان“ وري منڍ کان الحمد شروع ڪيائين جيئن تيئن رڪوع مان ٿيندي سجدي ۾ وئي، اٿي بيٺي.
”آخر امان کان مون کي ايڏي نفرت ڇو آھي؟ ھن مونکي پاليو آھي. مان به ته ھاڻي ماءُ آھيان، پنھنجي ڪڪي جي نيپاج لاءَ ڇا ڇا سھڻو پيو اٿم امان به ته اھو ئي سٺو آھي“ پوءِ به مون کي ڪڏھن ڪڏھن امان کان چڙ ڇو ٿي وٺي؟
ھوءَ بيٺي بيٺي پنھنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي، پر ان جي جواب ڄاڻڻ کان اڳ، ماڻس جو اڻ لکي ھمدردي، ڏيا، مامتا واري ڳنڀير چھري جو تصور اچي ويس. سندس منھن تي ڏک جا تاثر اڀريا، گلو ڀرجي آيس، اکيون ڀڄي ويس، چپن ۾ ڀڻڪائين، ”امڙ، او منھنجي جيجل! منھنجي مڙس کي تو ته ماريو ئي ڪونه آھي، پوءِ جڏھن صبح جو توکي وھنجندو ڏسي، ان جو مطلب سمجهي، خبر ناھي ڇو توکان ساڙ محسوس ٿيندو اٿم. ھيءَ ته پنھنجي پنھنجي تقدير آھي جيجان!“ نيڻن جا ڳوڙھا ٽمڻ تي آيس ھن زوري اکيون ڀچي، ھيٺين چپ کي چڪ ھڻي ڳيت ڏيئي، تري آيل ڳوڙھن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ھن ڇوري کي اڄ الاءِ ڇا ٿيو آھي، ويٺي وضو تي پھر چٽ، بيٺي نماز ۾ ڄڻ ڄمي ويئي آھي.“ سندس ڪنن تي ماڻس جو آواز پيس، ماءُ جا اھي لفظ کيس ايڏا ته اگرا لڳا، جو بڇان اچڻ لڳس. چند پلڪ اڳ، جو ماءُ لاءِ پنجھائپ جو جذبو اڀريو ھئس، سو مٽجي نفرت ۽ چڙ ۾ تبديل ٿي ويو کيس ساڙ محسوس ٿيو.
جيئن تيئن نماز پوري ڪري ٻھاري کنيائين. پھرين صفي کي ٻھاري ڏيڻ لڳي. پر ڪم تي دل نه وريس، کيس ھن روز روز جي ڪم مان ڪوفت ٿيڻ لڳي روز مشين وانگر، اٿي نماز پڙھي، ٻھاري ڏيڻ، ٿانو ملڻ، پوءِ ٽوپو ڏيڻ، زندگيءَ تيليءَ جي گهاڻي وانگر پئي ڦري، جنھن ۾ رست ست، سڄي ڏينھن جي پورھيئي ۾ چوسجيو وڃي. کيس سامھون گهر واري نينگر خورشيد جيڪا ڪاليج ۾ پڙھندي آھي، ياد آئي، ”ڇوري ڪھڙي نه الھڙ آھي، چيلھه کي موڙو ڏئي، سينو سيٽي ھلندي آھي ته جواني تيز ڦوھاري وانگر اڇلون ڏيئي ٽمندي اٿس. اٿس ڪو الڪو! چمڪندڙ ٽيڊي ڪپڙا پائي ھلندي آئي، ته ڄڻ پنھنجو پاڻ کي ڪنھن جو مٽ نه سمجهندي آھي. ٽيڊي ڪپڙن ۾ ھلڻ وقت پولھه ته ٻت ٻت ڪندو اٿس، پر اڳيان ارھ به سوٽ ڏاڙھون وانگر شيڪيل ھوندا اٿس، سي به سوڙھي ريشمي چولي ۾ ڄڻ بلبن وانگر ٽم¬ ٽم ڪري پيا جرڪندا آھن.“ کيس ان تي رشڪ اچڻ لڳو.
سندس ھٿ ۾ پاڻمرادو آھستي آھستي ٻھاري ھلي رھي ھئي ته ذھن به. پنھنجي ليکي دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي، ”پر منھنجي عمر ۾ به ته ڪا ويل ڪانه آھي. اھائي ٽيويھه چوويھه سال ٿيندم مس. ويھن ۾ ھئس، شادي ٿيم، سال کن کان پوءِ ڪڪو ڄايم، بس ترت ئي مرحوم پاڻ نڌڻڪو ڪري ويم، ۽ ھاڻ! لڳان ته وقت کان اڳ ڄڻ پوڙھي پئي. ڀلا سڄو ڏينھن پئي اندر ئي اندر پچان پڄران، ٻاھر ٻاڦ نه ڪڍان، سو وقت کان اڳ مڙھي نه ٿيندئس ٻيو ڇا ٿينديس ، ھاڻي زندگيءَ ۾ رھيو ئي ڇا آھي، ائين ئي، اندر ئي اندر، پچي پچي رک ٿي ويندس.“ سندس بدن دکڻ لڳو، منھن تي اٻاڻڪائي ڇانئجڻ لڳس، جا ڄڻ اندر ۾ دکيل دونھين جي تاءُ ھئي. صفي کي ٻھاري ڏئي، ورانڊي ۾ آئي. گوڏن تي ھٿ رکي، ھيٺ اوڪڙو ويٺي ته چيلھه وٽان سور جي سٽ اڀريس. ٻھاري ڏيندي اڳتي وڌي، لڱ لڱ جهرندو محسوس ٿيس ۽ پنين وٽ ڄڻ ڪنھن چڪ وڌا ھجنس. ٻھاري ڏيندي چوڌاري نھارڻ لڳي. ساڳيون ئي شيون، ساڳين جاين تي پيل ھيون، جيئن ننڍي ھوندي کان، ھن گهر ۾ ڏسندي آئي ھئي. پر ھن کي پنھنجي ئي ھن گهر ۾ ڪجهه اجنبيت محسوس ٿيڻ لڳي، ۽ پنھنجو پاڻ کي ھن گهر ۾ مھمان سمجهڻ لڳي. اچانڪ منجهس خواھش اڀري ته، ھن کي پنھنجو گهر ھجي، جتي ھو گهرڌياڻيءَ ھجي، ھن کي پنھنجو گهر ياد اچڻ لڳو، ۽ سندس دل ۾ لاشعوري طور ھڪ ڇڪ ڏيندڙ سڪ پيدا ٿي ته انھي گهر کي ڏسي.
اڃا ٻھاري ڏيندي ورانڊي جي اڌ تي پھتي ھئي ته ماڻس سڏ ڪيس، ”ائي امان، اچ ڪڪي کي ماني کاراءِ.“
ٻھاري ڦٽي ڪري رڌڻي ۾ آئي، سندس ڪڪو روئي رھيو ھو، ”بابا کي ماني ڏئي اچان؟“ ھن پنھنجي پٽ تي مٿاڇڙي نھار ڪري، سامھون چلھه جي ڀرسان ويٺل ماءُ کان پڇيو.
”نه، مان پاڻھي ٿي ڏئي اچانس، تون پنھنجي نينگر کي سنڀال، صبح مرداني رينگٽ شروع ڪيو اٿائين“ ماڻس ائين چئي، ماني دٻڪيءَ تي رکي، ھڪ ھٿ ۾ کڻي ٻئي ھٿ ۾ چانھه جو ڪوپ جهلي، مڙس کي ڏيڻ لاءَ اٿي. ھن ماءُ جي منھن ۾ ڏٺو، اھو پيار وچان ٻھڪيو پئي، ماني کڻڻ جي انداز کي ڏٺو، ان ۾ چاھت ھئي، سندس ھلڻ جي چال کي ڏٺو، ان ۾ جواني واري چنچلتائي پئي جهلڪي، ماني کي ڏٺو، اڄ معمول کان وڌيڪ گيھه پيل ھيس، ھڪ دفعو ذھن وري بولاٽي کاڌي، اندر مان ڪروڌ، ساڙ ۽ بغض سر سر ڪري اڀرڻ لڳس.
سندس ڪڪو رينگي رھيو ھو. سندس توجھه اوڏانھن ڇڪي. مانيءَ ٽڪر ڀڃي، پٽس کي بي دلو، مٿي تي ھٿ ڦيري، مٿاڇڙي ٻچڪار ڏئي چيائين، ”کاءُ، شاباش پٽ کي.“ پٽ کي ائين مٿاڇرو پيار ڪرڻ، کيس ڪجهه عجيب ۽ اندر ۾ ڄڻ ڪجهه چڀندڙ لڳو ۽ اھو کيس ڀلي ڀت محسوس ٿيو ته سندس پيار رکو، مامتا جي جذبي کان وانجھيل ۽ کوکلو آھي. پر اھو احساس به مٿاڇرو ھو، ان کان وڌيڪ شدت سان، کيس ائين لڳو ته، سندس اھو پٽ دل جو ٽڪرو نه، پر ھڪ بوجه آھي، جيڪو مٿس زوري مڙھيو ويو آھي، جنھن کي ھوءَ کڻڻ لاءِ مجبور آھي.
ماڻس موٽي اچي چلھه جي ڀرسان منجيءَ تي ويٺي. ان جي پٺيان سندس ننڍو ڀاءَ، ڳچيءَ ۾ ڪتابن جو ٿيلھو وجھي، ڳوھيل اٽي واري پاٽ لتاڙي ماءٌ جي ھنج ۾ اچي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين، ”امان خرچي ڏي.“
”جهل خرچي، منھنجا پرين.“ ماءُ پٽ جا ٻنھي ھٿن سان ڳل وٺي، پنھنجي ويجهو آڻي، سندس نرڙ تي چمي ڏئي، رئي جي پلاند مان ڏھ پيسي ڪڍي، سندس ننڍڙي ننڍڙي ھٿ جي تريءَ تي رکندي چيو، ”سنڀالي وڃ اسڪول پٽ، روڊ تي مئا لارين وارا، ائين ٿا ھلائين جو جڳ جھان جي خبر ڪانه ٿي پوين.“ ۽ وڌيڪ ٻچي کي آسيس ڏيندي چيائين ، ”چڱو ھاڻي الله نگھبان.“ پٽ کي ويندي ماڻس ڏٺو، سندس نيڻن ۾ ، مامتا وارو مقدس پيار ۽ مستقبل لاءِ نيڪ خواھشون ڀريل ھيون.
ماءُ کي پنھنجي پٽ سان پيار ڪندو ڏسي، ھن کي دل ۾ وڍ ڏيندڙ چھڪ آيو. جيتوڻيڪ اھو سندس ڀاءَ ھو. پنھنجي پٽ کي ڏٺائين، جيڪو ھڪ اک تي پنھنجو ابتو ھٿ رکي، ھوڏ ٻڌي، منھن سڄايو سڏڪا ڀري رھيو ھو، کيس ھڪ ڇٻي آئي، ستل ممتا جو جذبو ڀڙڪو ڏئي اڀريو، اھو جذبو جيڪو اندر ئي اندر، جلندڙ آگ ۾ جلي جلي رک ٿيندو پئي ويو.
”کاءُ منھنجا سدورا پٽ، شابي منھنجا مٺڙا.“ نانس نينگر کي پيار وچان ٻچڪار ڏئي پرچائڻ لڳي. پٽس لاءِ ماڻس جو اھو پيار کيس دل ڏاريندڙ طنز ۽ ذلت ڀري خيرات لڳي. سندس رت ڄمي ويو، اچانڪ خودبخود سندس ھٿ اٿيو، ٺڪاءَ ڏئي پٽس جي ڪچڙي ڳل تي ڦھڪو ٿيو، ڳل تي چنبي جو ڳاڙھو نشان ٿي بيٺو. چماٽ سان گڏ سندس وات مان نڪري ويو، ”ڳري ويا تو ته زندگي زھر ڪري ڇڏي آھي مئا موت به نٿو اچيئي.“ سندس آواز ۾ روئڻھارڪي لرزش ھئي.
”اَئي مئي، خير گهر. ابھم آھي نيٺ ته تيسو ٻار جو ڪم آ.“ ماڻس کيس ڇڙٻ ڏني ۽ ڏوھٽي جا ڳوڙھا اگهندي وڏي پيار ۽ پاٻوھ مان چوڻ لڳي: ”نه منھنجا لال، مان گهور وڃان. آ تون مون ڏي آ.“ ائين چئي، ٻئي ھٿ اڳتي وڌائي ٻانھيون ڊگهيون ڪري، ڏوھٽي کي کڻڻ لڳي. اھا ھن کي ھڪ چٿر لڳي: جنھن ۾ انبار طعنن تنڪن جا ھجن، ھن پٽ کي ماءُ جي ھٿن مان ڦري، ٻاھر آڳر ۾ اچي کٽ تي سٽيو ۽ ماني ٽڪر سندس وات ۾ وجهندي، اندر جي باھ مان چيو، ”ھان وٺ ڏر، مئو پاڻ ته مري ويو ھي جزا مٿي ۾ ھڻي ويم.“ کيس سيني ۾ ھڪ ٻوجھه محسوس ٿيو، مٿي کي ڦيري آيس، اکيون ڀرجي آيس، ڄڻ اکين مان پاڻي نيسارا ڪري وھندس. سندس دل چيو، وڏيون وڏيون اوڇنگاريون ڏئي روئي دانھون ڪري، اھڙيون اوڇنگارون، جيڪي جواڻ جماڻ مڙس جي موت تي ڪيون ھئائين. اندر جي گھراين مان زور سان اوڇنگارون ڏئي رئڻ جي ڀرڀور خواھش ھيٺ، ھيئن ۾ ڇٻي ڏيندڙ ھڏڪي آيس. پر ھوءَ روئي نه سگهي. سواءِ ان جي جو سندس اکين مان ٻه ٽي ڳوڙھا رئي جي پلاند سان اگهي، نڪ ۾ آيل گويي کي ھٿ ۾ زور سان سڻڪي ڦھڪو ڪري اڇلايائين، جيڪو ڀت تي ٿڦجي پيو ۽ آھستي آھستي ھيٺ رڙھڻ لڳو.
سج ڪافي مٿي چڙھيو ھو. معمول پٽاندڙ ماني کائي ھوءَ رڌڻي ۾ نيرن تي ٿڦيل ٿانون کي ڌوئڻ لاءِ ويٺي. ماڻس ماني ڪري، رڌڻي مان اڳئي اٿي اڱڻ ۾ آئي ھئي. ھن راتوڪو کيرھاڻو گلاس کڻي ان ۾ اڃا ڇار ملي ئي مس ته ماڻس رڌڻي ۾ آئي. پنھنجي منھن تي پيار گاڏڙ ھمدردي جو تاثر آڻي. سندس منھن ۾ غور سان ڏسي چوڻ لڳي، ”اما رضو!“
”ھون . . . . . “ ھن رکائي مان وراڻيو.
”توکان ھڪ ڳالھه پڇان؟“
”ڪھڙي؟“
”ھي مڙس جي مرڻ کان پوءِ توکي ڪڏھن ڪڏھن توکي ڇا ٿي ٿو وڃي“ ماڻس ڏک وچان ڌيمي چوڻ لڳي، ”اما، اھا رب جي رضا ھئي ، ڀلا ان تي ڪنھن جو وس ھو. ڌيءَ، مون کان تنھنجي اھا حالت ڏٺي نٿي ٿئي، تون مونکي ڏس، آخر توکي روڳ ڪھڙو آھي؟“
”ڪجهه به نه امان“ ھن مٿاڇري نموني ورندي پر دل کي ڪا سٽ آيس.
”نه امڙ، ڪو ته روڳ اٿئي ڇا مون کي به ٻڌائڻ ۾ شرم ٿي محسوس ڪرين. مان ته تنھنجي ماءُ آھيان.“ ماڻس سندس منھن ۾ چتائي ڏٺو.
”نه نه اما، ڪجهه ناھي، بس اھئين ڪڏھن ڪڏھن طبيعت ملول ٿي ويندي آھي.“ ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري، ھيٺيئن چپ کي چڪ ھڻي وراڻيو.
”بس اُھيئن ڇا؟“ ماڻس تڪڙو حجتي سوال ڪيس. وري ڪجهه ڌيري ۽ پاٻوھ مان چيائين، ”ڪجهه ته آھي ڌيءَ، ڀلا چري ماءُ کان به لڪائين ٿي؟“ ماڻس پيار ڀرين نگاھن سان منھن ۾ ڏٺو.
”ڀلا “ گهڙي پلڪ رکي، ماڻس سندس منھن ۾ نھاري، ”ڀلا” لفظ تي ڪجهه زور ڏئي.
”ڀلا“ کانئس ڇرڪ نڪري ويو. وري ڌيرج سان چوڻ لڳي، ”نه اما، ڪجهه ڪونھي.“ سندس منھن تي لڄ وچان لالائي پکڙجي وئي، سيني ۾ اندر ڄڻ بيٺل پاڻي ۾ ڪنھن پٿر اڇليو ۽ ان ۾ اوچتي چرپر ٿي. ڪنڌ شرم وچان ھيٺ جهڪي آيس، بدن کي ٿورو لوڏي، مٿي تي پوتي چڱي طرح سرڪائي انھي کي ٺاھيائين.
رڌڻي ۾ ٻئي ماءُ – ڌي خاموش ھيون.
”ٿانو مان ٿي ڌوئيان تون ڪڪي کي کڻي وھنجارينس ۽ تون به وھنج. رن منھن ئي سڄائي ڇڏيو اٿئي. “ ماڻس خاموشي ٽوڙيندي کيس گهري پيار ڀرين نظرن سان ڏسندي چيو.
”نه اما، ٿانو ڌوئي وڃي وھنجان ٿي.“ ھن رکائي مان چيو.
”اٿ منھنجي سدوري.“ ماڻس سندس مٿي تي ھٿ رکيو ۽ ٻاراڻي نموني کيس پاٻوھ مان چيو.
رڌڻي مان ٻاھر اچي ھن ڪڪي کي کنيو ۽ نل مان پاڻي جي بالٽي ڀري غسلخاني ۾ گهڙي، ڪڪي کي وھاري پاڻ ڪپڙا لاھي ڪليءَ ۾ ٽنگڻ لڳي. ڪپڙا لاھيندي دل ۾ چوڻ لڳي، ”مان به ڪھڙي نه خودغرض آھيان اجايو ٿي امان کان جلان.“ ڪجهه پلڪ خاموش رھي وري چوڻ لڳي، ”امان نيٺ به ته عورت آھي تنھن کان سواءِ ماءُ، کيس نه ڇٻي ايندي ته ٻيو ڪنھن کي ايندي.“ ”ڀلا“ ھن ماءُ جا لفظ ورجايا، ان جو مطلب ڇا ٿي ٿي سگهيو، منھن جي اندر جو روڳ پروڙي ورتائين. ھا، نيٺ به عورت آھي، سندس منھن تي ڳاڙھاڻ آئي بدن ۾ حرارت محسوس ٿيس. پنھنجي ننگي بدن کي ڏٺائين ڪجهه عجيب محسوس ٿيس. نرڙ اڳيان آيل وارن کي ڪنڌ جو جهٽڪو ڏئي پوئتي ھٽايائين، پنھنجو کاٻو ھٿ منھن تي آڻي ڳٽي تي ڦيرائڻ لڳي. ڳٽو گرم لڳس، ھٿ آھستي آھستي ھيٺ سرڪڻ لڳس. ڪنڌ کان ٿي بغلن وٽ آندائين. پوءِ ارھن جي بِنڊڻن وٽ آڱر ڦيرائڻ لڳي، سڄي بدن ۾ گرمي وڌندڙ محسوس ٿيس. ڪاٺ جي تاڪي تي اوڪڙو ٿي ويٺي. ھٿ جي ھن ڇھاءُ سان سندس بدن ۾ حرارت وڌندي رھي ۽ ھڪ عجيب قسم جو سرور اچڻ لڳس. ھٿ جي ڇھاءُ سان اھو سرور وڌندو ويس ۽ اکيون ڌيري ڌيري پورجڻ لڳس. اوچتو سندس پوري جسم ۾ ڪتڪتائي ڏيندڙ ڏڪڻي اڀري جنھن سڄي بدن کي لوڏي ڇڏيس. اکيون کوليائين سندس ڪڪو پاڻي سان کيڏي رھيو ھو. ڪڪي جي پاڻيءَ ۾ ھٿن جا ٿاڦوڙا ھڻڻ ڪري پاڻي جا ڇنڊا کيس پئي لڳا، انھن مان زندگي بخشيندڙ لطف آيس. پٽ جي بي پرواھي سان کيڏڻ ۽ پاڻي جي ڦڻگڻ ۾ گد گد ٿيڻ کيس ڏاڍو وڻيو. پيار جي اندروني جذبي جي شدت وچان جهٽ ڏئي پٽ کي کنيائين ۽ ڇاتي ۾ لڪائي پٺي تي پيار ڀريون ٿڦڪيون ھڻڻ لڳس. وري پٽ جا ڳل پنھنجي ڳلن سان ملائي سندس ڳٽن تي، چپن تي، نرڙ تي، اکين تي چميون ڏيڻ لڳي. کيس لڳو سندس اندر ۾ ڪا بي چين ھلچل آھي. مضطرب آنڌ مانڌ آھي، ڪو طوفان آھي. ھن پوري قوت سان ٻچي کي ڇاتي سان ملائي ھڪ ڪري ڇڏڻ چاھيو. ھوءَ جذبات جي انھي طوفان ۾ پيار جي ٿٻڪين کائڻ ۾ مڱن ھئي ته مٿان ماڻس جو سڏ ٿيس ، ”ائي رضو، دير لاتئي، ٻيو پاڻي کپيئي؟“
”نه اما، اجهو آيس“ ھن اندران ورندي ڏني.
”ماءٌ جي آواز تي ھڪ دفعو وري کيس پنھنجي ۽ ماڻس جي وچ ۾ ماءُ – ڌي اڃا به وڌيڪ عورت عورت جي وچ ۾ پنجھائپ واري گھري جذبي جو احساس ٿيڻ لڳو: دل ۾ چيائين، ”امان ضرور بابي سان ڳالھه ڪري سندس لاءِ ڪٿي ڳالھيون ھلائيندي، پر ڪٿي؟“ ھو ويچار ۾ پئجي ويئي ۽ خيال ئي خيال ۾، پنھنجن ويجهن مائٽن جا ڇڙا ڇانڊا مرد نظر مان ڪڍڻ لڳي. ممو، سندس سؤٽ ممتاز، جانٺو جوان، ھلندو آھي ته مردانگي انگ انگ مان بکندي اٿس. پر، پر ھن ته شاديءَ کان ئي مرڳو انڪار ڪري ڇڏيو آھي. ماسيءَ جون ٽي نينگريون ساماڻيون ويٺيون آھن انھن کي به ٺپ جواب ڏئي ڇڏيائين. وڏي ماسات جا ته وار به اڇا ٿي رھيا آھن. ٻيو ڪير آھي؟ ھو پنھنجي مائٽن جي ڪنوارن مردن کي ھڪ ھڪ ڪري نظرن مان ڪڍندي وئي. پر ڪنھن نه ڪنھن ڪارڻ سڀني مان نااميد ٿيندي وئي. اچانڪ سندس ذھن ۾ ھڪ چھرو اڀريو. عبدو لالي جو، جيڪو سندن گهر جي سامھون ھڪ ننڍڙي مانڊڻي کوليو ويٺو آھي ۽ ان تي ننڍيون ننڍيون شيون وڪڻي پيٽ گذران ڪندو آھي.“ ڪو گهرگهاٽ به ڪونه اٿس، سمھندو به انھي مانڊڻي ۾ آھي. آھي شايد ڇڙو ڇانڊو، مئو گهوري ته ڪيئن ڏسندو آھي، جڏھن به ٻاھر ڪيڏانھن وڃڻ وقت گهٽي مان لنگهندي آھيان، ھونئن به سڄو ڏينھن پيو مان جي دري مان تڪيندو رھندو آھي.“ سندس دل ڪجهه ڌڙڪڻ لڳي ۽ لالي عبدوءَ جي شخصيت ۾ پاڻ ڏانھن ڇڪ محسوس ڪيائين ، ”شايد منھنجي لاءِ پيو واجهائيندو آھي.“ پر اوچتو نراسائي ۽ ياس بي پاڙي وانگر سندس جسم کي وڪوڙجڻ لڳي. ”پر ھو ته ڌاريو آھي، ذات ته ڇا قوم به ڌاري آھي.“ نااميديءَ جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي، کيس پنھنجي انتھائي مظلوميت ۽ قيد ھجڻ جو احساس شدت سان ٿيو. ”آخر عورتن سان ايڏو ظلم ڇو؟“ ھو سوچڻ لڳي، ”مرد ته چار شاديون به ڪري سگهن ٿا، پر عورت لاءِ بيوه ٿيڻ به عيب آھي. نه نه، ھي انصاف ناھي. الله سائين وڏو ظلم ڪيو آھي. شايد . . . . . “ ھو ڊڄي ڊڄي سوچڻ لڳي، ”شايد الله سائين به مرد آھي، نالو ته مردن جھڙو اٿس ۽ نبي به سڀ مرد موڪليائين.“ ڊپ سندس عضوي عضوي ۾ بيھندو ويو، وار ڪانڊارجي ويس ۽ اچانڪ وات مان نڪري ويس. ”نعوذ باالله ھي مون ڇا چيو، ھي ته ڪفر آھي. يا منھنجا رب مونکي معاف ڪري ڇڏ.“ پر کيس تعجب وٺي ٿو ته انھيءَ معافي ۾ اھا دل جي سچائي ڪانه آھي ۽ کيس لڳو ته جيڪو ڪجهه چيو اٿائين، اندر ئي اندر مان اھا گواھي پئي ملي ته سچ اھو آھي. مٿاڇري دل سان ڀڻڪي، ”پر اھو ته ڪفر آھي“ ڄڻ اندر ئي اندر مان ڪو چويس ٿو، ”ھو ته سچ آھي، نيٺ عورت سان اھا بي انصافي ڇو؟“
ھن ھڪ ڊگهو شوڪارو ڀري پاڻي جو ڪٽورو مٿان لاتو. وھنجي ٻاھر نڪتي. ماڻس جي غير معمولي ھمدردي نما پيار ھڪ دفعو وري کيس سونھري اميدن جي دنيا ۾ آڻي ڇڏيو.
رات جا ڏھ کن ٿيا ھئا. ھر ڪو ماني ٽڪي کائي، پنھنجي پنھنجي کٽ تي ستو پيو ھو، ماڻس، پڻس کي زور پئي ڏنا. سمورا ٻار ننڊ پئجي چڪا ھئا. ھو جاڳي رھي ھئي. سڌو سنئون ليٽي ٻانھن اکين تي رکيو ستي پئي ھئي. اندر ۾ آنڌمانڌ ھيس، ماڻس ڏانھن ڪن لايو سڄو ڌيان اوڏانھن ڪري ڇڏيو ھئائين ته سندس لاءِ ماڻس ڇا ٿي چوي، پر ماڻس خاموشي سان مڙس کي زور ڏيندي رھي. کيس ماءُ جي خاموشي تي ڏاڍا جک پئي آيا ۽ اندر جي اڻ تڻ بي چيني جي روپ ۾ وڌڻ لڳس.
ماڻس اٿي، سندس ڀر ۾ اچي ڪجهه پلڪ کيس ڏسي اڳتي وڌي بدنو کڻي غسلخاني ڏانھن وئي، شايد کيس جانچيائين پئي ته ننڊ ۾ آھي يا سجاڳ. ماءُ جي اچڻ تي ھوءَ ڇپ ماري ائين پئي رھي ڄڻ واقعي ننڊ ھجيس. ماڻس موٽندي ٻيھر کيس ڏٺو ۽ پوءِ مڙس سان وڃي گڏ ستي.
”رضو پيءُ، ڪجهه رضو جي باري ۾ سوچيو اٿو. نينگر اڃا ته جوان آھي . . . “ ھيءَ ماڻس جو آواز ھو. ماءُ جا اھي لفظ ٻڌي کانئس ھڪ وڏو ساھ نڪري ويو ڄڻ اھو ساھ اندر سانڍي رکيو ھئائين.
”ھا، مون کي به سندس الڪو آھي پر . . . . . . “ ھي پڻس جو آواز ھو. سندس ڪن وڌيڪ کڙا ٿيا.
پر ڇا، ڪٿي ڪو بلو ڪرينس، نينگرين لاءِ ڪي مڙس کُٽا.“ ماڻس چيو ۽ پاسو ورائي ھڪ ٽنگ مڙس جي ٽنگن تي ٻيڻي ڪري رکيائين .
“رضو ماءُ، اھو وقت ويو جڏھن نينگرين لاءِ مرد سڪندا ھئا. تون ڀانئين ٿي مون ڪو پنھنجي ليکي گهٽايو ھوندو.“
”ڇو، ڪنھن سان ڳالھه چوري اٿئي ڇا؟“
”ھا، ممو ماءُ کي چيم ممتاز لاءَ، پر ٺپ جواب ڏنائين. چي نڀاڳي آھي.“
پيءُ جا اھي لفظ ٻڌي سدس دل تي ڄڻ پٿر ڪريو. سموري بدن جون رڳون شيڪجي آيس. پر پاڻ تي ضابطو رکندي چپ رھي ۽ ڪن ڏئي ٻڌڻ لڳي.
”پر نيٺ ته منھن سر ڪبس.“ ھيءَ ماڻس ھئي.
آخر مان ڪھڙو ڪارو منھن ڪريان ٻن ٽن ھنڌن ڳالھه چوري اٿم. پر ھر ھنڌ جواب. ھڪ ته ڇوڪري جو پيءُ، وري ڳالھه به مان چوريان. آخر جڳ جھان ڇا چوندو. مان ته نااميد ٿي پيو آھيان. رضوءَ ماءُ، پنھنجي پنھنجي قسمت آھي، ڀلا اسين ڪري به ڇا ٿا سگهون، پنھنجو گهر اٿس، زندگيءَ جا چار ڏينھن ڏک سک ۾ گذاري وڃي پار پوندي .. .“ پڻس جي ڳالھائڻ ۾ ڪجهه ترشي ۽ نراسائي ھئي.
ماڻس چپ رھي ۽ پڻس وڌيڪ نه ڳالھايو.
ماءُ، پيءُ جي اھا خاموشي وڌيڪ کيس کائڻ لڳي. اکين آڏو اوندو اچڻ لڳس، سندس زندگي ھڪ جلندڙ کورو لڳي، جنھن ۾ پنھنجو پاڻ کي جلندو محسوس ڪيائين. پاسو ورائي ماءُ، پيءُ واري کٽ ڏانھن منھن ڪيائين ۽ اڌ اکيون کولي کين ڏسڻ لڳي. ماڻس پڻس کي ٻک وجھي ستي پئي ھئي. اکيون ٻوٽي پاسو ورائي ڀر ۾ سُتل پٽ کي ڀاڪر پاتو، پنھنجو ڳٽو ڪڪي جي ڳٽي تي رکيائين ۽ اکين جي ڪنڊن کان خاموش ڳوڙھا وھڻ لڳس، جي ڳٽن تان وھندا وھاڻي ۾ جذب ٿيندا ويا.
چوڏس 1975ع
حقيقت ۽ دوکو
ڊاڪٽر قمرالدين: شھر جي مشھور ۽ سٺن فزيشنن مان ھڪ ذھين ۽ ھوشيار، ڪڻڪ رنگو. جسم جي متناسب بناوٽ ۽ خدوخال ڪري، پرڪشش شخصيت. ڳنڀير ۽ سنجيدو. آزاد خيال ۽ شريف النفس. پنھنجي پيشي سان لڳاءُ رکندڙ. ايماندار ۽ انسان دوست ھجڻ کان مشھور. شھر جي مٿين معزز شخصيتن مان ھڪ. پر پنھنجي حيثيت جي حلقي ۾ بلڪل گهٽ ھلندڙ. ذاتي دوستن جو حلقو بلڪل نه – سواءِ زميندار رئيس قربان علي جي. جنھن سان ميٽرڪ تائين ھم ڪلاسي ھجڻ ۽ ھينئر سندس فيملي ڊاڪٽر ھجڻ جي ناتي دوستاڻا تعلقات. سي به تڪلف جي حد تائين. زندگيءَ جو ھڪ ”روٽين“ (Routine)گهر ڪلينڪ مريض مطالعو ٻارن سان پيار – آچر جي ڏينھن آرام. جنھن ۾ پنھنجي مختصر ڪٽنب زال امينه، نوجوان پٽ اڪبر، تيرھن سالن جي ڌي ڪلثوم ۽ ٻن سالن جي ڪڪي ساڻ ڪري ڪنھن تفريحي ھنڌ تي ويندو آھي.
صبح جو پنھنجي مثالي ڪٽنب سان گڏ نيرن ڪرڻ کان پوءِ ڪلينڪ ويندو آھي. وري ھڪ بجي اچي ساڻن گڏ منجهند جي ماني کائيندو آھي، آرام ڪندو آھي. شام جو ڇھين وڳي ڪلينڪ. وري رات جي ماني ڪٽنب سان گڏ. رات جي ماني کان پوءِ ڳپل مھل تائين جاءَ جي اڳيان لان ۾ يا ٻاھر خالي روڊ تي پسار ڪندو آھي، پسار کان پوءِ پنھنجي ڪمري ۾ اچي پڙھندو آھي – ڪيسن تي ويچاريندو آھي ۽ ڪتابن کي ”ريفر“ (Refer)ڪندو آھي. سندس ڪمرو: سادگي سان ھر شيءِ رکيل، بڪ شيلف جي مٿين تختي تي ڪنھن دوائن جي ڪمپني طرفان ڇپيل ڪيلينڊر؛ ڪجهه دوائن جون شيشيون ۽ ڪجهه رسالا لکيل. ۽ ھيٺين خانن ۾ سندس پيشي سان لاڳاپو رکندڙ ڪتابن کان سواءِ ادب، فلسفي، نفسيات ۽ سائنس جي مختلف برانچن جا ڪتاب نظر ايندڙ. سڄي ڪمري ۾، در جي سامھون، ڀت جي پوري وچ تي ٽنگيل ھڪ تصوير؛ ڪنھن فطري نظاري جي. ڪمري جي سادي سجاوٽ ۽ ڪتابن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر قمر ڪيڏو سادو، گھرو ۽ پنھنجي پيشي کان سواءِ ٻين علمن جو مطالعو ڪندڙ آھي، ۽ سندس ڪٽنب ھڪ مثالي ڪٽنب آھي.
رات جي ماني کائڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر پپو کي ھنج ۾ کنيو؛ ڳل تي چمي ڏنائين. ٻن وڏن ٻارن کي به پٺيان اچڻ لاءِ چيائين. اندر ڪمري ڏانھن ويندڙ زال کي ڏسي مرڪيائين ۽ بنگلي جي اڳيان لان ۾ آيو. چھل قدمي ڪرڻ لڳو. اڪبر ڪلثوم به ساڻس گڏ ھلڻ لڳا. روزمره جون ڳالھيون ڪرڻ لڳا ڪاليج جون پڙھائي جون . . . ائين ڳالھيون ڪندي پسار ڪري رھيا ھئا ته سندس نوڪر بخشو اتي آيو.
چيائين، ”صاحب اوھان جو فون آيو آھي.“
”رئيس قربان علي.“
”قربان علي؟“ ڊاڪٽر سوالي انداز ۾ ورجايو. پوءِ آھستي، ڄڻ ڪجهه سوچيندي، ڀڻڪائين، ”ته رئيس، عمرو ڪري آيو آھي – ھون، ڇا ٿو چئي؟“
”چئي ٿو ته فون ڊاڪٽر صاحب کي ڏج.“
”ھون “ ڊاڪٽر، ڪڪو بخشو کي ڏيندي، وڏن ٻارن کي پنھنجن پنھنجن ڪمرن ڏانھن وڃڻ لاءِ چئي، اندر، فون جو رسيور رکڻ کان پوءِ ڪي گهڙيون اتيئي، ڪنھن گهري سوچ ۾ بيٺو رھيو. ۽ پوءِ سوچيندي سوچيندي ٻاھر وڌڻ لڳو.
”ڇاھي“ امينه اندران ڪمري مان ٻاھر نڪرندي پڇيس.
”ڪجهه به نه.“ زوري آندل مرڪ سان وراڻيائينس.
”ڪيڏانھن پيا وڃو؟“
”رئيس قربان ڏانھن .“
”ڇو؟ خير ته . . . . “ حيرت مان پڇيائينس.
”ھا، ھا“ ڊاڪٽر ساڳي زوري آندل بناوٽي مرڪ سان چيو، ”ڪا ڳالھه ناھي، رئيس چيو آھي ته ملي وڃ.“
”ته ھو عمري تان واپس اچي ويو آھي.“
”ھا.“
”ڪڏھن؟“
”ڪلھه.“
”پوءِ اوھان کي اڄ ٻڌايو اٿس!“
”بس – مان ٿي ٿو اچانس.“
”ھينئر ڪھڙو ضرور آھي ، سڀاڻي ملجوس.“
”نه مان منٽن ۾ ٿي ٿو اچان.“
۽ گيراج ڏانھن موٽر ڪڍڻ لاءَ وڌيو.
. . . . ٿي سگهي ٿو. ھي ڪانئون مھينو . . . ھن کيس ٻڌايو ھجي، يا ھو سمجهي ويو ھجي؟
ھڪ حقيقت نتيجو . . . . . نتيجو . . . . . نتيجو . . . . . . . نتيجو . . . . . نتيجو . . . . نتيجو . . . . . . . نتيجو . . . .. . بڪواس ؛ ”ڪانسڪوئنس.“(Consequence)
”اوھ آءِ جسٽي فاءِ اٽ، آءِ ڪين جسٽي فاءِ اٽ.“ (Oh, I justify it, I Can justify it.) مون کي ائين ڪرڻ کپندو ھو. بڪل نه ته ھو تباھ ٿي وڃي ھا. يس اٽ از جسٽي فيل، لاجيڪل، اٿيڪلي “(Yes, it is logically, ethically, justifiable) ڪو به اخلاقي قدر قانون ڪنھن کي ائين ڄاڻي ٻجهي ختم . . . . (چيڪاٽ)
اف! ھي ماڻھو: انڌا مري پوي ھا ته چون ھا ڊاڪٽر ڄاڻي واڻي . . . . مان پنھنجي زال سان محبت ڪيان ٿو ھو مون سان. منھنجي نيت ڪڏھن به نه . . . ”لسٽ(Lust) ، نيور نيور (Never Never) بلڪل نه ائين ڪڏھن به نٿو ٿي سگهي. ڪڏھن به نه . . . پر سوال آھي . . . “
“ائبارشن“ (Abortion)
ھون – اھوئي ”ساليوشن“ (Solution)آھي. يس وڌ آئوٽ دئٽ . . . . .(Yes Without that) ذليل رئيس. ھنه.
ھينئر جڏھن مان وٽس وڃي رھيو آھيان، ھو ڇا سوچيندو ھوندو؛ ڊاڪٽر ويساه گهاتي ڪئي آھي. اعتماد کي ٺيس پھچائي اٿس. ڊاڪٽر ڪميڻو – نه، ڪچيون گاريون ڏيندو ھوندو. ھر سنڌي وڏيري وانگر. ذليل انسان تون آھين. تون – انسان ڪش، تون! جنھن پئسن جي ھول ۾ ھڪ معصوم جي زندگي کي تباھ ڪرڻ کان به ڪون ڪيٻايو، ھڪ معصوم، پياري ڊاڪٽر صاحب اوھان کي ڇا ٻڌايان ته مان شھزادي کي ڪيڏو ٿو ڀانيان.
فراڊ.
. . . . ھو منھنجي زندگي آھي .
. . . . قاتل. سنڌ جا زميندار. ھنن کي گولي سان اڏائجي. گوليءَ سان . . . .
. . . . ڊاڪٽر صاحب – ڊاڪٽر صاحب
ھي مونکي ڪنھن سڏيو! ھي سڀ ھلندڙ مون ڏانھن ڏسي ڇو رھيا آھن !
. . . سائين خير ته آھي! ون وي جي ابتڙ پيا وڃو؟
. . . اوھ! آءِ ايم ساري (Oh! I am Sorry) مان پنھنجن خيالن ۾ پئي ويس،”ويري ساري“(Very Sorry).
مان نروس(Nervous) ٿي ويو آھيان؟ نه نه ؟ ”گلٽي ڪانشس“ (Guilty Conscious ) مون ڪو به گناھ نه ڪيو آھي.
لئڪ آف مارل ڪريج Lack Of moral courage
نو، جو ڪجهه ٿيندو ”آ وِل فيس اٽ“ (I Will face it)
ھينئر ھو مون سان ڪيئن پيش ايندو؟ ”پولائيٽلي“ (Politely) . . . . يا نه؟ نيٺ ته وڏيرڪي ذھنيت اٿس. ممڪن آھي – مان خود بي عزتو ڪندومانس.
. . . ڪورٽ
ممڪن آھي ”سپوز“ (Suppose) ، ”بٽ اٽ از امپاسبل“ (But it is impossible)
ڪورٽ جو ڪمرو
مي لارڊ انسان جي زندگي ايڏي ”چيپ“ (Cheep) ناھي جو – مان آھيان. ”سر، آءِ ايم ڊاڪٽر، ناٽ پيوريٽن“ (Sir I am doctor not puritan) ”يس سر“ (Yes Sir)– ”سڊڪشن“(Seduction)
نو نو، اٽ از رانگ، اٽ از رانگ (No No, it is wrong, it is wrong)
”فارنيڪيشن“ (Fornication)
There was voluntarism between . . . understanding.
”بٽ سر آءِ وانٽ ٽو سي“ (But Sir, I want to see)
اوھ! ”نيور، نيور“(Never Never) ڪڏھن به نه.
”واٽ از موريلٽي“ (What is morality) اخلاق خود پنھنجي جاءِ تي ”ويگ ڪانسيپٽ“ (Vague Concept)آھي. جيڪڏھن ان کي ”رليٽو فارم“ (Relative Form) ۾ نه ڏٺو ويندو. محض بڪواس، ڪنھن حد تائين عجيب مذاق. ”اليوشن سر“(Illusion Sir)
The concept of morality should be measured in relation to the vital needs of the particular relative circumstances. Yes, it is the basic principle of cial what you ethical sciences: medical ethics, or so may classify . . . . . .
ھنن مخصوص حالتن ۾ . . . ھا سائين، ھنن مخصوص حالتن ۾. منھنجو اھو فعل قانوني ڏوھ نه آھي. نه بداخلاقي – نه ويساه گهاتي. ھڪ انساني زندگيءَ جي اھميت کي آڏو رکي مون اھو ھڪ . . . فرض سمجهي ئي ھن جي ھڪ اھم فطري ضرورت کي سمجهي ئي ۽ ھا! ڇاڪاڻ ته مون چاھيو، منھنجي اندر جي آواز ھيٺ، مون انھيءَ کي ھڪ اخلاقي فرض سمجهي ڪري ئي –
مان تسليم ڪريان ٿو منھنجي مشوري تي ئي رئيس پنھنجو ڪٽنب ڳوٺ کان ھتي شھر ۾ مستقل طور آندو. مان ساڻس اڪيلائي ۾ ملندو رھندو ھئس. رئيس کان مون اھڙي اجازت ورتي . . . صحيح آھي: رئيس جو مون ۾ مڪمل اعتماد ھو. مون کيس اھو ئي مشورو ڏنو ۽ بار بار ڏنو ته: سندس ڏينھون ڏينھن وڌندڙ ”ھيسٽرو – مينيا – ڪنڊيشن“ (Hysterio mania conditions) جو علاج صرف شادي آھي. ھن کي پيار گهرجي. ھوءَ نوجوان آھي، ساماڻيل. سندس ”سيڪسوئيل ارج“ (Sexual urge) جي تسڪين لاءِ . . . اھو فطري ضرور آھي. دوائون محض عارضي سڪون ڏيندس. رئيس ھر دفعي انڪار ڪندي ملڪيت جو سوال کڙو ڪيو. “يس سر“ واٽ ڪين آءِ ڊو فار ھر؟ (Yes Sir, What can I do for her)سواءِ مشوري ڏيڻ جي! ھمدردي ڪرڻ جي ! ”سئمپتي“ (Sympathy)ڪجهه به ناھي. سواءِ رسمي لفظن جي ”ھئپوڪريسي“ (Hypocrisy) جي. ڇا اھڙي لفظي ھمدردي ھن جو علاج ٿي سگهي ٿو. ”نو نو – نو، مي لارڊ نو“ (No, No My lord No!) مونکي يقين ھو ته اھي دورن جا حملا سندس لاءِ ھڪ ڏينھن ڪنھن ”فزيڪل ڊيفيٽ“ (Physical defect)جو ڪارڻ بڻجندا. ”بلائينڊنس، ڊيفينس، پئرالئس آر . . .“ (Blindness, deafness, paralysis . . )
سائڪياٽرسٽ؟ (Psychiatrist)
مونکي فضول لڳو. اوھان خود ئي سوچيو نه . . . ھڪ فطري ۽ ھا، مون اھا جاچ ڪئي، پنھنجي منھن، ھڪ سچي خواھش ھيٺ ته ڪاش، ھوءَ ھتي شھر ۾ ڪنھن سان ”لو“ (love) ڪندي ھجي. جيئن عموما ڪنواريون ڇوڪريون ڪنديون آھن. ۽ اھا ڪھڙي نه سٺي ڳالھه ھجي ھا، پر ھو ڪيڏي سادي، سودي، ھيسيل ۽ سخت پابندي ھيٺ! ممڪن آھي، يقين جي حد تائين ته ھن تصوراتي دنيا ۾ پنھنجو ڪو محبوب بنايو ھجي. ۽
جڏھن ته فيصلو ڪورٽ ۾ ٿيندو. مان وٽس وڃان؟ گاڏي موٽايان؟ ھروڀرو ”مس بيھو“ (Misbehave) ڪري . . . نه، ممڪن آھي. پولائٽلي (politely) پيش اچي. ۽ ھن حادثي کي حقيقت پسندي سان ريئلائيز (Realize)ڪري، مون سان ان سلسلي ۾ مشورو ڪري. اھو وڌيڪ بھتر آھي. ۽ ، اھو به ته ٿي سگهي ٿو، ھي منھنجا اجايا انديشا ھجن، اجايا . . . ھن جو شڪ مون تي نه ويندو ھجي. اھو به ٿي سگهي ٿو. مونکي ننڍپڻ کان وٺي ڄاڻي. منھنجي شرافت ۽ ايمانداري تي سندس پختو اعتماد آھي. ھون، منھنجي باري ۾ ائين سوچي به نٿو سگهي. مون جڏھن کيس چيو: رئيس ھن ڪيس ۾ ضروري آھي مان ساڻس اڪيلائي ۾ ملندو رھان.
چيائين، ”ڊاڪٽر صاحب انھي ۾ پڇڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي شھزادي اوھان جو پنھنجو ٻچو آھي. بس رڳو . . . “
”باسٽرڊ، ”ھيپوڪريٽ“ (Bastard, Hypocrite)
”ڊاڪٽر صاحب اوھانکي خبر آھي ته مان چئن مھينن لاءِ پاڪ ملڪن ڏانھن زيارت لاءِ وڃي رھيو آھيان پنھنجا گناھ بخشائڻ. شھزادي جي پارت . . . “
ايڏي ڀروسي ھوندي مون ۾ ڪيئن ٿو شڪ ڪري سگهي! ڪڏھن به نه. مونکي وٽس وڃڻ گهرجي. پر . . . ان جي معنى؟ ھو ھن کي ڏوھي ٺھرائي. نتيجو! غيرت جي احمقانه تصور ھيٺ ماري ڇڏ – اوھ! ڪيڏو ڀيانڪ تصور آھي. وحشي جانور، جھنگلي.
”نو نو، شي از انوسينٽ“ شي وڊ ناٽ بي بليمڊ.“ (No No, She is innocent) مان ڪنفس (Confess) ڪندس. آءِ ول اڪيسپٽ دي ريئلٽي. آءِ ول! (I will accept the reality)
اکيون – نيم خوابيداه – چھرو – نھار – ڇڪ
”ھائو بيوٽيفل چارمنگ“ (How beautiful charming)
. . . نه نه، مان انھيءَ کان متاثر نه ٿيو ھوس. ڪڏھن به نه.
مون رڳو سندس حسن جي ساراھ ڪئي ھئي. پر اھو منھنجي ”انٽينشن“(Intention) تي اثرانداز نه ٿيو ھو. مون سندس ضرورت کي آڏو رکي اڳتي سوچي ڇڏيو ھو؛ ”ڪنٽر اسيپٽور“ (Contraceptives) جو استعمال – ھا، مون ڪيترا ڀيرا پاڻ کان سوال پڇيو ھو ”لاجيڪلي آءِ ڪنوينسڊ ماءِ سيلف “ (Logically I convinced myself)ڪرڻ گهرجي. اھو گناھ ٿي نٿو سگهي. نه ويساھ گهاتي نه ئي بد اخلاقي.
”ليگل ايسپڪٽ“ (Legal aspect)
اوھو! واضع طور نه سوچيو ھوم. سوچي به نٿو سگهيس. ناممڪن ھو. ناممڪن پر.
ھي اوچتو! اوچتو حادثو! حادثو ئي چئبو.
انھيءَ ڏينھن . . . اوچتو – بھرحال اڳي پوءِ ٿيڻو ھو. رڳو موقعي جو اندازو رکڻو ھو. موقعي جو – خود ئي – پر احمقانه انداز ۾، غلظ وقت تي – پر ڇا ٿي سگهيو.
”جيجي مان ھن سان اڪيلائي ۾ ملڻ چاھيان ٿو“ چيريل اکين جا ڇپر ھيٺ مٿي – نھار – ڳاڙھو تپندڙ چھرو – ڇڪ – چپ چرندر – تيز ساھ سيني جو اڀار لھوار.
ماٺ
اکيون اکين ۾
شھزادي!
اوچتو – ڀاڪر
شھزادي! اھو ڇا
ڀاڪر جي ڇڪ زور سان – تڙپ – تڙپ ”يس“(Yes)، نمفوليپٽڪ(Nympholleptic) چمي – چميون.
. . . چميءَ ۾ ”انيٽئيٽو“ (Initiative) منھنجو ھو.
ھا، منھنجو، بي خودي وچان. اھا چمي!؟ ھمدردي واري پيار وچان – جيئن ھڪ ٻار کي ڏبي آھي؟ ڪو اھڙو ارادو جنھن کي جنسي معنى ۾ نه – بنھه نه.
پر مان سمجهان ٿو ته، پھرين ته منھنجو اھڙو ارادو ڪونه ھو، پوءِ ھنجي خود – سپردگي ۽ ڀرڀور ھا، ائين ئي
ڇا ھي منھنجا ذھني مفروضا آھن؟ ھن اڃان ”ريئلائيز“(Realize) نه ڪيو ھجي؟ اڃا ڪلھه ته آيو آھي. پر اچڻ شرط مون سان مليو ڇو نه؟ ملڻ کپندو ھئس. پر جيڪڏھن ڄاڻ اڃا نه پئي ھوندس، ته ڪنھن وقت پئجي سگهيس ٿي. بلڪل، پنھنجي زال کان پڇيو ھوندائين. ضرور، ايندو رھندو ھو يا نه. ڳپل ڏينھن کان مان نه ويو آھيان. وڃڻ کپندو ھوم. . . . ھنن گهرايو به ته ناھي! ان جي معنى انھي عرصي ۾ شھزادي نارمل رھي آھي؟ يا . . .
”اوھو ليو اٽ“ (Oh, Leave it)
جڏھن ڊاڪٽر جي گاڏي رئيس جي بنگلي جي مين گيٽ مان اندر لنگهي ته ڏٺائين رئيس، بنگلي جي ٻاھرين پاسي واري ٿلھي تي آرام ڪرسي تي ويٺل، سندس ڀر ۾ منجي تي ويٺل ڪمدار. ۽ سامھون ڪرسي تي ڪو ملاقاتي.
سندس پراڻو نوڪر ٿورو پرڀرو بيٺل. ڊاڪٽر ڪار جو دروازو بند ڪري ٿلھي ڏانھن وڌڻ لڳو، اندر جي ھُرکُر وچان. رئيس کيس ڏسيئي اڳيئي اٿيو ھو ۽ ڏانھنس وڌڻ لڳو ھو. اڳتي وڌي، وڏي قرب ۽ اُڪير مان ڀاڪر پاتائينس.
ڊاڪٽر صاحب ڪھڙا حال اٿو؟ ھن گرمجوشي مان ھٿ ملائيندي چيو.
”سائين، مھرباني خيرن سان موٽي آيو.“ زوري آندل مرڪ چپن تي. ذھن ۾ مونجهه، تجسس، ڪجهه ڄاڻڻ لاءِ.
۽ پوءِ اھڙي رسمي گفتگو
سموري گفتگو دوران ڊاڪٽر اشاري طور به اھڙو اندازو لڳائي نه سگهيو، ته رئيس کي ڪا اھڙي ڄاڻ آھي. ھو ٻٽي شڪي ذھن سان سوچيندو رھيو. سواءِ ڪنھن نتيجي جي پھچڻ جي.
ڪجهه وقت ائين رسمي ڳالھه ٻولھه کان پوءِ، ڊاڪٽر کي اندر ھلڻ لاءِ چيو. ھونئن عام طور، رئيس ڊاڪٽر کي اندر تڏھين وٺي ويندو آھي، جڏھن شھزادي، سندس زال يا وري سندس طبيعت خراب ھوندي آھي.
ڊاڪٽر جي دل تيز ڌڙڪڻ لڳي. مار قتل؟ اوچتو خيال آيس. رئيس ڏانھن سوال ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳو. ۽ رئيس ڄڻ سندس اڻ پڇيل سوال کي سمجهندي، اڳيان ٿيندي چيو، ”اچو سائين، اچو. اوھان ته پنھنجا ئي آھيو. اوھان کان ڪھڙو پردو.“
ڊاڪٽر سندس پٺيان ھلڻ لڳو.
اندر گهر ۾: رئيس جي زال ۽ ڌيڻس، شھزادي ھڪ ئي کٽ تي ويٺيون ھيون. ھيٺ منجي تي نوڪرياڻي ويٺل. پاڻ ۾ ڪجهه ڳالھائي رھيون ھيون. جڏھن ڊاڪٽر اندر گهڙيو ته رئيس جي زال رئو ٺاھيندي ٿورو چري، پري ويٺي ۽ ڊاڪٽر کي کيڪاريائين. نوڪرياڻي اٿي بيٺي، شھزادي تڪڙي اٿي ۽ تيز تيز اندر ڪمري ڏانھن وڃڻ لڳي.
”ڪيڏانھن پٽ، ڪيڏانھن؟“ رئيس شھزادي کي ويندو ڏسي رڙ ڪئي.
ھن ڪوبه جواب نه ڏنو. ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري، اڃا وڌيڪ تڪڙي اندر ھلي ويئي.
”ھيڏي شھزادي! پٽ ٻاھر اچ، ھاڻي ڊاڪٽر صاحب کان ڪھڙو ٿي پردو ڪرين.“
ھوءَ نه آئي.
پڻس وري سڏ ڪيس. ڪجهه حجت ۽ رعباتي نموني ۾.
ھوءَ ٻاھر آئي. آھستي آھستي. ڪنڌ ھيٺ، نظرون جهڪيل، لڄايل.
منجهيل ڊاڪٽر، ”ڇا ڪريان؟“ سوچڻ لڳو.
ڪيئن ٿي، طبيعت شھزادي؟ ھن رسمي طور پڇيو.
شھزادي نالو وٺندي، کيس ڪجهه عجيب عجيب لڳو.
ھن کان اڳ جڏھن به ھو شھزادي کي مخاطب ٿيندو ھو، ته سندس نالو وٺڻ بدران ”ٻچا“، ”ڌي“، ”پٽ“ چوندو ھوس. ان دوران لاشعوري طور سندس ڌيان شھزادي جي پيٽ ڏانھن کڄيو. ھو چور نظرن سان سندس پيٽ ڏانھن ذري ذري ڏسڻ لڳو. انھي فعل کي شعوري طرح خراب سمجهندي به، سندس نظرون ھن جي پيٽ تي کپجي ٿي ويون. پيٽ اڳتي وڌيل، نه وڌيل. نظرن جو دوکو؟ نه ھلڪو وڌيل؟ محسوس نه ٿيندڙ ذھن جو سراب؟ دوکو، اندازي لڳائڻ جو احساس.
منجهيل ذھن جو – ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو. البت تشويش.
”ويھه.“ لڄايل، ڪنڌ ھيٺ ڪري ٿورو پرڀرو بيٺل شھزادي کي چيائين. پنھنجو اجنبي آواز خود ئي محسوس ڪيائين. ھوءَ ٻي کٽ تي ويھي رھي. ماٺ، اکيون ھيٺ، جهڪيل بدستور.
رئيس کيس پنھنجي سفر، ڀلي ولايت جي مقدس جاين ۽ اتي جي حالتن وغيره جي باري ۾ احوال ٻڌائڻ لڳو. ڊاڪٽر محسوس ڪيو يا کيس لڳو ته ڳالھائڻ جي وچ ۾ رئيس ڪنھن ڪنھن وقت معنى خيز نظرن سان، ڪڏھن شھزادي ڏانھن ته ڪڏھن ڏانھنس پئي ڏٺو.
رات جا يارھن ٿيا، ته ھن رئيس کان موڪلايو. موڪلائڻ وقت رئيس ڀلي ولايت کان آندل سامان سوکڙي طور کيس ڏيندي چيو: ”سائين، رڳو ھن لاءِ توھان کي تڪليف ڏني ھئم.“
انجو مطلب ڇا ٿو ٿي سگهي؟ ھن اڃا اھو محسوس نه ڪيو آھي. شھزادي به ڳالھه نه کولي آھي. ھوءِ ويچاري ڪيئن ٻڌائيندي، پر مونکي حقيقت ظاھر ڪرڻ گهرجي. ٻي حالت ۾ غلط فھميون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪيترا مونجهارا اھو نه ٻڌائڻ ڏوھ آھي. ٻي معنى ۾ ويساھ گهاتي. ۽ . . . . . ھا؟ مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ گهرجي. اھوئي وڌيڪ درست آھي ته رئيس کي سڄي حقيقت ۽ اھي اڻ ٽر حالتون ٻڌائي، ائبارشن ڪرڻ لاءِ آماده ڪيانس.
پر ھيءَ مڪمل ”ساليوشن“ (Solution)ته ناھي ھن جي زندگي؟ شادي!
”يس، اٽ از آلسو پاسيبل“ (Yes, it is also possible)
سندس شادي لاءِ مجبور ٿي.
غيرت وچان ماري وجهيس.
اوھ! ائين به ٿي سگهي ٿو، اف – مان . . . . . مونکي گهٻرائڻ نه گهرجي. جڏھن ھي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ ماڻ پاڻ کي ذھني طور تيار ڪري رھيو ھوس ته سوچيم ھوم مان انھن ھاڃيڪار قدرن کي مڃڻ ۽ انھن مطابق ھلڻ لاءِ پابند ناھيان. جيڪي عام مروج آھن. مان آزاد آھيان. منھنجي ھن فعل سان تعلق رکندڙ فرد کي مادي توڙي غير مادي نقصان نٿو پھچي. اھا ھن جي ضرورت آھي. ضرورت علاج جي حد تائين. ھن جي پيءُ کي ڄڻڻ ۽ نپائڻ جي دعوى رکندي، اھو حق نٿو ڏئي سگهجي ته ھو پنھنجي مفاد خاطر کيس جيئري ئي قبر ۾ دفن ڪري ڇڏي. ڪنھن به پيءُ کي اھڙو حق نٿو ڏئي سگهجي.
ھون – مون کي نروس (Nervous) ٿيڻ نه گهرجي. ھھڙي حالت پيدا ٿيڻي ھئي، ”لاجيڪلي“ (Logically)
سچ جي جنگ.
واقعي لڳي پيو ته سچ جي جنگ ٿي آھي. انساني تھذيب جي اعلى قدرن لاءِ، سج؟
اسان جي پنھنجي تمنائن جو عڪس آھي. دلي تمنائن جو. مجرد ۽ لطيف روپ ۾، پو ءِ اسين انھن دلي تمنائن کي منطقي شڪل ۾ پيش ڪري سچ جو نالو ڏيندا آھيون . . . .
. . . اھو ڪنھن جو فيلسوف؟ اوھ، ”نتٽشي“ (Nietzsche) ته ان جي معنى . . .
ايبسوليوٽلي ناٽ (Absolutely Not)
ڇا مان پاڻ کي ٺڳي سگهان ٿو؟
پئراڊاڪس (Paradox)
نيور – نيور (Never, Never)
اني ھائو (Any How) . بھتر آھي ته مان رئيس کي ھن حقيقت کان آگاھ ڪريان.۽ اھو ھن جي دماغ ۾ وھاريان ته اھو اڻ ٽر ھو. ۽ انھي ۾ منھنجي اھڙي ڪا به نيت ڪانه ھئي، جنھن کي جنسي لذت، جنسي لذت جو مقصد يا اھڙي قسم جي بدنيتي چئجي. پر . . . . ممڪن اھي ائين چوڻ سان وڌيڪ اينٽيگنائيز (Antagonise) ٿئي. بھتر آھي، ڪنھن ريت رڳو کيس شھزادي جي شادي ڪرائڻ لاءِ آماده ڪيان. جيترو ممڪن ٿي سگهي جلد. ھا، ائبارشن کان پوءِ. ايندڙ پھرين ئي ملاقات ۾ ساڻس ڳالھائيندس. سواءِ ڪنھن گهٻراھٽ جي. مون ته ڪو گناھ ڪيو ناھي، جو اجايو ذھني عذاب ڀوڳيان.
ڊاڪٽر اھو سوچي، قطعي اندر ۾ فيصلو ڪيو. ان ھوندي به ھڪ مبھم کٽڪندڙ غير تسلي بخش احساس کڻي گهر آيو.
۽ پوءِ ڊاڪٽر جي رئيس سان ملاقات ٿيندي رھي. رسمي ۽ دستوري ڳالھيون. ملڻ وقت ھر دفعي ھن اھڙو ذڪر چورڻ لاءِ سوچيو. پر ھر دفعي سوچڻ ۽ سوچي ذھني ڪرب ۽ تنتي پيڙا ڀوڳڻ کان سواءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو. ھر دفعي جڏھن اٽل ارادو ڪندي به، چئي نه سگهندو ھو ته پوءِ پنھنجو پاڻ تي ڏاڍا جک ايندا ھوس ۽ پنھنجو من ڇيد ڪندي سوچيندو ھو: اخلاقي جرئت جي ڪمي؟ نه – رئيس جي شخصيت؟ نه رئيس جا نارمل ورتاءُ؟ نه – باقي ڇا؟ ڪجهه به نه. ھن دفعي مان کيس ضرور چوندس. ائين چئي ڇڪتاڻ پيدا ڪندڙ سوچ ڌارا کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ھو. ۽ پوءِ وري ملڻ کان اڳ شروعات ڪرڻ لاءِ انداز اختيار ڪرڻ، لفظن جي چونڊ ۽ رئيس طرفان اٿندڙ خيالي نقطن جو خيالي جواب سوچيندو ھو.
پر ھو وري به ذڪر نه ڪري سگهيو ۽ نه رئيس ئي ڪا اھڙي ڳالھه ڪئي.
مھينو گذري ويو.
ھڪ ڏينھن جڏھن، ڊاڪٽر ڪلينڪ ۾ ڪنھن مريض کي چڪاسي رھيو ھو ته رئيس جو فون آيو. جنھن ۾ ھن کيس رات جي ماني ساڻس گڏ کائڻ لاءِ دعوت ڏني. ظاھر آھي، ڊاڪٽر انڪار نه ڪري سگهيو. ۽ گهر چئي ڇڏيائين ته ھو رات جي ماني رئيس وٽ کائيندو.
رات جي ماني تي. جڏھن ماني کائي رھيا ھئا، تڏھن به رئيس جو ورتاءُ ساڳيو نارمل ھو. مھذب گهرائپ وارو. ھر بناوٽ کان خالي ڀائجندڙ. البت ڪنھن ڪنھن وقت پاڻ، ڄڻڪ ڪنھن گهري سوچ جي ٽٻيءَ ۾ پئجي ٿي ويو. ته وري ڪنھن مھل سندس کل اجائي. سواءِ ڪنھن ڪارڻ جي ٿي لڳي. جڏھن ته ڊاڪٽر منجهيل، ڪنھن مھل ته موڳو ئي موڳو. ان ھوندي به ھن پنھنجي ليکي ڪوشش ڪري رئيس کي اھو محسوس ٿيڻ نه ٿي ڏنو ته ڪو پاڻ غائب دماغ آھي ۽ سندس سوچ ڪنھن ٻئي ھنڌ آھي.
ماني کان پوءِ جڏھن نوڪر سندن آڏو چانھه رکي ته رئيس کيس چيو، ”بس، چانھه جا ٿانو پوءِ کڻجان.“ تون وڃ ۽ ھي در ٻيڪڙيو وڃ.“
ھو ھليو ويو.
”ڊاڪٽر صاحب، اوھان سان ھڪ اھم مسئلي تي ڳالھائڻو ھو.“ رئيس ڄڻ اوچتو ڊاڪٽر ڏانھن نھاريندي چيو، ”انھي ڪري اوھان کي . . . . “ ”ھا ھا ڇو، نه . . .“ ڊاڪٽر پنھنجو پاڻ کي ڪرسي تي ٺاھيندي چيو. کوکلي، بناوٽي مرڪ، اندر ۾ ھُرکُر ۽ بيقراري ساڻ.
”اوھان ته پنھنجا ئي آھيو، بنھه گهر جا ڀاتي. اوھان کان ڪي ڳجھو.“ ھو خاموش ٿي ويو. لڳي پيو مناسب لفظن ۾ مقصد بيان ڪرڻ لاءِ پتوڙي رھيو آھي. ڊاڪٽر قمر سندس منھن ۾ تجسس وچان نھاري، سندس لفظن جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳو.
”مون سوچيو ھو.“ رئيس چوڻ لڳو، ”شھزادي جي شادي جي باري ۾ توھان سان صلاح ڪريان.“
”ھون “ ڊاڪٽر اڃا اڳتي ٻڌڻ لاءِ پوري ڌيان سان ڏانھنس تڪڻ لڳو.
”اوھان جو ڇا خيال آھي؟“ ڪجهه وقفي جي ماٺ کان پوءِ رئيس پڇيو.
”ھا سائين، مون به اوھان کي اڳ ۾ به ڪيترا ڀيرا اھوئي مشورو ڏنو ھو. مان اوھان سان متفق آھيان.“ ڊاڪٽر وراڻيو، ۽ خاموش ٿي ويو.
ڊاڪٽر چپ، رئيس چپ. اھا خاموشي ڪجهه عجيب لڳي ٿي. خالي خالي. خاموشي جو اھو خال تقاضا ڪندڙ ته، ڳالھائي ان کي ڀريو وڃي. رئيس ڊاڪٽر ڏانھن ڏٺو، ڪجهه اھڙن نظرن سان، جن ۾ ڪجهه اُڪلڻ لاءِ توقع ھجي ۽ ڊاڪٽر جي اندرين بيقراري، رئيس کان وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ اتساھ رکندڙ. انھي خاموشي دوران ڊاڪٽر قمر کي اوچتو خيال آيو: رئيس کي سموري حقيقت کان آگاھ ڪرڻ جو. ۽ سڀ ڪجهه اڪلڻ لاءِ ڄڻ ڪا اندرين قوت کيس ھمٿائي رھي ھجي. ۽ شعور ابتدا ڪرڻ لاءِ مناسب لفظ ڳوليندو ھجي.
”ڊاڪٽر صاحب.“ رئيس خاموشي کي ڀڳو، ”جي “ ڊاڪٽر مناسب لفظ ڳوليندو ھجي.
”ڳالھه دراصل ھي آھي ته،“ ھٻڪندي رئيس چيو، ”شھزادي کي پيٽ ٿي پيو آھي.“
”پيٽ!“ ڊاڪٽر اکيون ڦاڙي ڏانھس ڏٺو. رئيس انھي مھل چڱي طرح سندس منھن جو رنگ بدلجندو ڏٺو.
”ھا پيٽ، شھزادي کي پيٽ ٿي پيو آھي ڊاڪٽر صاحب.“ رئيس آھستي آھستي چوڻ لڳو، ”انھي جي باري ۾ اوھان سان ڳالھائڻو ھو ھو گهڙي کن لاءِ خاموش ٿي ويو.
ڊاڪٽر پنھنجي سيني اندڙ ڌڙڪندڙ دل جو ڌڙڪو محسوس ڪيو. ۽ ڪرسي تي پاسو بدلايو. ۽ پوءِ مٿي پولار ۾نھاري، اکيون ٽمڪايون. ۽ اوچتو چيو، ”رئيس.“ ، سندس آواز بدليل ھو، ”مون کي اڳئي خبر ھئي، ھا، مون کي ان نتيجي جي خبر ھئي، قربان علي.“
چند کنن لاءِ چپ ٿي ويو. رئيس جون اکيون بدستور سندس منھن ۾ ھيون.
”دراصل . . . آ . . . “ ھو ھٻڪيو، ” آ . . . دراصل مون کي اڳ خبر ھئي – رئيس، شھزادي کي اھو پيٽ مون مان آھي.“
ھن آخري جملو تڪڙو ۽ جلدي چئي ورتو.
رئيس ڏانھنس تڪيندو رھيو: عجب ۽ حيرت گهٽ: افسردگي وڌيڪ. لڳي پيو ھن کي انھن لفظن جي توقع ھئي. ان ڪري سندس اکين ۾ حيرت کان وڌيڪ ڪا مبھم معنى ھئي. ھن ھڪ ٿڌو ساھ ڀريو. ساھ – جواڻ چٽو ھو. ڪنھن مفھوم کان خالي. اندازو نه پيو ٿي سگهي ته اھو ساھ اطمينان جو ھو يا صدمي جو.
”ھا، رئيس اھو ٻار مون مان آھي. شھزادي بي ڏوھڻ آھي. ۽ . . . “ ھن کين رکي چيو، ”مان به پنھنجي پنھنجي جاءِ تي. مون ڄاڻي ٻجهي ائين ڪيو.“ ھينئر سندس ڳالھائڻ ۾ رواني اچڻ لڳي. ”مان سمجهان پيو ته مون کي ائين ڪرڻ گهرجي. ھڪ ھمدرد انسان جي حيثيت ۾.“ کن ماٺ کان پوءِ وري چوڻ شروع ڪيائين، ”اھا شھزادي جي ضرورت ھئي ۽ آھي. سوال آھي ملڪيت جو. جو اوھان جو مفاد آھي. انھي لاءِ ڇو ڀوڳي؟ ڇا اوھان شادي کان سواءِ رھي سگهيو؟ رئيس، معاف ڪجو، اوھان جي بابت . . . جيڪڏھن اوھان خراب نه سمجهو ته منھنجو مطلب آھي . . . خير. . .
پوءِ ڇا ھو انسان ناھي، ضرورت محسوس نه ڪندي ھوندي؟ ڇا اوھان فطري بک کي ٽاري سگهو ٿا؟ معاف ڪجو اوھان ته مھيني ۾ الاءِ . . . خير – “
”بس ڊاڪٽر صاحب گنھگار . . .“
”ڪا ڳالھه ناھي رئيس “، ھن ڦڪي مرڪ سان چيو. جا طنز سان ڀريل ھئي. ”رئيس، مان ڪنھن به اھڙي اخلاقيات ۾ ويساھ نه رکندڙ آھيان. جا ٻئي انسان کي ڪنھن به شڪل ۾ غلام رکي ۽ محض پنھنجي ذاتي مفاد لاءِ ٻئي انسان کي ڪنھن به نموني چيڀاٽي. ھن معاملي ۾ اوھان خود ڏسو ته ذاتي مفاد جو جذبو ڪيڏو نه ڪريل آھي جو اوھان کي ھڪ معصوم جي زندگي سو به پنھنجي نياڻي – بھرحال منھنجي آڏو منھنجو فعل ڪا به بداخلاقي يا گناھ ڪونھي. ھٿائين منھنجي آڏو، اھو فعل ھڪ ”رليٽو مارئلٽي“ (Relative morality) ھئي. ھا، رليٽو مارئلٽي(Relative morality). يعني ته ، يعني ته . . . سنڌي ۾ انھي کي ڇا ٿو چئي سگهجي، نسبتي اخلاقيات. پر اھو لفظ به پورو مفھوم ادا نٿو ڪري. اوھان ته منھنجي مقصد کي سمجهي ويا ھوندا . . . ھا رئيس قربان علي خان. دنيا ۾ ھر شئي رليٽو (Relative) آھي . . . سو مون ھڪ معصوم، بي گناھ نوجوان نينگر جي زندگي ۽ سندس بنيادي ضرورت پوري نه ٿيڻ جي حالت ۾ ڀيانڪ نتيجن کي آڏو رکيو. جو ظاھر آھي منھنجي آڏو سڀ کان وڏو اخلاق ھو. (۽ آھي) ان کي اخلاقي فرض چئوس يا ھڪ ڊاڪٽر جي حيثيت سان –
ان کان سواءِ ھڪٻئي به امڪان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ھاڻي اوھان خود سوچيو، جڏھن اوھان ڪنھن عورت سان ھڪ ڪمري ۾ بند ھجو. ۽ اھڙو شڪ ته ڇا پر يقين شھزادي کي به ھجي، ته اوھان ڇا ٿا سمجهو؟
ھوءَ ڪنواري، ڪنھن وقت کان سامايل ڇا سوچيندي ھوندي؟ اڃا به صحيح چئجي ته ڇا تصور ڪندي ھوندي. ۽ اھڙي قسم جا تصور ظاھر آھي ته سندس . . . بھرحال اوھان يقين ڄاڻو جيڪڏھن سندس فطري ضرورت، فطري انداز ۾ پوري نه ٿئي ھا، ته (يا ٿي)، سندس ”ريپريسڊ ڪامپليڪسز“ (Repressed Complexes) انتھائي پيچيده شڪل اختيار ڪن ھا، (۽ ڪندا).
کيس پوندڙ دورا شدت اختيار ڪري، سندس نارمل شخصيت جا ڀاڱا ڪري ڇڏيندا ۽ سندس لاءِ جسماني عيب: انڌائپ، ٻوڙاڻ، مستقل چريائپ يا ٻئي ڪنھن جسماني عيب يا اڌ رنگ جو ڪارڻ بڻجندا. مان اوھان کي وري به يقين ڏياريان ٿو ته منھنجي نڪتو سندس صحت ۽ حياتي جو ھو، نڪي جنسيت يا شيطاني خواھش جو.“
ھو چپ ٿي ويو.
”رئيس.“ ھن وري چوڻ شروع ڪيو، ”بھرحال مان اوھان جي ان راءِ سان متفق آھيان ته اوھان سندس شادي ڪرايو . پر . . . . منھنجي خيال ۾ انھي کان اڳ ضروري آھي ته ٻار ڪيرايو وڃي. مان اھا جوابداري کڻان ٿو. جيتوڻيڪ اھا ڪا ڏکي ڳالھه ڪانھي. مون کي اھو احساس آھي ته، اوھان کي روحاني اذيت پھتي ھوندي انھي لاءِ مون کي ار . . . . “
”پر ڊاڪٽر صاحب.“ رئيس، ڊاڪٽر جي ڳالھه ڏانھن ڪو ڌيان نه ڏيندي بي وسيءَ مان چيو، ”ھوءَ ٻار ڪيرائڻ لاءِ تيار ناھي. مان پاڻ انھي خيال جو ھوس ته سندس ٻار ڪيرايو وڃي. پر ھو سخت ضد ڪري بيٺي آھي. ھن جي ڳالھائڻ مان مون کي يقين آھي ته، جيڪڏھن ھن جو ٻار ڪيرايو ويو ته ھوءَ صدمي ھيٺ پنھنجو دماغي توازن وڃائي وھندي. ھا ڊاڪٽر صاحب.“ ھن ساھ ڀريندي چيو، ”ان کان سواءِ سڀني نوڪرياڻين کي خبر پئجي چڪي آھي، ظاھر آھي ته ڳالھه لڪي ڊاڪٽر صاحب، انھن سڀني ڳالھين کي ذھن ۾ رکي اوھان پنھنجي راءِ کان . . . “ ھو چپ ٿي ويو.
”رئيس.“ ڊاڪٽر ھن جي خاموشي کي ڏسندي چيو، ”ھن سلسلي ۾ مان اوھان جي ھر ممڪن مدد ڪندس اوھان بي ڌڙڪ چئي ڏيو. جو ڪجهه اوھان ھن جي باري ۾ سوچيو ٿا.“
”ڊاڪٽر صاحب . . . دراصل مون کي چوندي به شرم پيو ٿئي. پر ڇا ڪجي حالتون ئي اھڙيون آھن. ۽ . . . ڇوڪري جو پيءُ ھوندي . . . پر . . . دراصل منھنجو . . . . “ ھو چپ ٿي ويو.
”نه نه اوھان بي حجاب چئي ڏيو.“ ڊاڪٽر تجسس ڀريل سوالي نگاھن سان ڏانھنس ڏسڻ لڳو.
”ڊاڪٽر صاحب، منھنجي خيال ۾ اوھان شھزادي سان شادي ڪريو.“ ھن اوچتو تڪڙو چئي ڏنو.
”مان!؟“ ڊاڪٽر حيرت مان ذري گهٽ رڙ ڪئي، ”يعني مان!؟“ پوءِ سنڀاليندي چيائين، ”رئيس، مان اڳي ئي شادي شده آھيان، ۽ ٽن ٻارن جو پيءُ. مان پنھنجي زال سان محبت ڪريان ٿو. اھو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي! اوھان ڪٿي ٻئي – منھنجو مطلب آھي ته . . .“
”ڊاڪٽر صاحب ٻئي ھنڌ . . . اوھان پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته . . . . . . . ڪير به . . . .“
”نه نه – ھن ۾ به مان اوھان جي . . .“
”پر اوھان انڪار ڇو ٿا ڪريو؟ اھو ضروري ناھي ته ٻي شادي ڪرڻ سان ڪو پھرين زال جي محبت ۾ گهٽتائي اچي، ۽ جڏھن ته شريعت محمد موجب ھڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري سگهو ٿا.“
”پر – پر مان پنھنجي زال سان پيار ڪريان ٿو ۽ ھن سان گڏ زندگي مان مطمئن آھيان . . . ۽ رئيس.“ ھن لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”مان ھڪ ئي وقت ھڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جي اصول کي ننديان ٿو. اھو عورت سان نسورو ظلم آھي عورت جي سخت توھين. انسان جو مذاق.“ ھن پاسو بدلايو، ”ان کان سواءِ رئيس، مان اھڙن اصولن، احڪامن يا قدرن کي ننديندو آھيان، جنھن مان انسان کي غلام رکڻ يا ھن جي ڪنھن طرح سان توھين ڪرڻ جي اجازت ھجي. پوءِ اھي اصول شريعت جي نالي ۾ ھجن. اخلاقي قدرن جي نالي ۾ ھجن يا سماجي ضرورتن جي نالي ۾ ھجن . . .“
”پر شھزادي جي پيٽ ۾ اوھان جو ٻچو آھي. اوھان جو تخم.“ رئيس غصي گاڏڙ ھلڪي جارجانه انداز ۾ چيو.
ڊاڪٽر خاموش. منھن ڳاڙھو ٿيل.
منھن جو تخم؟ تخم؟ . . . بليڪ ميل ڪرڻ ٿو چاھي. ذليل، ڪريل ذھنيت. ڊاڪٽر تڪڙا تڪڙا خيال آيا ھن پاڻ کي نروس ٿيندو محسوس ڪيو.
”رئيس.“ ڊاڪٽر پاڻ تي ضابطو مڙھيندي چيو، ”منھنجي آڏو ٻار ڪيرائڻ ڪو مسئلو ناھي پر جيڪڏھن . . . . جيڪڏھن اوھان بار ڪيرائڻ نٿا چاھيو: يا اوھان جي ذھن ۾ اھو ويٺل آھي ته، اھو حرامي ٻار آھي – اوھان ان جو خيال نه ڪندا . . . بھرحال مان ساڻس شادي نٿو ڪري سگهان. اھو ناممڪن آھي، ناممڪن.“
”ڊاڪٽر.“ رئيس ڏانھنس نھاريو ۽ ھلڪو مرڪيو.
ڊاڪٽر کي انھي ڦڪي مرڪ ۽ نھار ۾ ننگي مڪاري نظر آئي.
”ڊاڪٽر، اوھان پنھنجي ھن فعل کي کڻي ڪھڙي به انداز ۾ پيش ڪريو، پاڻ کي حق تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر اسان جا سماجي قدر . . . . . ۽ پڻ قانون . . . .. اوھان کي . . .“
رئيس قانون جي لفظ تي زور ڏنو. ۽ اڳتي صاف گوئي سان پنھنجو مقصد ٻڌائڻ جي جرئت (شايد) ساري نه سگهيو، ان ڪري ھٻڪندي تز لفظ ڳولڻ لڳو. جيئن ڊاڪٽر مشتعل نه ٿي. پر ھو ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ چپ ٿي ويو.
ڊاڪٽر پنھنجي لڳايل اندازي مطابق ان کي صاف ڪيو: ”اوھان جو مطلب آھي ڪورٽ؟“
”جي؟ نه نه – منھنجو مطلب ته ناھي . . . . پر . . . .“
”اوھان ڪورٽ ۾ وڃي سگهو ٿا.“ ڊاڪٽر گهرائي مان ۽ فيصلي ڪن انداز ۾ چوندي اٿيو ۽ ٻاھر وڃڻ لڳو.
رئيس سڏيس، ھن ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو.
ڊاڪٽر، ٻاھر بيٺل پنھنجي گاڏي ۾ ويھي زور سان در بند ڪري، ڪار اسٽارٽ ڪئي.
ڪار ۾ پھرين ته کيس ھلڪي پڇتاءَ ۽ پنھنجي انتھائي بي حسيءَ گڏ، مبھم طور پنھنجو پاڻ پنھنجن نظرن ۾ ڪريل ھجڻ، بي عزتو ٿيل ۽ ڏوھي ھجڻ جو احساس ٿيو. پر پوءِ ذھن کي جهٽڪو ڏئي ، شعوري طور ان احساس کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ويو، جو کيس انھي لاءِ ڪافي وزني دليل ھئا. پڻ ان سان گڏ، نامطمئن ھجڻ جو ھلڪو ھلڪو احساس کيس اندر ئي اندر ڪرٽ ڪرٽ ڪرڻ لڳو.
”ذليل، ڪميڻو.“ ڏند ڪرٽيندي ڀڻڪيائين.
”ڪورٽ، ھن، آءِ ول گو ديئر (I will go there) دراصل مون کي اڳ ۾ ئي ھن سان ذڪر ڪرڻ کپندو ھو. جڏھن عمري کان واپس آيو ھو. احمق آھيان، بزدل.“ پڇتاءُ.
اکيون شھزادي جون، چڪ، ڀاڪر، بي خوديءَ وچان، چمي، چميون، تڙپ، خود سپردگي مون چمي ڇو ڏني؟
”ڪنٽراسيپٽو.“ (Contraceptive)
ھون، جلدي بازي . . . .
چھرو شھزادي جو، ڇڪ، تڙپ
لاشعوري طور؟ پوءِ مون ”رليٽو مارئلٽي“ (Relative morality)جو جواز ڳوليو، شعوري سطح تي . . . پنھنجن اندرين غير واضع خواھش کي ”جسٽفاءِ“(Justify) ڪرڻ لاءِ . . . . . نو نو (No, No)قطعي نه، ”ائبسيولٽي ناٽ“ (Absolutely Not) مان پاڻ کي دوکو نٿو ڏئي سگهان. ڪڏھن به نه. مان پاڻ کي دوکو نٿو ڏئي سگهان. مون سندس زندگيءَ ۽ ضرورت کي ئي آڏو رکي، جيڪڏھن منھنجي آڏو محض خواھش جي تسڪين ھجي ھا ته مان ٻين ڪيترن ھنڌن . . .
اوھ ڊيم اٽ.(Oh,damm it)
۽ ڊاڪٽر خالي ذھن سان گاڏيءَ جي اسپيڊ تيز ڪري ڇڏي، گهر ڏانھن وڃڻ لاءِ.
- ڌرتي 1974ع
ھڪ ڪھاڻي – سواءِ سري جي
پاڻ اڃان نه آيو!
اڄ مڙئي طبيعت ۾ فرق پئي ڀانيان. ھلڪائي پئي لڳيم، کنگھه به جهڪي آھي، پاسو ورايان، الا! منھنجا رب! کٽ تي ھڪ ئي ھنڌ، جسم ئي سڪي ويو آھي، ڇا ته ٿي وئي آھيان؛ ھڏن جو پڃرو. نه مئن ۾ نه جيئرن ۾. ھفتي کن کان ته شڪل به ڪونه ڏٺي اٿم. آئينو ڏسان. ٺھيو باھ ڏينس. اجايو وري. بس اُھيئن مھيني کان مٿي – ھن حال ۾ وري ڪھڙو آئينو ڏسان. سمجهان ٿي ته شڪل ڪھڙي مور ٿي وئي ھوندم. بس وڌ ۾ وڌ مھينو. باقي رھيو ئي ڇا اٿم جو جيئڻ جي آس ڪريان: ھڏن جو پڃرو پساھن ۾، اجهوڪي اڏاڻو.
ڀلا ھن ڏک ڪرڻ مان، ڳوڙھا ٽمائڻ مان ڪي ورندو؟ ھٿائين وڌيڪ ھروڀرو جان جلندي. ڀلا جان جلائڻ مان ڪي وري ته کڻي جلائجي، نه ته ھروڀرو . . . پاڻ ته وسان ڪين گهٽايائين. وس کان وڌيڪ پاڻ پتوڙيو اٿائين. شل سدا جڙيو ھجي نه ته ھھڙا مڙس ڪٿي! ھن حال ۾ به نڀائي پيو. جس ھجيس. اڄ جا مڙس آھن جو . . . . .
پر اڃا ڪونه آيو؟ ھن مھل تائين ته آفيس مان اچي ويندو آھي، اچڻ سان پھرين ھتي ئي منھنجي ڪوٺي ۾ ايندو، گوريون کارائيندو، آٿٿ ڏيندو، پوءِ لڳندو ٻئي ڌنڌي سان. ڀانيان ٿي ته ساڍن چئن کان به مٿي ٽيم ٿي ويو ھوندو. متان ايندو ھجي! ايندو ئي ھوندو، اوير سوير ته اوس پئي ٿيندي آھي.
. . . ائي گوريون.
گوريون کائڻ جي مھل ٿي آھي، ڪڏھوڪو: مان ھن ويچارن ۾ پاڻ اچي ھٿن سان ڏيندو آھي. کيس خيال ته ھوندو. پر ڪو ڪم ٿي پيو ھوندس. ٺھيو مان ئي ٿي – ھن سڪيءَ کي ڇا ٿيو! ھيءَ ته ھن مھل تائين اچي نڪرندي آھي. اڃان به اڳڀرو، ڪو ڪم ٿي پيو ھوندس. نپٽيءَ کي ھجي شابس، نه ته اڄ ڪير ٿو ڪري ڪنھنجي؟ منھنجي ڪِريءَ جو ڪير، سندس ماني تنھن کان سواءِ. ٽيم تي اچي دوا پياريم، پرگهور ۾ ته نه ڏٺي اٿئين تتي نه ٿڌي – ٻيا مٽ آھن جو ھونئن ته ٺھيو، آئيءَ ويل به آڱوٺو ڪڍيو ڏين، ويڙھو ساڳيو، رت ساڳيو ڪا اوپرائپ آھي! بس زماني جا رنگ آھن، پنھنجا به پراوا ته ويجها اوپرا! مائي سڪينه کي به جس ھجي نه ته ڪير ٿو پنھنجي پيٽ ڄايون ائين ڇڏي؟ منھنجو ته ساڻس ڪو ارواح اٽڪيل آھي. ننڍپڻ کان ئي وٺي گڏ کيڏيون آھيون. اڃان ڪڪي ھئي ته ھنج تي کڻي گھمائيندي ھئي سانس . اي ڏٺئي! وري ھي ميون گوريون دل تان لھي ويم، کڻي ڳھي ڇڏيان، ڇڏيو ته ھنن به اندر ساڙي آ، اصل جھڙي باھ پئي ٻريم. دل ته گهڻو ئي ٿي چويم ته ٿڪ ھڻي ڦٽو ڪري ڇڏيان. ھاڻي باقي رھيو ئي ڇا آھي، جو – بس سندس اجايو زور – ڪن ڏينھن جي ته – ھا، باقي رھيو ئي ڇا اٿم؟
. . . (ڏک ڀري پيڙا)
ھن مھل تائين ته اچڻ گهربو ھوس. ڌڻي شل خير ڪري (ڳڻتي، الڪي ۽ اوسيئڙي جو احساس. احساس جو گهرو ٿيندو وڃڻ)
(اوچتو) متان! . . . . (مرڪ) ھي به جو گم آھي. مان به چوان ته –پاڻ ھاڻي ڪڏھن ڪڏھن دير ڪيو ڇڏي. ھي به ساڳي مھل نه ته ھن مھل تائين ٻئي ھتي ھوندا آھن. ھون! (مرڪ جو ڦھلاءُ) ھاڻ سمجهيم.
مونکي به کٽ ورتي سال اچي ڀريو آھي، ڀانيان ٿي ته پروڪي سياري کان – ھا، سال کن پوءِ ڪيئن ٿو رھي سگهي! ھھڙو مڙس. مان ته سندس اندر جي ذري ذري مان گھميل آھيان. مئي! ڀلا انھيءَ ۾ سندس ڪھڙو ڏوھ مان ھر حال ۾ سڄو سال ڪريل، ڪنھن نه ڪم جي. پوءِ، ھي به نيٺ ته مرد.
. . . تنھن ڏينھن ڀنگياڻي سان پئي سُس پُس ڪيائين. الائي ڪھڙا پئي سرٻاٽ ڪڍيائون. مان ته وھنجڻ واري جاءِ ۾ ھيس، سمجهي نه سگهيس، ڀلا ھن مئي بيماري . . . پر سمجهان ٿي ته – نيٺ عورت آھيان، کٽ ورتل آھيان ته ڇا ٿيو؟ دماغ ته سالم آھي، ڀلا ان ۾ سندس ڪھڙي اربع خطا! پاڻ ته روڳي ڪونھي. جي چڱي ڀلي ھجان ھا دل ۾ ڪيان ھا ڇا؟ اھي ٻيون رنون آھن جو مڙسن کي ٿيون – نه ته اھو مرد جو شان آ. ڀلا مرد ڪيئن سڏجن! مئي ڀنگياڻي لڳي ته ڏٽي مُٽي پئي. مان به چوان ته پاڻ اڳئين پوڙھي ڀنگياڻي کي ڪڍي ھن ڏٽي مُٽي کي رکيو اٿائين. جي ھيءَ رن چڱي آھي ته پاڻ به ڪو گهٽ آ ڇا؟ شھزادو آ، شھزادو.
ھا پوءِ ٻنھي جي سُس پُس بند ٿي ويئي ھئي ، ھا ھا – سمجهان ٿي ته ائين . . . کيس ڪھڙي سڌ ٿي ته مان وھنجڻ واري جاءِ ۾ آھيان، ۽ ٻئي ٻڌم. ٻڌم، ڇا ڄڻڪ ڏٺم ٻيو – ڇپ ماريو ويٺي ھيس ته مٿان شڪجن.
. . . ۽ ان ڏينھن شوڪوءَ ماءُ به حق ٿي پئي – اھيئن ھي رنون ڍيڪر آھن، نه سھو، ڍيڪ ڏنائين: ”مئي، مُڙسن ته –“ مان سمجهي ويس ته ڇا ٿي چوي، چھڙي رن، ڦھڪائي ڏنو مانس ”ائي ڇو نه، ڪھڙي اربع خطا ڪيائين؟ اھو ته مڙس جو شان آ، نه ته مردانگي ڪيئن سڏائجي.“
رن وئي ته پڄري ھوندي. وري نه ڪڇيائين ۽ ان ڏينھن ھن ڏائڻ – نالو به مئيءَ جو آھي – نجي ماءُ تي سندس لاءِ چيو – اُھئين، ھي رنون ساڙ سڙيون آھن. وڏيون پارسا ٿيون گھمن. ھون! مونکي ڄڻ ڪل ئي ڪانھي، سندن پتي پتي جي ڄاڻ اٿم، ته ويڙھي ۾ ڪير ڪنھن سان ۽ سندن مرد به – رڳو ٻاھريون ڍڪ اٿن. مڙني جي شرافت کي ڄاڻان ٿي. ساليون ته ٺھيو، ڇڏيون ڀاڄايون به ڪونه اٿن. مڙني جو ڳجھه ڏٺو پيو آھي. باقي جي ھن ڪجهه ڪيو ته رنن کي پيٽ ۾ ولوڙ اچي پيو. ھُئه! اصل پنھنجو چُرڪو ھوندن.
ائي سڪي شودي، مان به چوان ته مئي، منھنجي پرگهور ۾ مريو ٿي وڃين. جيڏي ڪيڏي مھل ڀڳي بيٺين آھين، اصل ساھ پئي گهورين، پر اي مئي، مان سڀ سمجهان ٿي، سڀ ڪي ڪيتري وقت کان ويٺي جاچيان. ھڪڙي ڀيري چيو ھئائين ته: ”ساھڙيون ته ھھڙيون ھجن.“ اھو ٻڌي تون شرمائجي ويئي ھئين ۽ ھن کليو ھو. مان اھو سمجهان ٿي، ۽ ھا ھڪ ڀيري ته اوھان ٻنھي کي اکين ئي اکين ۾ ڪجهه چوندو – ائي! ڪو ھڪ ڀيرو، مان ته چوان ٿي، جڏھن کان کٽ بلي ٿي آھيان، تو کاٽ ھڻڻ – نپٽي واھ جي تو ساھڙئپ نڀائي آھي، ھان ڙي – پرگهور منھنجي، رڳو نالي ۾، مطلب پنھنجو، مان به چوان ته –
پر آئي نندوري، مان ڪا ارھي ٿوروئي آھيان؟ نه نه، مٺڙي نه، ايئن ناھي. جڏھن کٽ ورتم ته نه ڄاڻ ڇو لڳندو ھيم ته تون ۽ پاڻ – اھو ائين لڳندو ھيم يا ڪا ھينئينءَ جي سڌ ھئي ته تون ھن گهر جي ۽ توکي ۽ ھن کي ڳالھائيندي، کل ڀوڳ ڪندي ڏسندي ھيس ته ڀانءَ دل پئي ڪڏندي ھئي، ھا، قسم سان من پيو ٻھڪندو ھو، ۽ اندر ۾ ڪا آس ڪڙ موڙيندي ھئي ته: تون ۽ پاڻ – آئي! مون سان قسمت ڪئي!
(ڏک ڀري پيڙا)
جڏھن کٽ ورتيم، دل چيو ته بس ھاڻي ڇيھه آھي. ھاڻ ڏٺئي: ڇا وڃي بچيو آھي. بس ڪي ڏينھن: اچي پڄاڻان. ڀلا ان جو ڪيتو پاڻ ڇو لوڙي، نيٺ اڳي پوءِ ڪا ته اچڻي آھي، ڇوري، ساڻس اھڙو جڙندين جھڙي منڊيءَ تي ٽڪ.
(اکين ۾ تري آيل پاڻي)
راڻي ڪري راڄ ڪرائيندءُ. جي چڱا پير ڀرئينس ته دل تي راڄ ڪنديئنس. سندس مٽ پنھنجن ۾ آھي ڪو سھي؟ ڇا مردانو حسن. ڇا ڏيان، ڇا قربائتو. نج سون ٿئي ڙي.
شل جڙيو ھجي.
ائي مان ڪو سڙان ٿوروئي ٿي. من، مون سان ته قسمت ڪئي. ھن ڄمار ۾. ان تي ڪنھن جو وس – ڪو وسيلو. ھاڻ ته اھا وڃي آس رھي آھي اٿم، کيس اکين آباد ڏسي وڃان. مون کيس ڏنو به ڇا آھي؟ ڏک ڏولاوا ٻيو ڇا؟ وس پڄيم ته ھٿن سان لائون لھرائي وڃي قبر ڀيڙي ٿيان. اندر ته ٺريل ھوندم. ڀلا دم تي ڪھڙو ويساھ، ھن حال ۾؟ باقي بچيو ئي ڇا اٿم. ھڏا ۽ چم. ھن روڳي ۾ ڦاٿل ساھ جو پکيئڙو اڄ اڏاڻو ڪي سڀان.
اچي ته چوندي سانس. پڇاڙي جو اھو قرب ڪري، جيترو ٿي سگهي. منھنجي ھوندي ئي – کيس اکين آباد ڏسي، سک سان ته ساھ ڏيان . . .
پر اڃا ھيءُ!؟
ڪا مھل ٿي اٿن!
پر ھيءَ شودي ڇڏيس به نه. چھٽي پئي ھوندس، چچڙ ٿيو. آھي ڪنواري، پاڻ به ته – مان ته سندس اندر جي ذري ذري پرزي مان گھميل آھيان. پيار ڪرڻ ته کانئس ڪو سکي. دل ئي نه چوندي ھئي، کانئس پري ٿيندي، بس ائين ئي ساڻس پئي ھجان، چھٽيل. رنون سڙنس ته تڏھن ٿيون نه، ھيءَ ته اڃا چوزي آ، ڀانيان ٿي ته مون کان وڌ ۾ وڌ چار سال ننڍي ھوندي ۽ ھن عمر ۾ . . . . نپٽي آھي به ته . . . . خير، چڱ ڀلائيءَ ۾ مان به ڪا گهٽ ڪانه ھيس. بس ھي ته نصيب جو کيل آھي، ھن ئي ڄمار ۾ ويل وھائي ڇڏيائين. ڪھڙي جواني ڏٺم، ماڻيم؟ ڇا چوڙيم؟ تنھن کان ته نه ڄمان ھا، خير، ڌڻي جي آڏو، ڪو وس ڪنھن جو.
ڪٿي ھوندا: وڏي صفي ۾؟ ڪوٺيءَ ۾؟ ھون، ڪوٺي ۾ ئي ھوندا. پڪ ئي پڪ، مان به ته اتي ئي سانس ھوندي ھئس نه –
اڄ اھي گهڙيون، اھي ڳالھيون، اھي –ڀانءِ ته . . .
ڪوٺيءَ ۾ ڪا ته ڳالھه آھي جو – پاڻ ته ان ڪوٺي کان سواءِ – مئيءَ ۾ ڪا ته اھڙي ڳالھه آھي! نه اٿس ڪا روشني، نه وري ٻاھرئين پاسي کان ڪا دري، در به صفي ۾، ٻاروھي ٿڌڪار لڳو پيو ھوندو اٿس. منگھه مان سو ھلڪي روشني ايندي اٿس، نه ته ٿيو خير باقي ڪجهه اوندھ، ڪجهه روشني. ڪي ڏينھن اچي ٿيا آھن، مان ته اکين وري ڏٺي به ڪانھي. ھيءَ کٽ ۽ مان. ميون دوائون. باھ لڳين سيون. مار پوي مقدر ٺاھڻ واري کي، اھو نه ڏٺائين ته – ھن ئي ڄمار ۾
(ڌيان)
ھي سس پُس!؟
ھا اندارن پئي اچي ڪوٺي مان.
” “!؟
ھيءُ ته سندس آواز آھي.
”سڪينه ڇا ٿو سمجهين ٿي ته – او چري، پڪو انجام. تون ڀروسو ڪر نه . . . . “
اڳتي الائي ڇا چيائينس؟
” ؟“
ھيءُ ته سڪي جو آواز آھي. الائي ڇا وراڻيائينس؟
” ؟“
ھي ته سندس آواز آھي.
” ؟“
منھنجو نالو ورتائين. الاءِ منھنجي نالي ڇا ٿو چويس. اڄ يا سڀان مرندي؟ . . . . . نه نه، ائين نه چيو ھوندائينس! ويساھ ۾ ئي نٿو اچيم، مون غلط سمجهيو آھي، چٽو ٻڌڻ به نه ٿو اچيم، پر جي چيائين ته تڏھن به ڇا؟ ڪو ڪوڙو ٿوروئي آ. مون ۾ رھيو ئي ڇا آھي، جائي ته چوي ٿو: اڄ نه سڀان مرندي.
پر اي نپٽيا، مان به ته اھوئي پئي چوان ته، پنھنجي ھٿن سان ميندي لائي، وڃي قبر ڀيڙي ٿيان. پڇاڙي جو ھنن نندورن نيڻن سان توکي خوش ٿي ڏسي وڃان. مون ته توکي ڏنو ئي ڇاھي: نڀاڳ، روڳ، ڏک ۽ . . . . . . . . .
اڙي! منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا! مئا! ائين ته نه ٿيو.
نپٽي، ھي ڳوڙھا ته . .. . (ڳوڙھا نيڻن ۾، مرڪ چپن تي)
چپ ته –
ڌيان:
ھي آواز؟
چيڪٽ ٿيو – ڀانيان کٽ جو؟
سڙٻاٽ –
” ؟“
ھا، ھينئر . . . . پاڻ مونکي ته سندس عادتن جي – نيٺ ساڻس
نڀاڳي چپ ته،
ڌيان:
. . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . . . . . . .
ائي مٺيس! ھيءُ مون کي ڇا ٿيو آ: اُڀ ساھي، ڇاتيءَ ۾ دڙڪو، لنو لنو ۾ ڄڻ ڪجهه ڊوڙي ويم. پگهر ۾ شل ۽ ھيءُ . . . .
؟؟ . . . . . آواز ته نٿو اچي؟ اڃا نه نڪتا!
ڪٿي ھيءُ منھنجو اجايو وھم ته – ڏينھون ڏينھن الائي ڇا ٿيندو وڃيم!؟
ھو اوسيئڙي ۾ ھوندي.
پوڻا پنج پيا ٿين، ڇا ڪجي، نوڪري ناھي ٽوڪري آھي، غلامي: ذھني غلامي ۽ جسماني غلامي. رت ست نچوڙيو وڃي. جي کڻي ڪڇ ته: ٺڪ ايڪسپلينشن، سائين گهر گهاٽ وارا آھيون، پٺيان ڪا بيماري ھوندي، ڪو گهر جو ڪم ڪار ھوندو. نيٺ رت ته انھن لاءِ ٿا ولوڙيون. ذري جو به احساس نه. آفيس ٽائيم کان پوءِ جو ويھڻ – چيو ناھي، شوريل اکيون وڃي ھينئون جهلين، چھڙون ڇليو ڏين. ڄڻ پورھيو نٿا ڪريون، خيرات ٿا گهرون. پنندڙ کي به ماڻھو عزت سان وراڻيندا آھي: بابا معاف ڪر. پيٽ لاءِ ڪرڻو ٿو پوي زندھ رھڻو آھي. اسان جھڙن ماڻھن کي زندھ رھڻ لاءِ غلامي ڪرڻي آھي. ڪيڏي ذلالت، مٿان ڍونگ ته قومي خدمت آھي. پاڻ وتن عياشيون ڪندا، رڳي ٿن صحيح ڪرڻي، مصيبت اسان ھيٺين لاءِ. ڇا ڪجي. مجبوري –
گوريون به کاڌيون ھوندي الاءِ نه؟ انتظار – ظاھر آھي. سندس ذھني ٽينشن جوڪارڻ بڻيو ھوندو. اھو سندس لاءِ ٺيڪ ناھي، کيس ھر حالت ۾ مطمئن ۽ نارمل رھڻ گهرجي. سندس لاءِ اھو ضروري آھي. مون ته ڪيترا ڀيرا سمجهايو اٿمانس، پر اھو ڪنھن حد تائين فطري آھي، ڊگهي بيماري ۾ ائين ٿيندو آھي. سو به ڪنھن مدي کان گهٽ ورتل ماڻھو، نيچرل آھي، دوا ته ھن پياري ھونديس، گوريون سي به ھن زوري کارايون ھوندس. ڪجهه وقت اوسيئڙو ضرور ڪيو ھوندائين. اھو ڄڻ ھڪ نيم بنجي ويو آھي ته ان مھل جون گوريون ۽ صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ ۽ رات جي دوا مان ڏيانس. منجهند جي دوا سڪينا پياريس.
جيتوڻيڪ اھو ٺيڪ ناھي، اوير سوير ته آھي ئي سھي ۽ اسان جھڙا ملازم ماڻھو، ٻين جي وس، پنھنجي وس جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي، محتاجي جا ٿئي، زندھ رھڻ لاءِ، پر سندس عورتاڻو ضد: شام جو گوريون منھنجي ھٿن سان وٺندي، اھا چوڻي سچ آھي ته بيمار جو ضد ٻار جو ضد سمان ٿئي. پر اھو ڪو ايڏو اھم مسئلو ڪونھي جنھن تي مان پنھنجو مٿو پيو کپايان: اصل ڳالھه آھي ته مون کي ھر حال ۾ سندس خوشي جو خيال رکڻ گهرجي. اجايو پيو ڳڻتي ڪريان. سڪينه اھڙي آھي جو زوري ڏنيون ھوندائينس. ھو مونکان به وڌيڪ ٿي سندس خيال رکي.ھا، جيڪڏھن ھي ويچاري ھٿ نه ونڊائي ھا ته –
ڪھڙي ته سٻاجھي ۽ لڄاري آھي. ويچاري ساھڙپ توڙي مائٽي جو حق صحيح معنى ۾ ادا ڪيو آھي. سواءِ ڪنھن غرض جي. شابس ھجيس، نه ته ھيڏو سارو ويڙھو آھي، ڪي ڌاريان ڪونه آھن، ڪنھن جي به ڪن تي جونءِ ڪانه ٿي چري! سندس ھوندي، ھن جي بيماريءَ جي تڪليف جو ته ڄڻ مونکي احساس ئي نه رھيو آھي، ھھڙيون نينگريون ڪٿي؟ باقي جنھن گهر ۾ ويندي
اڙي ھا، سچي تنھن ڏينھن ماڻس ٻڌايو ته ايندڙ مھيني مڱڻو ڪرائي ڇڏينداسين، ۽ پوءِ مھيني اندر شادي.
”بس ابا، مڙئو ٿيو بار لاھڻو،نياڻي آ – نيٺ ڪيترو وھاربس، ھڪ ڏينھن ته شينھن ڪلھي چڙھڻي آھي. پنھنجا پاڻ ۾ آھيون انو . . . . “
منھنجي خيال ۾ انو سندس لاءِ نيڪ ور ٿيندو. سٺو سڌريل آھي. روزگار سان. شڪل شبيھه ۾ به ويل ڪونه آھي، پر شڪل کي ڇا ڪبو؟ وڏي ڳالھه ته سڌريل آھي.
چُه، سندس لاءِ گوريون وٺڻيون ھيون. ويچارن ئي ويچارن ۾ موٽان اسٽور واري جو قرض به چڱو چڙھي ويو آھي. سمجهان ٿو ته ٽي چار سؤ ٿي ويا ھوندس. ڪٿي پنجن سون کي ڌڪ نه لڳو ھجي! گذريل ٻن مھينن کان پائي به ڪانه ڏني اٿمانس. دوائون به ڏينھون ڏينھن وڃن چڙھنديون. نه آھي حد نه حساب، قرض ٻه ھزار کن ٿي ويو ھوندو. آفيس مان ايڊوانس، دڪاندار جا، ڇا ٿيندو . . . ؟
لھي ويندو، حياتي آھي ته پيو لاھبو. رڳو سندس جان بچي، پيسن جو ڪھڙو ملھه! اصل ڳالھه زندگيءَ جي آھي، اھي لاڙھا چاڙھا مڙسن تي ايندا ئي آھن.
ڪيڏو نه شريف آھي، ھيترا دوائن جا پيسا ٿي ويا اٿس، پر محسوس ئي ٿيڻ نه ڏنو اٿائين ، فائدو؟
مان سمجهان ٿو ته پر ڊاڪٽر ته چوي ٿو. ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي. مونکي ته ڪو خاص فرق نظر نٿو اچي. باقي بچيو ڇا اٿس، ھڏا ۽ چم. ممڪن آھي ته ڊاڪٽر رسمي طور آٿٿ ڏيندو ھجي، سندس پيشو ئي اھڙو آھي. مريض کي، سندن مائٽن کي پراميد رکڻ ضروري ٿيو پوي. ھڪ قسم جو نفسياتي اثر، ھونئن به اُميد وڏي شيءِ آھي. اميد جي آسري تي سڄي دنيا پئي ھلي، مونکي پُراميد ھئڻ گهرجي، ڪڏھن به ائين – خدا نه ڪري، سوچڻ نه گهرجي. ڌڻي چاھي ته ڇا نٿو ٿي سگهي. اڄ جي سائنسي دؤر ۾ ڪجهه به ناممڪن نه آھي، رڳو پيسو ھجي، ھوءَ ته اجايو . . . . . . .
”بس مھيني کان وڌيڪ جيئري رھي نه سگهنديس، تو منھنجي لاءِ.“
نه نه – چري، ائين نه چئو.
ھون: ھڏا ۽ چم، مشڪل چڙھي!
نه – روڳي انسان اھڙيون نااميدي جون ڳالھيون سوچيندو آھي، فطري بيماري جي حالت ۾ زندگي سان دلچسپي رھي ڪانه ٿي، پر مونکي ائين نه سوچڻ گهرجي، مان ته تندرست آھيان، پر سندس ناچاڪائيءَ مونکي ڪنھن به حد تائين نه، گهرجيم ته کيس آٿٿ ڏيندو رھان. زال جي حيثيت سان سٺو نڀايو اٿس، مون تي ٻلھار ويندي ھئي. اھو احساس ٿيڻ نه ڏنائين ته ڪو منھنجو الڳ وجود آھي. ھر خواھش پوري ڪيائين. ھر طرح جو خيال، نه ته اڄ زالون آھن جو مڙسن کي ٿيون دودا ڏيکارين. مجال آ ڪو مرد – پر ھن ته مون سان –
بيماري: اھا ته قدرت جي وس جي ڳالھه آھي، اڙي ھا، سندس لاءِ فروٽ به وٺڻو آھي، متان ڪلھه وانگر وسري وڃيم، ھيءَ ويسر ته – سندس ئي بيماري ڪري؟ الڪو ته رھي ئي ٿو، سڄو گهر ڊنوان ڊول ٿي ويو آھي گهر ڇا، سڄي زندگي ڊانوان ڊول ٿي وئي آھي. ڪھڙا نه خوش ھوندا ھئاسين. پنھنجي حال ۾ مست، گهر جي ننڍڙي دنيا. جائي به تندرستيءَ جھڙي نعمت دنيا ۾ ٻي ڪانه آھي. ھاڻي گهر ڪھڙو نه ويران ويران ٿو لڳي. ڄڻ ته ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي. ھا، عورت جو وجود ڪنھن گهر لاءِ ڪيڏو نه لازمي آھي، گهر ۾ عورت آھي ته زندگي آھي. نه نه – شايد، عورتون وري ائين سوچينديون ھونديون: گهر ۾ مرد جو وجود لازمي آھي، گهر لاءِ دراصل ٻنھي جو وجود لازمي آھي.
ھا، ڏاڍو مزيدار ٽوٽڪو ھو: زال ۽ مڙس پاڻ ۾ نه ٺھندا ھئا. زال ٿلھي ته مڙس سيپڪڙو، پاڙيسري سندس جهيڙي کان تنگ ٿي پيو، سو ھڪ ڏينھن وٽن اچي سمجهائڻ لڳو. ”زال ۽ مڙس ھڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آھن، جيڪڏھن ھڪ ڦيٿو خراب ٿي پيو ته، زندگي جي گاڏي ھلي نه سگهندي.“ ان تي ٿلھي زال جي سنھڙي مرد، پھرين زال ڏانھن پوءِ پاڻ ڏانھن اشارو ڪندي وراڻيس ته، ” ميان، جيڪڏھن ھڪ ئي زندگي جو ھڪ ڦيٿو ٽريڪٽر جو ٻيو ڦيٿو رڪشا جو ھجي، ته پوءِ ٻڌائي ته اھا زندگيءَ جي گاڏي ڪٿان ھلندي؟“
ويچارو سمجهائيندڙ پاڙيسري ڀيلڙو منھن ڪري واپس ھليو ويو. دراصل جتي ٻنھي جو وجود لازمي آھي، اتي ٻنھي لاءِ ذھني ھڪجهڙائي به لازمي آھي، نه ته گهر ٻُسو ۽ جهيڙي جو آکارو، زندگي نامڪمل ته ٺھيو، پر مرڳوئي زھر . . . . . .
جي ھيءَ مري وئي ته . . . . . .
(ڳڻتي جو گھرو احساس، ھن ڀيانڪ سوال مان، ته پوءِ ڇا ٿيندو.)
نه نه، ڌڻي خير ڪندو، مونکي چڱائي جي اميد رکڻ گهرجي.
(پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ باوجود به، ذھن اندر زوريءَ گهڙي ايندڙ خطري جو احساس)
ھو: ”اڄ دير ٿي وئي.“ مرڪي، معافي انداز ۾ ”دراصل . . . “
ھوءَ: ”مڙئي خير آھي.“ ٻھڪندڙ چھرو، مرڪ چپن تي.
ھو: دوا پيتئي؟
ھوءَ: ”ھا.“
ھو: ”گوريون به؟“ ھلڪي مرڪ.
ھوءَ: ”ھا اڄ مڙيئي فرق پئي ڀانيان.“
ھو: ”ھا ھا، تون ھاڻي جلد نوبنتي ٿي ويندينءِ. ڊاڪٽر چيو ٿي ته تون ھاڻ تيزي سان تندرست ٿي رھي آھين.“
ھوءَ: ”اي مئا ڊاڪٽر ته ائين ئي چوندا آھن نه ته ڪمائي ڪٿان ٿين.“
ھو: ”نه نه – پنھنجو ڊاڪٽر مجيد ڏاڍو ايماندار ۽ شريف انسان آھي. ڏس نه، توکي ڄامشوري جي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ھن ويچاري ڪيڏي نه ذاتي ڪوشش ورتي، پر ھتي ته آھي انڌير نگري وڏن ماڻھن جي سفارش ۽ پيسو . . . .“
ھوءَ: باھ ڏيسن مئي کي، ان مارئي جي شڪل ڏٺي به نٿي وڻي، سيون ھڻي ھڻي پرڻ ڪري ڇڏيو اٿائين.“
ھو: ”نه نه – چري، انھيءَ ۾ پنھنجي چڱائي آھي، نيٺ تندرستي لاءِ اھو ته سھڻو پوندو.“
ھوءَ: ”ٺھيو، ڇڏ ان مئي جي پچار.“ مرڪ سان.
ھو: سڪينا ڪانه ٿي ڏسجي، ھلي وئي؟
ھوءَ: معنى ڀريل نظرن سان، ھلڪا مرڪيل چپ ڦھلائيندي، ڏانھنس غور سان ڏسي ٿي.
ھو: ”تون اڄ سچ پچ خوش ٿي نظر اچين.“ خوش ٿيندي.
ھوءَ: ”ڇو نه ٿينديس.“ ماڻي جي ھلڪي اداءُ ڪنڌ ۽ جسم جي لوڏ، معنى ڀريل نظرن ۽ ڀڪوڙيل پر ڦھلايل چپن ساڻ، ماڻي ۽مرڪ جي انداز مان خوشي ٽمندڙ.
ھو: ”اڄ جائي پائي ٻھڪين پئي “
ھوءَ ھلڪو شرمائي ٿي.
ھو خوشيءَ، عجب ۽ پيار ڀريل نظرن سان ڏانھنس ڏسي ٿو.
ٻئي چپ. ڪي کن رکي
ھو: ”ھا – سڪينا وئي ھلي؟“
ھوءَ: ”سڪينا!؟“ معنى ڀريل سوال، ساڳي ادا سان ھلڪو ماڻو.
ھو: ”ھا.“
ھوءَ: ”پر سڪينا ته اڄ صبح کان وٺي آئي ڪانھي.“ ساڳيون معنى ڀريل نظرون.
ھو: ”ڇا چيئه! آئي ئي ڪانھي!“ اجرچ.
ھوءَ: ”نه“ ساڳيو معنى ڀريل انداز.
ھو: ”ڪمال آ! ته تو دوا ۽ گوريون پاڻ ئي کاڌيون؟“
ھوءَ: ”ھا، ڀلا انھي ۾ ڪھڙي ڳالھه آھي.“
ھو: ”تعجب آھي.“
ھوءَ: ”ڇا جو؟“
ھو: ”ھن جو، ۽ مان به دير سان پھتس، توکي ڪيڏي نه تڪليف ٿي ھوندي، ڀلا ڪش کاڌي اٿئي؟“
ھوءَ: ”ھا اھا صبح جو ڏئي ويئي ھئي. ڇو؟ ڇا ٿيو؟ “ معنى ڀريل سوال ڪجهه کوٽڻ لاءِ.
ھو ڪي گهڙيو چپ.
ھوءَ ٻڌڻ لاءِ ڏانھنس اچرج ۽ سونجھه وچان ڏسندي رھي ٿي. ھو خاموشي ٽوڙيندي: ”ته ھيئنر ئي وڃي ونھواھ ۾ ويٺي ڇا؟“ کلي مذاقي انداز ۾.
ھوءَ: ”ونھواھ“ ڌڙڪندڙ دل.
ھو: ”ھا . . .“ خوش ٿيندي، ”توکي خبر ناھي؟“
ھوءَ: ڪنڌ سان ناڪار ڪري ٿي.
ھو: ”مونکي به ڪلھه يا ٽيون ڏينھن سڪينا ماءُ ٻڌايو ته سندس مڱڻو ايندڙ مھيني انو سان ڪندا.“
ھوءَ: ”انو سان!“
ھو: ”ھا، تاريخ به ٻڌي اٿن، شايد 29 چنڊ جي. مون سمجهيو توکي خبر آھي جوڙي واھ جي ٺھندي.“
ھوءَ: ”انو سان!!“ مرڻينگھه آواز ۾ ورجائي ٿي. ۽ لڳيس ٿو ڄڻ ڪجهه کانئس ڪجهه وڃائجي ويو. اوچتو ئي اوچتو ڪري ڀڄي پيو. امالڪ کنگھه جي دوري ۾ وچڙجي وڃي ٿي. ھو اٿي پٺي تي ھٿ ڦيرائيس ٿو ۽، وري گهٻراھٽ مان گلاس کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاھر گهڙا منجيءَ ڏانھن تکو وڌي ٿو.
گلاس ڀري واپس اچي ڏسي ٿو. ھوءَ کنگھه ۾ وچڙيل، ساڻي ٿيل، سندس حوال خطا – تڪڙو تڪڙو ڊاڪٽر ڏانھن وڃڻ جي خيال سان ٻاھر ڀڄي ٿو، ھن خيال کي خيال ۾ نه رکندي، ته تيستائين ھو جيئري به ھوندي يا نه.
- سوجهرو 1975ع
پلاند
جتي ھن کان ڪي گهڙيون اڳ گهوٽيتن طرفان ڪنواريتن ڏانھن وڃڻ ڪري، جڳمڳ ڪندڙ روشنيءَ ۾ عورتن جي ڇڏيل سڳنڌ ھوندي به، سانت، ويراني ۽ ھڪ قسم جي اٻاڻڪائي ڇانيل ھئي اتي ايندڙ ڄڃ جي گوڙ، شرنائن ۽ دھلن جي سريلن ۽ عورتن جي رس ڀريل آوازن زندگيءَ جي ڀرڀور وير آڻي ڇڏي:
چڙھي گهوٽ ، گهوڙي آيو،
کٽي آيو
کٽي آيو
گهر ۾ گهڙڻ شرط ڀينرن، سؤٽن، ماساتن، ۽ ٻين جيڏين سرتين دھل سنڀاليو. ٿالھه کنيو. مٺو سريلي گهري، ڀرڀور ۽ سچي جذبي ۾ وھنتل آواز، جنھن ۾ خود انھن ڪنوارين نينگرين جي آس اميدن، خوابن ۽ ارمانن جو اولڙو ھو، رات جي سيني کي چيڙڻ لڳو.
رک صندلي تي پير،
منھنجا مور لاڏا!
گهورون گهورئي ڀيڻ،
منھنجا مور لاڏا!
منھنجا مور لاڏا. . . .
ڪنوار پھريون ڀيرو پنھنجي ساھري گهر پير رکيو. باڇاھ پير جا پلاند ھيٺان، جيڪو گهوٽ – ماءُ پنھنجي رئي مان ٺاھيو ھو، ٻئي گهوٽ گلڻ ۽ سندس ڪنوار وک ۾ وک وجهندا، سيج ڏانھن وڌڻ لڳا. ھلندي ھلندي گلڻ کي ھلڪو ٿاٻو آيو جو موڙن ۾ سڄو منھن ڍڪيل ھيس. ماڻس جي واتان نڪتو بسملاھيون. ابو منھنجو! ضرب ته ڪانه آيئي!؟
”نه اما.“ گلڻ موڙن ھيٺان، اندران ئي وراڻيو.
پوءِ گهوٽ ماءُ ساڻن گڏوگڏ ۽ اڳيان اڳيان ھلندڙ نينگرين ۽ رائفائن کي چھڙ ڏيندي چيو: ”ميون دڳ ته ڇڏيو، ويھڻ ته ڏيو، پوءِ پيون ڏسجو.“ سندس آواز ۾ تيزي سان گڏ دٻيل غرور جو اھو پاڇولو به ھو، جيڪو ھر سوڀ حاصل ڪندڙ وجود مان بکندو آھي. ۽ پوءِ، ڪنوار کي سيج تي وھاري رڙ ڪيائين، ”وڃڻا!“ ۽ ان سان گڏ، دھل جي چوڌاري ويٺل نينگرين ڏانھن منھن ڪري چيائين: ”ڇوريون ھٿ ھلايو، ساھ ڪونه اٿو ڇا!“ ۽ پاڻ به دھل ۽ گڏيل لاڏي جي آواز ۾ لئي تي پير ۽ ٻانھون ھلائڻ لڳي:
منھنجا مور لاڏا
منھنجا مور لاڏا . . . . . . . .
جيتوڻيڪ ھن کان اڳ لاڳيتو ڳائڻ ڪري سندس نڙي ويھي وئي ھئي. آواز ڳرو ۽ گهگهو ٿي نڪتيس. پر ان آواز ۾، ۽ ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳن ھوندي به، پيرن ۽ ٻانھن جي چرپر ۾ جان ھئي، اتساھ ھو ۽ ڀرڀور امنگ جو اظھار ھو. وري ڳائڻ ۽ جهمر ڇڏي، دھل وارين کي ”ھاھا، ھٿ ھلايو، آواز ڪڍو.“ جي ھدايت ڪرڻ لڳي: ”تکو ھٿ ھلايو، ٻيا به وڃڻا کڻي اچو، منھنجي راڻيءَ کي گرمي ٿيندي ھوندي.“
ان وچ ۾ گلڻ مردن ڏانھن وڃي چڪو ھو. منھن ڏسڻ جي رسم شروع ٿي
”ائي گهوٽ ماءُ، مبارڪان ھجن ئي، چوڏھين جو چنڊ مليو اٿئي.“
”ادي منھنجي خير مبارڪ ڌڻيءَ جا لک لائق.“
”گلڻ ماءُ ننھن ته سون ملي اٿيئي، وڏن ڀاڳن واري آھين.“
”ھا امڙ، منھنجو گلڻ به ڪو گهٽ نه آھي.“
منھن جي ڏسڻ جو سلسلو ھلندو رھيو، ڀينرون، ماسيون، سؤٽون، ماساتون اوڙي پاڙي واريون . . . . . .
”ادي – گهوٽ ماءُ، ننھن مبارڪ ھجيئي.“
گلڻ ماءُ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري رڙ ڪئي: ”ائي ڪا رھي ته ڪانه؟ ڀانيان ٿي، ڦاپان رھجي وئي آھي. ڪٿي آ گهوٽ جي پڦي؟“ آ – ئي ڦاپان ڪٿي آھين تو منھن ڏٺو؟ بيزاريءَ جي لھجي ۾.
”اچان ٿي ادي، ڪڪي کي ڌوئاري وٺان.“
”ائي ٻڙي، سيگھه ڪر، اڃا مرد رھيل آھن، منھنجي راڻي ٿڪل آھي، ته جلد وڃي آرامي ٿين.“
نوجوانڙين جا ٽونڪر ڀريا آواز آيا:
”آرامي وري ڪٿان ٿيندا، اڃا ته سڄي رات جاڳڻو اٿن!“ کلن جا ڪوڪريا پئجي ويا، اڃا کل بند ئي ڪانه ٿي ته ٻيو آواز آيو:
”راڻيءَ جو ٿڪ نويڪلائي ۾ پاڻھي لاھي ڇڏيندو ماسي، تون ڳڻتي نه ڪر.“
ٽھڪن جا ڦوھارا نڪري آيا.
”ڇوريون آھيو، ڇتيون آھيو. اٿو ڪا وات کي جهل.“ گلڻ – ماءُ به کلڻ لڳي. دٻيل کل، جنھن ۾ اندر ئي اندر مان اُڌمو کائي ڦوھاري وانگر اڇل کائيندڙ خوشي ھئي. گد گد ٿيندي چيائين: ”اھا ڪھڙي آ، آئي نوران! ڇوري، ترس، تنھنجا به ور مان ٽڪ نڪرندا. ھيئنر ئي ٿي راڻي کي سنڀالين!“ ھيڏي ھوڏي نھاري: ”آئي نوري ماءُ! ڪٿي آھين؟ ٻڌين ٿي ڌيڻين کي؟ چاڙھينس شينھن ڪلھي، نه ته ڇوري ھٿن مان ويندينءِ!“
. . . ٽھڪڙو.
گلڻ ماءُ وري واڪو: ”آئي ڦاپان، ٻڙي، رب کي ڏس، جي ھڙ ۾ ڏوڪڙ نه اٿئي ته ڇڏينس ڪري. مئي سيگھه ڪر، راڻو اوسيئڙي ۾ ھوندم.“
موجود، گهوٽ جي سڀني ويجهن مائٽن: ڪنوار جو منھن ڏٺو. ھئو مئو ٽري. لاڏن، دھلن ۽ شرنائين جو آواز بند ٿي چڪو ھو. مڪمل سانت ھئي. مھمان مڙا ٿڪ ۽ ننڊ سبب جن کي جتي جاءِ ملي ھئي، سمھي پيا ھئا. کونگهرن جا ٻرڙاٽ پئي پيا. روشني به ٿڪل ٿڪل ۽ ساڻي ساڻي ٿي لڳي. ڪنوار وٽ گلڻ ماءُ سميت باقي ڪي ڇوڪريون ٻاڪريون وڃي بچيون ھيون. گلڻ ماءُ ڪنوار جو گهونگهٽ ٺيڪ ڪندي، موجود ڇوڪرين کي چيو ته ”ھاڻ لڙ لاھيو، نڪرو ھتان ته گهوٽ پنھنجي وني سنڀالي.“ نينگريون ھڪ ھڪ ٿي ٻاھر نڪتيون. گهوٽ سينگاريل سيج واري ڪوٺي جي در تائين آيو. ماڻس وڏي قرب، اتساھ ۽ ڀرڀور خوشي منجهان ڀاڪر ۾ آڻيندي ڪنوار جي لڳو لڳ وھاريو. ”ھان، ماءُ گهور وڃئي، سنڀال پنھنجي راڻي کي. مان ٻاھر نڪران ته اندران ڪڙو چاڙھي ڇڏ، پر ترس “، کيس ڪجهه ياد آيو، ” مان کير آڻي ڏيانءِ.“ ھوءَ تڪڙي تڪڙي ٻاھر نڪتي، سندس ھلڻ جي چال ۾ جتي اٻھرائي ھئي، اتي ٽمندڙ خوشي جو اظھار به ھو. کير جو جڳ ۽ گلاس آڻي ڪوٺي ۾ رکيائين ۽ گلڻ کي ڪجهه ڪن ۾ سرٻاٽ ڪرڻ کان پوءِ سندس نرڙ تي چمي ڏنائين ۽ کڙي تڙي آواز ۾ چيائين، ” ھاڻي در ڏئي ڇڏ.“
ٻاھر نڪري، در ٻيڪڙيندي، کيس اوچتو ئي اوچتو، اڻلکي ۽ مڪمل خوشي جو ڀرڀور احساس ٿيو. ”ابا گلڻ ، ڪڙو چاڙھي ڇڏ.“
اندران ڪڙي چاڙھڻ جو آواز ٻڌائين. ان آواز سندس دل تي گهرو ۽ وزني اثر ڪيو ۽ اٿاھ خوشي ۾ ڪڏڪا ڏيڻ لڳي. دل جي تيز ڌڙڪ پاڻ چٽيءَ ريت محسوس ڪيائين. کيس لڳو ته پاڻ صدين کان ڪو سپنو ڏسي رھي ھئي، ڪا آس سانڍيندي پئي آئي، سا اڄ تڪميل جي چوٽي تي پھتي ھئي. ڪوٺيءَ واري در کي ٻيھر ڏٺائين ۽ ذھن جي اک سان ان ۾ اندر ليئو پاتائين. گلڻ جو جانٺو جواني وارو مردانو وجود، سوپاري ۽ برتر حيثيت ذھن جي اک ۾ ٽڪ ٻڌي بيٺي. مساڳ لڳل چپن تي مرڪ ڦھلجي ويس – گهري ۽ اٿاھ مرڪ جنھن ۾ من اندر ٿيندڙ جشن جو پڙاڏو ھو.
ھن ٻاھر نھاريو، جنھن پاسي مرد ستل ھئا. لڳس، سڀ مرد ماڻھو سمھي پيا آھن گلڻ پيءُ به.
ھيءَ اُتي ئي گهوٽ – ڪنوار واري ڪوٺيءَ جا چائنٺ کان ٿورو پرڀرو، گلم تي ليٽي پئي، اندر، من ئي من ۾ ڇوليون ھڻندڙ خوشيءَ ۽ سانڍيل خواب جي تڪميل جي احساس، سندس ننڊ کي ڪوھين ڏور ڀڄائي ڇڏيو. ماڻجندڙ ڀرڀور احساس جي لي واري وھڪ، ۽ کيس ياد آيو جڏھن کيس پھريون پيٽ ٿيو ھو تڏھن ڌڻي در ڪيڏو ٻاڏايو ھئائين ۽ باسون باسيون ھئائين ته ”شل نينگر ھجي.“
مڙسھنس ۽ سندس ڏير يارو شرط ھنئي ھئي. پوءِ گلڻ جو ڄم، سندس زندگيءَ جو ٻيو جنم ٿي آيو. گلڻ جي بت ۾ کيس، پنھنجي وجود جو اولڙو نظر ايندو ھو.
اندران گلڻ جي کنگهار جو آواز آيو ۽ کٽ جو چيڪٽ. سندس ڌيان اوڏانھن ڇڪجي ويو. اڻ ڄاتل اندرين خواھش ۽ تجسس وچان در ۾ نظرون کپجي ويس. وري سندس ذھن جي اک اندر ليئو پاتو: گلڻ جي جانٺي جواني وارو مردانو وجود، سوڀاري، مٿانھين ۽ برتر حيثيت. ڪنوار بيوس، مضبوط ھاٺيءَ واري گلڻ جي ور چڙھيل – گلڻ، جو سندس وجود جو ھڪ حصو ئي ھو. کيس ائين ڏسندي ھڪ قسم جي ڀرڀور خوشيءَ، لي ۽ لذت جو مڪمل ۽ اونھو احساس پئي ٿيو، ۽ اھو احساس سندس لڱ لڱ ۽ انگ انگ ۾ اوتجي ٿي ويو، ۽ ان سان گڏ سندس گھليل مرڪ ۾ ڪا معنى ڀرجي ٿي ويئي.
ھو انھيءَ مڪمل ۽ ڀرڀور لي کي ماڻيندي، گھري ۽ اٿاھ احساس مان لنگهي رھي ھئي ته اوچتو سندس ذھن ۾ سندس شاديءَ جي پھرين رات تري آئي: اڻ وڻندڙ ، کيس ياد آيو، جڏھن ھن سندس اوگهڙ سان ھٿ چراند ڪئي ھئي ته کيس ڪيڏي ذلت ۽ بي عزتيءَ ۽ بي وسيءَ جو احساس ھيٺ روحاني اذيت پھتي ھئي. سوچيو ھئائين، ھوند زمين ڦاٽي ۽ ان ۾ دٻجي وڃان. ۽ ان کان پوءِ جسماني ايذاءُ ، سندس روح کي فنا ڪري ڇڏيو ھو.
ھن وقت، ذھن تي تري ايندڙ ياد ۾، اھو احساس ۽ شادي جي پھرين رات پھتل جسماني ۽ روحاني پيڙا واري حقيقت جو ڪڻو به ڪونه ھو. رڳو لاشعوري وھڪ ۾ تري ايندڙ ياد جي حد تائين ٺلھي ياد سواءِ ڪنھن احساس جي. اھو سوچيندي: سندس چپن تي ھلڪي مرڪ ڦھلجي ويئي ۽ ان سان گڏ ذھن جي پردي تي، اندر گلڻ سان گڏ پوريل ڪنوار جو جسم تري آيو – ائين، جيئن شاديءَ جي پھرين رات سندس ھو – بيوس، ڦاٿل، روحاني ۽ جسماني اذيت ۾ ورتل. پر ڪنوار جي اذيت ۽ بي وسيءَ جو تصور کيس مزو ۽ تسڪين ڏيڻ لڳو – عجيب قسم جي تسڪين! گلڻ جو تصور جيڪو ھوبھو کيس پنھنجي مڙس جي پھرين رات وانگر سگهارو، مضبوط ۽ جارح نظر آيو، ان جي ھر جارحيت ۾ کيس پنھنجي وجود جو پاڇو نظر آيو ۽ سندس دٻيل انا، غرور جي شڪل وٺي اسرڻ لڳي ۽ چوٽيءَ تي چڙھن لڳي.
سجاڳ ۽ چوٽي تي چڙھيل انا ھيٺ، غرور، تڪبر ۽ سوڀ جو احساس سندس سڄي وجود ۾ تيزي سان ڊوڙي ويو. ۽ ڏٺائين ڪنوار کي جيڪا گلڻ اڳيان بيوس ھئي، ۽ ڏٺائين گلڻ کي، ۽ پوءِ گلڻ ۾ پنھنجو پاڻ کي . . . . . .
گهري اطمينان، تسڪين ۽ سوڀ واري برتريءَ جو احساس سندس رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو.
صبح جو جڏھن ھو ڪم ڪار ڪاڻ ھيڏانھن ھوڏانھن ھلي رھي ھئي، ته سندس ھلڻ جي لوڏ ۽ انداز مان ماڻيل سوڀ جو چٽو احساس بکي رھيو ھو.
- نئين زندگي 1975ع
ڪاري
انجام پاڙڻ لاءِ: وقت ۾ واجهه وڌل، وقت ڄميل، رڙھي نٿو، ڳجھا ٿڌا ساھ. اتاولو من. اُماڙيون اندر ۾، پچي راس ٿيندڙ آس. آسائتيون اکيون، ڊانوان ڊول ڪندڙ مانڌاڻ، اڻ پورا جواب. گٺل وراڻيون. منڊيل وقت رڙھي نٿو.
جھومر تارا، اُڀ ۾ اکيون. اندر ۾ مانڌاڻ. چؤڦير اوندھ جون ڇوليون. لڏندڙ لمندڙ آسائتو من. بک ۾ پاھ، پوءِ به اجهل وکن کي ھونش جا ٻيڙا وڌل. متان : ٻوڙيل آس جھوٽي تي ڇڻي پوي.
اوندھ جون ڇوليون. ٻڌل لوڪ. ٻر ٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾ دفن ٿيل. آسائتيون اکيون اُڀ ۾ کُتل. اجهل وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ. اٿل آيل: چؤڦير نگاھ، ساھ مٺ ۾. پوءِ به جوکو پيرن ھيٺان لتاڙيندڙ وقت تي لانگ ورايل. اٽڪيل ساھ. اجهل وکون. يار ڏانھن رئي جو پٽڪو. مرداني ھمٿ، وک وک ۾. اندر جي اُڌمي جي ڇير تي اجهل وکون. پير، پير ۾.
اوندھ جو اٿاھ سمنڊ جهاڳيندڙ. من جي اک سان ھرگس چلڪندڙ. ڪئين ڀيڙا لتاڙيل، تنھن ڪري ڄاتل سڃاتل. اجهل وکون ديري ۾، آس مروٽيل. اٻاڻڪو من. جو، ڪاري وارا ڪک، اڃا به يار نه آيو!
اوسيئڙي ۾ اکيون ڀنل. منڌل من. ھتي، ھن ھنڌ ڪئين ڀيرا ماڻيل – وڃايل، وڃائي ماڻيل، ماڻي – وڃايل گهڙين جي سڳنڌ ۾ ٽٻيون.
آڊڪو:
اڃان نه آيو!
ھورا کورا ساھ جي.
اوس ايندو.
آٿٿ من کي.
مڄاڻ.
کٽڪو. پر شڪ جو گس نه. انڌو ويساھ، انڌي من وانگر.
اجهوڪي پوياڙي جو پھر
اوندھ جي پاتال ۾ اوسيئڙي ڀنل نيڻ آسائتا، اُڻ – تڻ. ھورا کورا.
کڙ کڙ. سڪل پن لتڙ آيل. اٿاھ سرھائي ھيٺ، اوسيئڙي جو عذاب گهٽيل.
انگل، ڪوڙو رسامو:
دير ڪيئي؟
اک لڳي وئي ھئي.
منھنجي اک نه لڳي. سومھڻيءَ کان وٺي پئي واجهايم.
پرچاءُ، ايلاز. مٺيون ايلازن جون. ميڙن منٿن ساڻ.
ٽونڪر: شابس ٿئي
وري نه ٿيندو،
انجام
ڏاڙھي
رھاڻ . اڻ کٽ ڳالھيون.
پوريل آس ڇڻي پئي، متل، مانڌاڻ ۾ اٿل. وير چنڊ کي ڇھڻ لاءِ تڙپڻ لڳي. ڌرتيءَ کي ڀوانٽي آئي.
ڄڀن جو اٽڪاءَ:
اچ ته پڄايون
اچ
ساھي ڪار ناھي
اٽڪيل، ڄڀون، جھاڪا کائيندڙ ساھ. ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين پيتل ساھ ۾ بولاٽيون.
بس!
ساھي وٺان
وٽ نه ڏيندي سانءِ
اڊمبر وچان ايام.
وري ساڳي ڪار. ھر لوچ سپڻ جي بولاٽي. ھر بولاٽي سپڻ جو ڏنگ. ھر ڏنگ اُڊيڙيندڙ ساھ. بولاٽي جي لوڏ حياتيءَ جي جوت جلائيندڙ. تارن جي اک ٻوٽ. جھرمر تارا. اوندھ جي ساگر ۾ ڇوليون. ڇوليون ڊھندڙ ٺھندڙ. اڻ کٽ سلسلو ڇولين جو. ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون. لانگ، لانگ تي. وقت تي لانگ ورايل. وقت بيٺل. ڌرتي بيٺل. ديرو بيٺل. سڀ ڪجهه وڃايل. اوجهل. پاڻ به.
اُڊڙيل ساھ پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ. وير چنڊ کي ڇھي واپس ورندڙ. ۽ پوءِ ٺاپر. چؤڦير سانت. ساڻي ڌرتي. ساڻو ديرو. ھلڪي ٿڌڙي ھير، ساڻن لڱن کي ڪتڪائي ڪندڙ، اُڊڙيل ساھن کي سنواريندڙ.
ڪا مھل ائين
موڪلايون
وري انجام
سڀان ھن ويل؟
نه ،
پرھينءَ
روز روز نه کڙڪ نه پوي
ھتي؟
ڀلي
نه – ڪينچي واري پل تي
پر
چنچلتا:
چهءُ اک نه لڳي وڃئي
دٻيل ٽھڪ ڀاڪر. ساڻيون مٺيون ننڊاکڙيون.
موڪلاڻي
وک وک ۾، دھڪو دل جو. جوکو پيرن ھيٺان لتاڙيل، پر وقت جي لانگ ورايل. اڊڪي ساڻ: ڪا مھل نه، ڪنھن جھڙي. ھوشائتيون وکون، تن ۾ ٻيڙا وڌل. سجاڳ من جا سانيتڪا چوڪس حواس. وک وک ۾ نه وچڙي.
سڀ سک.
پوءِ: ماڻيل گهڙين جي اولڙن تي اڏيل، سامائيل سپنا.
ٻور جهليندڙ. جھوٽن لاءِ آسائتا ڇڻجڻ لاءِ.
وقت ۾ واجهه وڌل. وقت ڄميل. رڙھي نٿو. ڳجھا ٿڌا ساھ. اُتاولو من، اُماڙيون اندر ۾. پچي راس ٿيندڙ آس. آسائتيون اکيون، ڊانوان ڊول ڪندڙ مانڌاڻ . . . . .
منڊيل مئو وقت رڙھي ئي نٿو!
جھرمر تارا، اڀ ۾ اکيون. اندر ۾ مانڌاڻ، چؤڦير اوندھ جون ڇوليون. لڏندڙ لمندڙ آسائتو من. بک ۾ پاھ، پوءِ به اوجهل وکن کي ھونش جا ٻيڙا وڌل. آس جھوٽي تي ڇڻي پوي.
اوندھ جون ڇوليون، ٻُڏل لوڪ، ٻرٻر ٿڌڪار جي ورکا ۾، دفن ٿيل. آسائتيون اکيون اڀ ۾ کتل. اجهل وکون ٻيڙا ڇڏائيندڙ. اٿل آيل: چؤڦير نگاھ، مٺ ۾ ساھ. پوءِ به جوکو پيرن ھيٺان لتاڙجندڙ. وقت تي لانگ ورايل. وقت پيرن ھيٺان اٽڪيل ساھ. اجهل وکون، يار ڏانھن. رئي جو پٽڪو. مرداني ھمت. وک وک ۾. اندر جي اڌمي جي ڇير تي اجهل وکون. پير پير ۾.
اوندھ جو اُٿاھ سمنڊ جهاڳيندڙ. من جي اک سان ھر گس چاڪندڙ. ڪئين ڀيرا لتاڙيل، تنھن ڪري ڄاتل سڃاتل . . .
يار اڳ، اوسيئڙو ڪندڙ.
اوتجي آيل ڀوڳ جو خيال من ۾:
مردانو آواز ٺاھي،
”متان ويو آھين.“
سراپيل ھمراھ. ٽٻيءَ ۾ پيل. پوءِ، امالڪ ڀاڄ.
دٻيل ٽھڪڙن جي ڦوھار ٻانھن کان جهلي، ڀاڪر ۾ پڪڙ.
”گيدي آھين.“
”ٻلي، تون ھئين.“
”ڪيڏانھن پئي ڀڳين؟“
”مون سمجهيو “
”نه جاني، تڏھن به کٽڪو ته –“
ٽٻيءَ ۾ پيل!
”جي اھڙي مھل اچي “
اونھي کوھ مان جھيڻو آواز.
”سر لڳي.“
”پڪو انجام.“
”مڙساڻي ڏاڙھي.“
”پٺي نه ڏيندين؟“
”اھو لعنتي ٿئي.“
وريل ويساھ. اڻ – مئي خوشي ۾ اوتيل. پاٻوھ جا گل پکڙيل ڳلن تي. ڳچيءَ ۾ ٻانھن جو ھار. چمين جي ورکا.
آڊمبر ۾ ڀريل، لوچ کائيندڙ آواز؛
”جاني “
ڄڀن جو اٽڪاءُ. ٻوريل آس ڇڻيل. متل مانڌاڻ ۾ اٿل. وير چنڊ کي ڇھڻ لاءِ تڙپ. ڌرتيءَ کي ڀوانٽي.
اٽڪيل ڄڀون. جھاڪا کائيندڙ ساھ. ڪڇن جي پگهر جي بوءِ ۽ ٻيڙين پيتل ساھن ۾ بولاٽيون.
وٺ نه ڏيندي ماءِ . . . .
آڊمبر اڀام.
ھر لوچ سيڻ جي بولاٽي. ھر بولاٽي سپڻ جو ڏنگ، ھر تنگ، اُڊيڙيندڙ ساھ. بولاٽيءَ جي ھر لوڏ، حياتي جي جوت جلائيندڙ. تارن جي اک ٻوٽ. جھرمر تارا. اوندھ جي ساگر ۾ ڇوليون. ڊھندڙ – ٺھندڙ اڻ کٽ سلسلو ڇولين جو. ڪپ کي رسڻ لاءِ آتيون. آتيون ڇوليون. لانگ لانگ تي. وقت تي لانگ ورايل. بيٺل وقت پيرن ھيٺان چيڀاٽيل، ڌرتي بيٺل. سڀ ڪجهه وڃايل. اوجهل. پاڻ ٻه، پاڻ کان –
اُڊڙيل ساھ پولار ۾ ٿيڙ کائيندڙ. ويرون چند کي ڇھي واپس ورندڙ ٿڪل، ساڻيون. جو زوم سان ڪريل، ۽ پوءِ ٺاپر. سانت، ساڻي ڌرتي. ساڻو واھ. ھلڪي ٿڌڙي ھير ساڻن لڱن کي ڪتڪتائي ڪندڙ. اُڊڙيل ساھن کي سنواريندڙ. ماڻيل گهڙين جي ڇولين جي ھندوري ۾ ٿڦڪيون کائيندڙ لڱ.
ڪنھن سمي امالڪ ڪن وڄيا.
ڌت ھڻي پيل. جهليل ساھ وس ۾ ڪيل.
جائي به، ٻه پاڇولا اڳتي وڌندڙ.
سرٻاٽ ۾: پيو ھج، نه اٿجانءِ.
کيڪار ٿي:
”متان ويا آھيو.“
اوندھ جي ماٺي سمنڊ ۾ ڀينڊ پئي.
”مڙس ٿجانءِ.“
ھوڪار:
”متان –“
مڙس ٽپ ڏئي اٿيل. گولي
”وڃئي ٿو جهل ڪجانءِ.“
ھيئن ۾ چڳھه، اکين آڏو اوندھ. اکين جي ھيريل روشني انڌي ٿيل.
ھڪ پاڇو ڀڄندڙ.
يار جي ڀاڄ جي وک، گهوٻاٽو. ھنياءَ تي ڦھڪو لڳندڙ.
ڪوماٽيل ذھن. ڪوماٽيل حواس. سر تي آئي، منھن ڏبو.
ڪوماٽيل ذھن ۾ سوچ جو ترورو، پاڻ سنڀاليل:
”حيف ٿيس.“
”نه وئي آھين رن.“
پولار ۾ بولاٽيون کائيندڙ آواز کي سڃاڻڻ لاءِ:
ادو؟
امالڪ چوٽي ۾ ھٿ. سٽ. کريل رن، ڪٿي، ڪيڏانھن ڀڳئي يار؟
اوسان خطا. ڪڇي جھڙي ڀت.
يار جو لفظ بت بڻيل لڱن تي ڇنڊو لڳل. تتل، بڙڪا ڏيندڙ پاڻي جو ڇنڊو : روح ۾ ڦلڪڻو ٿيل.
” آ – اچي – ٿو.“
چمڪاٽ، وڄ ڪريل، ڪنڌ لڙيل. ڌڪ مٿان ڌڪ. بت ڌرتيءَ تي زپڪو ڪري ڪريل. ڳڙڪايل ڪيڪراٽ، رات جي اونداھين سانتيڪي سمنڊ جي پيٽ اندر.
۽ پوءِ ساڳي سانت.
ٻئي ڏينھن، سج اڀرئي راڄ ڏٺل: واھ ۾ لڙندڙ لاش سڃاڻپ وڃايل.
چيائون، ”ڪاري“
۽ پوءِ سڀ پنھنجي پنھنجي ڪرت سان لڳل.
- مھراڻ 1977ع
پھرين انام ڪھاڻي
اڄوڪي صبح واري اخبار جي اھم خبرن منجهان ھڪ خبر: پنھنجي ڌيءُ کي ماريندڙ، شھر جو برک ۽ جھونو وڪيل گل محمد، جنھن تي پرھين ڪورٽ ۾ پنھنجي ڌيءُ کي مارڻ جي ڏوھ ھيٺ ڪيس ھلڻو ھو، سو رات پوليس جي پھري ھيٺ وارڊ ۾ مئل لڌو ويو!
ھن ڪيس جي اھم خاصيت ھيءَ ھئي ته: نه رڳو وڪيل صاحب جي ڊاڪٽر، سندس زال، جيڪا به ھڪ پڙھيل ڳڙھيل عورت آھي ۽ سندس وڏي پٽ، جيڪو به چڱي خاصي عھدي تي آھي، جي بيانن منجهان، پر مرحوم جي ھمٿ واري مڃتا منجهان پڌرو ھو ته شھر جي ڏاھي وڪيل پنھنجي ڌيءُ کي ڄاڻي واڻي ۽ سٽيل رٿا پٽاندڙ ماريو ھو.
مرحوم جي زال ٻڌايو:
”منھنجي ھڪ ئي نينگري، جنھن کي منھنجي مڙس سعيو ڪري ماريو، سا ننڍپڻ کان وٺي ئي چري ھئي. اسان سندس علاج ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. ٺيڪ ٿي ويندي ھئي، وري ساڳي حالت. ملڪ جي وڏين وڏين اسپتالن ۾ ۽ ماھر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ کان پوءِ به، جڏھن سندس صحت مڪمل طور نه سڌري ته پوءِ اسان کيس آمريڪا نيئي وياسين. اتي سندس علاج تي ھزارين روپيا خرچ آيو. پر، خير سندس حالت ڪافي سڌري. اتي ٻن ٽن مھينن دوران چريائپ جو مٿس ڪوبه شديد دورو ڪونه پيو. جيئن ته رڙيون ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، پنھنجي سر منھن ڪري لوھ پائي ڀڄڻ يا وڙھڻ وغيرھ. البت چپ چاپ ۽ موڳي موڳي رھندي ھئي. ماھر ڊاڪٽرن ٻڌايو ته آھستي آھستي نارمل ٿي ويندي. اسين کيس واپس وٺي آياسين ۽ دوائن جو ڪورس باقائدي کارائيندا رھياسين، ھتي به مھيني ڏيڍ ساڳي حالت ۾ رھي. چپ چاپ ۽ موڳي موڳي. ڳالھائيندي ھئي ته موڳائپ سان ۽ ڄڻ سوچيندي سوچيندي ياد ڪندي ڪندي . . . . . . . . .
”خير، اسان کي ويساھ ھو ته اسان جي اڪيلي ۽ پياري نينگري ٿورڙئي ئي وقت ۾ نارمل ٿي ويندي. وڪيل صاحب وٽ ٻه جونيئر وڪيل ھا، جي وٽس اچي سکندا ھئا. انھن منجهان ھڪ سلڇڻو ۽ شڪل شبيھه جو ٺاھوڪو جوان ھو. وڪيل صاحب جو مٿس ڏاڍو راز ھو. غريب ھو، پر ڏاڍو مخلص ۽ ايماندار ھو. وڪيل صاحب خيال ڪيو ته ڇوڪري به ھاڻي ٺيڪ ٿيندي پئي وڃي، سو سندس شادي انھي نوجوان، پنھنجي جونيئر وڪيل سان ڪرڻ لاءِ سوچيائين. مون سان صلاح ڪيائين، جو مرحوم سدائين منھنجي ڳالھه رکندو ھو. سندس نظريو ھو ته زال زندگي جي ساٿڻ آھي، دوست آھي، دوستن جا باھمي لاڳاپا سدائين ھڪجهڙائيءَ جي بنياد تي ھوندا آھن، نه عام رواجي زال – مڙس جي لاڳاپن وانگر، جن ۾ زالن مٿان مردن کي برتري ھوندي آھي. ھو انھن مذھبي تصورن تي ٺٺوليون ڪندو ھو، جن ۾ مردن کي مجازي خدا ڪوٺي، عورت تي لازم ٺھرايو ويو آھي ته انھن جو ھر طريقي سان خيال رکن ۽ نالي ماتر عورتن جي حقن جو ذڪر ڪري، عورتن لاءِ مردن جي خدمت ۽ فرمانبداري ڪرڻ ٺھرايو ويو آھي. الا ڪيڏو نه عظيم انسان ھو پاڻ!
”خير، مونکي به سندس اھو خيال وڻيو. ڇوڪرو مون کي به پسند ھو، ڇوڪري ۽ سندس مائٽن به ھا ڪئي. سچ پچ اسان کي ھڪ نئين حياتي ملي. وڏي ڳالھه ته اسان، پنھنجي مٺڙيءَ لاڏليءَ سان به ذڪر ڪيو، ھن به انڪار نه ڪيو. بس! مان ڇا ٻڌايان . . . خوشيون ئي خوشيون ھيون . . . .
۽ پوءِ اوچتو، ھڪ رات . . . . . .
” مان سمجهان ٿي ته ان ويل رات جا اڍائي کن ٿيا ھوندا ته اوچتو منھنجي راڻي (مان کيس پيار مان سڏيندي ھيس) دانھن ڪري اٿي. ۽ پوءِ، انھي وقت کان پوءِ وري ساڳي حالت! ھتي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريوسين – پر وقتي آرام، پوءِ ساڳي حالت. وڪيل صاحب بنھه نااميد ٿي پيو. بس، انھي ڏينھن کان پوءِ چوٿين پنجين ڏينھن کيس ڪورٽ ۾ ڪيس ھلائيندي دل جو دورو پيو. خدا خدا ڪري پاڻ بچيو.
”منھنجو خيال ھو ته، نوجوان جونيئر وڪيل سان جنھن سان ڳالھه ٿيل ھئي، راڻيءَ جي شادي ڪري ڇڏيون. من شاديءَ کان پوءِ چڱي ٿئي. پر انھيءَ جي ابتڙ وڪيل صاحب جو خيال ھو ته، اھو وڏو انساني ڏوھ ٿيندو. ڇوڪري جي حياتي تباھ ٿيندي. ۽ اسانکي اھڙو ظلم ۽ ناانصافي نه ڪرڻ گهرجي، جو پنھنجي زندگي جو عذاب، جيڪو اسان کي ھڪ ڄڻيندڙن جي حيثيت سان مليو آھي، اھو ھڪ معصوم ۽ اڻ لاڳاپيل انسان جي مٿان مڙھي ڇڏيون. اھا سراسر بي انصافي ۽ مھاپاپ ٿيندو. مون کي سندس ھن دليل، راڻي جي شادي ڪرائڻ کان باز رکيو ته: ماءُ ۽ پيءُ جي حيثيت سان ۽ ھڪ ئي ڌيءُ ھجڻ جي ڪري پاڳلپڻي جي ڪارڻ پيدا ٿيندڙ ڏکيائون ۽ تڪليفون جھڙي ريت اسين رضا خوشيءَ سان برداشت ڪري وڃون ٿا، ممڪن آھي ته، شادي کان پوءِ به سندس ٺيڪ نه ٿيڻ جي حالت ۾، ھڪ مڙس جي حيثيت سان ھو اھي برداشت نه ڪري سگهي ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن بيزار ٿي اھڙو قدم کڻي، جو ھن کي ڪنھن سخت قسم جو ھاڃو رسي. ۽ پوءِ مون چٽي ريت محسوس ڪيو ته والدين جي حيثيت سان اسان جھڙي ريت راڻي جي پرگهور ڪري سگهون ٿا، نوجوان وڪيل، مڙس جي حيثيت سان نه ڪندو. انھي کان سواءِ ھي به گهڻي حد تائين امڪان ھو ته ڇوڪرو انڪار ڪري. خير منھنجي راڻي جي حالت نه سڌري، سا نه سڌري، ته انھيءَ وچ ۾ وڪيل صاحب کي ٻيو دل جو دورو پيو. اڃا انھيءَ منجهان ئي چڱو ڀلو ٿي مس اٿيو ته وري ٽيون دورو پيس!
اھا شام مونکي اڃا به چڱي طرح ياد آھي. وڪيل صاحب ڳالھيون ئي اھڙيون اچرج جھڙيون، ڇرڪائيندڙ ويساھ ۾ نه ايندڙ ڪيون ھيون، جن لاءِ مان ڪڏھن به سوچي نٿي سگهيس! ۽ اھا شام، مونکي اڄ به چٽي طرح ياد آھي.
سرءُ جا ڏينھن ھجن ۽ سرءُ جي اداس اداس، اٻاڻڪي شام. اسين شام جي چانھه تي ورانڊي ۾ ويٺا ھئاسين. مان، وڪيل صاحب ۽ نوجوان زال سميت منھنجو وڏو نينگر حفيظ، جيڪو ميونسپالٽي جو ايڊمنسٽريٽر آھي ۽ اسان کان ڌار، پنھنجي سبيتي زال سان، ميونسپالٽي طرفان مليل بنگلي ۾ رھندو آھي. حفيظ روزانو شام جو پنھنجي زال سميت چانھه اسان وٽ پيئڻ ايندو آھي. چانھه پيئڻ کان پوءِ ۽ ڪجهه وقت ھتان ھتان جون ڳالھيون ڪري ڪجهه وقت وھڻ کان پوءِ نوجوان جوڙو اٿي ھليو ويو.
مونکي ھتي ھڪڙي ڳالھه ٻڌائڻ وسري وئي ته: جڏھن به اسان جي نينگري تي چريائپ جو دورو پوندو ھو جنھن ۾ ھو وڙھندي، ڏاڍيان ڳالھائيندي يا شيون وغيره ڀڃڻ لڳندي ھئي ته پوءِ انھي حالت ۾ اسين کيس ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئاسين، ۽ کيس ماني يا چانھه ۾ پاڻ سان شريڪ نه ڪندا ھئاسين. ۽ مان کيس ڪمري ۾ نويڪلائي ۾ کيس کارائڻ ۽ پيارڻ جي ڪوشش ڪندي ھئس.
”نوجوان جوڙي جي اٿي وڃڻ کان پوءِ اسين به وڃي رھياسين. پوڙھا ۽ ڏکن جا ماريل. پاڻ تازو اڃا دل جي دوري جي حملي کان پوءِ ٺيڪ ٿي اٿيو ھو، پر ڪافي ھيڻو ٿي لڳو. نوجوان جوڙي جي اٿي وڃڻ کان پوءِ ڪا مھل اسين ٻئي خاموش ھئاسين. اداس ۽ وياڪل. ڄڻ ته حياتي جي ڏکن ڏاکڙن واري بار کي رضا خوشي سان کڻڻ ۽ انھي ۾ ڪنھن به قسم جي ڏک ۽ شڪايت ظاھر نه ڪرڻ جو اسان اڻ لکيل ٺاھ ڪيو ھجي. پر ڪنھن ڪنھن مھل بار کڻڻ جو ست نه ساري، پنھنجي ھن ڪمزوري جو احساس خاموشي سان ڪندا ھجون. جو ٺاھ موجب اسانکي ڪڇڻو ڪونه ھو. گهٽ ۾ گهٽ مونکي ائين لڳندو ھو. ۽ ھي خاموشي به مونکي ائين پئي لڳي. خاموشي: بار ھيٺ ڪنجھڻ ڪرڪڻ سان ڀريل.
اوچتو چيائين:
”آڳاٽي يونان جي تاريخ ۾ اسپارٽين جي باري ۾ پڙھيو اٿيئي؟“
وراڻيم ھا. ھن جي حياتي جو متو ھوندو ھو: ”وڙھو ۽ سوڀ حاصل ڪيو.“ جن جي ڪارڻ اڄ ”اسپارٽين “ جرئت ۽ بھادري، سگهه ۽ سورھيائيءَ، سادگيءَ ۽ سڏي سنواٽي ھجڻ، فوجي ۽ ستت فيصلي ڪرڻ واري خاصيت کي علامت طور ورتو وڃي ٿو. ۽ ھنن، ڪنھن ڀيري پوري يونان تي شان ۽ دٻدٻي سان حڪومت به ڪئي ھئي . . ..
چيائين: نه – منھنجي خيال جو مقصد تاريخ جي نصابي ڄاڻ حاصل ڪرڻ نه آھي.“
پوءِ نوڪرياڻي ھٿان سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ ماچيس گهرايائين. مون کيس سخت منع ڪئي ھئي. منھنجي جهلڻ تي کلي وراڻيائين: ”زندھ رھجي ته ڪنھن به پيڙا ڀوڳڻ کان سواءِ، سڪون ۽ اطمينان سان. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جو ھر سڪون ۽ اطمينان ۾ آھي. پوءِ ڀل اھا زندگي ڪيتري مختصر ڇو نه ھجي. ھينئر منھنجي ذھني سڪون لاءِ سگريٽ تمام ضروري آھي. انھي ڪري ھن وقت سگريٽن کان جهل معنى ته سڪون کان جهل آھي.“
اھو سڀ ڪجهه انتھائي سنجيدگي سان چيائين جيڪو مونکي سندس طبعتي ۽ ڳالھائڻ جي عام رواجي ڍنگ کان نرالو ۽ ابتڙ لڳو، خير، مون سوچيو ته ممڪن آھي ته بيماري جي ڪري ائين ھجي، سڀاويڪ آھي. سو مون کلندي چيومانس، دل جي بيماري توکي وڪيل مان فلاسفر ٺاھي ڇڏيو آھي.
ساڳي سنجيدگيءَ (جيڪا پڻ مونکي غير رواجي لڳي) سان چيائين: ”ھر لوچ، سوچ کي جنم ڏيندي آھي. مان انتھائي سنجيدگيءَ سان ھڪ سنجيدي مسئلي جي باري ۾ سوچي رھيو آھيان. توکي ھي ته ڄاڻ ھوندي ته اسپارٽين پنھنجن ڪمزور، نٻل۽ روڳي ٻارن کي جيل ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا ھئا. تنھنجو ڇا خيال آھي؟“
وراڻيم. ”اھو سراسر ظلم ھو، ڪيس ھو.“
چيائين، ”ٿي سگهي ٿو، پر انھي ۾ ھن لڪل سچائيءَ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ته اھي نٻل ۽ روڳي انسان، جيڪي اڳتي ھلي، وڏا ٿي زندگي تي بار بڻجن، يا زندگي مٿن عذاب بڻجي، تنھن کان بھتر آھي ۽ سندن به انھي ۾ ڀلائي آھي ته انھن کي اسرڻ کان اڳ ئي ناس ڪيو وڃي. تون ھن کان انڪار نٿي ڪري سگهين ته: زندھ رھڻ، بذات خود ڪنھن معنى کان خالي ٿي نٿو سگهي. ھر زندھ وجود جون سرگرميون ۽ موجودگي ڪو ڪارج، ڪو مفھوم ڪا معنى رکن ٿيون. خاص ڪري انسان جي لاڳاپي سان ھيءُ چئي سگهجي ٿو ته انسان جو وجود، ٺلھو خالي ٺلھو جيئڻ تائين محدود ناھي؛ پر مفھوم ۽ ڪا معنى رکي ٿو . . .
۽ چيائين؛ Struggle for existence ۾ سرتو وجود ئي جيئرو رھي سگهي ٿو، منھن ڏيئي سگهي ٿو، زندگيءَ کي پنھنجن مقصدن پٽاندڙ بدلائي سگهي ٿو. جيڪو جيو. ھن چٽاڀيٽيءَ واري جدوجھد ۾ شامل ٿيڻ جي صلاحيت ته ٺھيو، پر پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت به نٿو رکي ۽ پنھنجي نٻل ۽ روڳي وجود ڪارڻ ٻين تي ۽ پاڻ تي بار بڻيل آھي، انھيءَ کي ختم ٿيڻ ئي گهرجي، ھا ختم ٿيڻ گهرجي . . . “
”جيتوڻيڪ مونکي اوچتو ئي اوچتو ھلڪو احساس ٿيو ته پاڻ ڪھڙي ڳالھه کي ذھن ۾ رکي اھا اپٽار ڪري رھيو آھي ۽ سچ پچ مون کي سندس ويچار انتھائي ڀوائتا ۽ خوفائتا لڳا. خير، ان ھوندي به مون کانئس پڇيو ته: ”ھن سموري ذڪر منجهان نيٺ اوھان جو مقصد ڪھڙو آھي؟“
مرڪيائين. ۽ منھنجي منھن ۾ گهوري ڏٺائين: زوريءَ مڙھيل، ڦڪي ۽ معنى ڀريل مرڪ. ”مان جيڪو چوڻ چاھيان ٿو، ڇا تون واقعي نه سمجهي سگهي آھين؟ يا سمجهندي به، اھو سڀ ڪجهه تون منھنجي زبان مان اڪلائڻ چاھين ٿي؟“
وراڻيم: ”مونکي ٿوري اندازي تي کڙڪ پئي آھي. ممڪن ھجي ته منھنجو اندازو غلط ھجي ته بھتر آھي ته تون صاف لفظن ۾ مقصد بيان ڪري ڇڏين.“
چيائين: ”منھنجو سڌو سنئون مقصد ماھتاب (منھنجي ڌيءُ جو اصل نالو) ڏانھن آھي . . .
”مان سواءِ ڪڇڻ جي سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳيس.“
پاڻ چوندو رھيو: ”ڏس نه، ھينئر جڏھن پاڻ جيئري آھي، ته سندس حالت مئلن کان به ويل آھي. ھوءُ نه مئلن ۾ آھي، نه جيئرن ۾. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اھڙي ريت کيس زندھ رکڻ جو نيٺ مقصد ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟“
ڳالھائيندي ڳالھائيندي اوچتو چپ ٿي ويو. مان به چپ رھيس. مون کي سندس سوچ جي انداز تي سخت افسوس ٿي رھيو ھو. منطقي طور کڻي پاڻ صحيح به ھجي، پر مونکي انھيءَ منجهان خودغرضيءَ جي بوءِ اچي رھي ھئي. مان خودغرضيءَ جي پسمنظر ۾ سندس ويچارن تي افسوس ۽ ڏک وچان سوچي رھي ھيس ته، اوچتو ڇانيل خاموشي ۾ سندس ڪنبدڙ ۽ ڏک ۾ ڀريل آواز ٻڌم:
”شايد تون سوچيندي ھجين ته، مان کانئس بيزار ٿي ويو آھيان يا منھنجو پدرانه امنگ مروٽجي ويو آھي ۽ سندس لاءِ منھنجو پيار ختم ٿي ويو آھي. انھي ڪري مون ھھڙي قسم جي جواز ۾ پناھ ورتي آھي.
”زليخا! تون سوچي به نٿي سگهين ته گذريل ٽي ڏينھن مون ڪھڙي ذھني پيڙا ۾ لڇندي پڇندي گذاريا آھن. اوھ! تون تصور به ڪري نٿي سگهين. ٻڌ! مان دل جو مريض آھيان ۽ تون خود Neurosis جيPatient آھين. (اسان ٻنھي جون بيماريون حالتن جو نتيجو آھن) منھنجي ڪنھن به وقت ھارٽ فيل ٿي سگهي ٿي. منھنجي مرڻ کان پوءِ تنھنجي ۽ ماھتاب جي حالت ڪھڙي . . . نه پڇ ته سندس انھن حالتن جو ڪيڏو ڀوائتو تصور آھي. توکي ھي واقعو شايد اڃا نه وسريو ھجي. ڪجهه ڏينھن اڳ، جيڪا پنھنجي پاڙي ۾ نڌڻڪي چري آھي، انھي سان چئن ڄڻن بدفعلي ڪئي، ھا اھي چار ڄڻا جيڪي سياڻا ھئا، رات جي سناٽي ۾ انھي چري جون ھنيانءُ ۾ چھڪ وجهندڙ ڪيھون، شايد اڃا تنھنجي لاشعور ۾ ھجن. مون کي ٻڌاءِ ته جيڪڏھن اھڙي حالت پيدا ٿئي، ته پوءِ ماھتاب جي محفوظ ۽ سلامتي واري زندگي جي ضمانت ڪير ڏئي سگهي ٿو؟ رياست؛ جيڪا عام رواجي انسانن جو تحفظ ڪرڻ ۽ سلامتي وارو ماحول مھيا ڪري ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي. نڌڻڪين جي نگراني لاءِ سماج سڌار تنظيمون جيڪي سڌاري، فلاح ۽ بھبود جي نالي ۾ چڪلا ۽ بيگار ڪئمپون کولي ويٺيون آھن.
”ھا، منھنجي مرڻ کان پوءِ اوھان جو ۽ (خدانخواسته) تنھنجي موت کان پوءِ ماھتاب جو روايتي اصول موجب بار حفيظ (منھنجي پٽ جو نالو) اچي ٿو، روايت پٽاندڙ ھو ان بار کي کڻندو. ممڪن اھي پھرين اخلاقي فرض سمجهي کڻي، پوءِ کڻڻ تي مجبور ٿئي، مجبور ٿئي بيزار ٿئي ۽ اڳتي ھلي ھن بي مقصد ۽ اڻ – ڪارج زندگين جو بار ڍوئي ڍوئي ٿڪجي چڪنا چور ٿي پوي، سندس زندگي زھر بڻجي وڃي. نيٺ ھي ڪٿان جو انصاف آھي، ڪٿان جو اخلاقي فرض آھي، ڪٿان جو اصول آھي، جو بيڪار ۽ بي مقصد زندگين، جن جو سماج جي ڪنھن به اداري ۾ ڪارج ڪونه آھي، نه رڳو اھو پر سندن زندگي مٿن خود بار بڻيل آھي. اھو ٻين تي مڙھي، انھن کي زندگيءَ جي نعمتن کان محروم رکيو وڃي! انھن جي حياتي جي وھ ڪئي وڃي.
زليخا، مان توکان پڇان ٿو : فرض ڪر مان دل جي حملي سبب اوچتو اڄ يا سڀان مري ٿو وڃان، (جيڪو منھنجي خيال ۾ ناممڪن ناھي) منھنجي مرڻ کان پوءِ، ڪجهه عرصو تون ماھتاب جي پرگهور جو فرض يا مقصد پاڻ تي مڙھين. جيئري رھن لاءِ توکي نه ڪارڻ آھي، نه زندگيءَ لاءِ ڪو موھ. ھا، تون مونکي ٻڌاءِ ته محض ھڪ چريءَ ۽ بيڪار ڌيءُ کي زندھ رکڻ لاءِ، زندھ رھڻ ۾ ڪھڙي ڏاھپ آھي! زليخا، مونکي ٻڌاءِ . . . . . . . .
ھو سوال جي نشاني بڻجي مون ڏانھن ڏسندو رھيو ھو. مون کيس ڪابه ورندي ڪانه ڏني. منھنجي سوچ جي صلاحيت ختم ٿي چڪي ھئي مان عجيب قسم جي بي حسي محسوس ڪري رھي ھئس ۽ ڪابه ورندي ڏيڻ بجاءِ مون خود سوال بڻجي سندس منھن ۾ ڏٺو. ھو ان مھل سگريٽ پي رھيو ھو. سگريٽ ڇڪڻ ۽ آڱرين جي اعصابي لرزش منجهان مونکي اندازو ٿيو ته پاڻ بيچيني جي ڪيفيت مان گذري رھيو آھي. مون کي گهٽ ۽ ٻُوساٽ محسوس ٿيڻ لڳو. مان اتان اٿي پنھنجي ڪمري ۾ ھلي آيس. مون سندس ويچارن تي شعوري طور ۽ سسٽم موجب سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪجهه نٿي سمجهه ۾ آيم ۽ نه ئي ڪجهه سمجهيو ٿي. اھا سڄي رات بيچينيءَ ۽ ڀوائتن ويچارن ۾ گذري. مونکي ماھتاب تي ڏاڍو پيار اچي رھيو ھو. ھو خاموش موڳي ۽ پُرسڪون ھئي. مون کيس ماني کارائي، ڏاڍو پيار ڪيو ۽ ڳراٽڙيون پائي رُنو.
اھا رات به سندس دل جي تڪليف ۾ گذري. جيڪا ڄاڻ مونکي ٻئي ڏينھن صبح تي پئي ته سندس دل ۾ سور جو سٽون اڀريون ھيون. پر ھن مونکي نه ٻڌايو. خير، ٻيو ڏينھن اداس ۽ خاموش گذريو، ائين ڄڻ ڪوئي مري ويو ھجي. البت منھنجي جهلڻ جي باوجود ھو، ڊاڪٽر سان ملڻ جي بھاني ٻاھر نڪري ويو ۽ ڪلاڪ کن کان پوءِ گهر واپس آيو.
ٽئين ڏينھن صبح جو مان جيئن ماھتاب کي نيرن جي ماني کارائڻ لاءِ سندس ڪمري ڏانھن وڃي رھي ھيس ۽ ان مھل پاڻ ورانڊي ۾ آرام ڪرسي تي ڪنھن سوچ ۾ ٻڏل ويٺو ھو، چيائين: ”بس، ماھتاب کي نيرن جي ضرورت ڪانه آھي.“
منھنجو ھنياءُ ٻڏي ويو، ”ڇو؟“
”ھوءَ ختم ٿي چڪي آھي.“ ھن بظاھر ته اطمينان ۽ سڪون سان چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس اندر ۾ جو ڪجهه وھي رھيو ھو اھو کانئس لڪي نه سگهيو. سندس آواز بدليل ھو ۽ ڪنبڻي گاڏڙ: ”دفن کان پوءِ مان ٿاڻي تي وڃي اعتراف ڪندس . . . .“
مون ڏانھن نھارڻ کان سواءِ ئي ھو اٿيو ۽ اندر ڪمري ۾ ھليو ويو.
”منھنجا ھواس بلڪل خطا ٿي چڪا ھئا.“ مرحوم جي پٽ ٻڌايو:
”منھنجي شادي کان پوءِ بابي سائينءَ خود ئي مونکي ڌار رھڻ لاءِ صلاح ڏني، چيائين: ھي دور گڏيل گهراڻن جي شڪل ۾ رھڻ جو دور ناھي . وڌيل شعور ۽ انفراديت جي شديد احساس جي گهرج آھي ته، ھر ڪنھن کي، ڪنھن به وڏي جي بالادستي کان سواءِ آزادي سان اپڙڻ ۽ اسرڻ، اڳتي وڌڻ ۽ ڦھلجڻ جو موقعو ۽ آزادي ڏني وڃي. تون ھاڻي پنھنجي پيرن تي بيٺل آھين ۽ سماج ۾ اسان کان الڳ، جن توکي ڄڻيو آھي، ھڪ خودمختيار يونٽ جي حيثيت رکين ٿو. پٽ ھينئر تون پنھنجي زندگيءَ جو پاڻ ذميدار آھين . . . . دراصل مان به انھي خيال جو ھوس ته مائٽن کان الڳ رھان ۽ مان الڳ رھڻ لڳس.
ھن واقعي کان ھڪ ڏينھن اڳ يارھين وڳي ڌاري پاڻ معمول جي ابتڙ منھنجي آفيس ۾ آيو. ظاھر آھي ته کيس اوچتو ڏسي مونکي ڪجهه کٽڪو ٿيو. پر سندس ورتاءُ مان ڪنھن به قسم جي ڳڻتي واري ڪا ڳالھه پڌري ڪانه ٿي. چيائين
”ڊاڪٽر سان ملڻ ويو ھئس سوچيم اڄ تو وٽان به ھڪ رائونڊ ھڻي وڃان پوءِ ھتان ھتان جون ڳالھيون، ڳالھين دوران ھڪ ڀيري چيائين، پٽ دل جو مريض آھيان بنا اطلاع ڪيڏي مھل به ھن دنيا کي ڇڏي سگهان ٿو. پر جنھن ڳڻتي ڳاريو آھي، سا آھي ماھتاب جي مسقبل جي . . . .
”مون سندس انھي ڳالھه کي فطري ۽ عام رواجي سمجهندي (جيڪا ھن حالت ۾ ھر پيءُ کان متوقع ٿي سگهي ٿي) چيو، ”بابا اوھان ڪنھن به قسم جي ڳڻتي نه ڪريو، اڃا اوھان جي حياتي وڏي آھي، پر اميد رھو.“ پوءِ پاڻ ئي ھن موضوع کي ختم ڪندي چيائين، ” پُٽ، انسان ڪيترو به پر اُميد رھي، پر ھنن حالتن ۾ ھھڙي قسم جا ويچار اچڻ سڀاويڪ ته آھن، خير ڇڏ انھن ڳالھين کي.“
پوءِ ھِتان ھُتان جون ڳالھيون ڪري، موڪلائي ھليو ويو.
ڊاڪٽر ٻڌايو.
”واقعي کان ھڪ ڏينھن اڳ، مرحوم ساڍي نائين ڏھين ڌاري مون وٽ آيو. سندس ڳالھين منجهان مونکي ڪٿي به سندس اصل نيت جو ڪڻي جيترو به احساس نه ٿيو. ڳالھين دوران ھو بلڪل نارمل پئي لڳو. اسانجن ڳالھين، جنھن کي بحث چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، جو موضوع زندگي ، زندگي جو مقصد، ماھتاب جي لاڳاپي سان نارمل ۽ ائبنارمل انسان جي زندگي ۽ موت جي لاڳاپي سان نارمل ۽ ائبنارمل جي زندگي ۽ موت ۽ انھي لاڳاپي سان رياست جون جوابداريون وغيره ھو. جيتري قدر مونکي ياد پوي ٿو ھڪ ڀيري چيائين، جڏھن زندگي (پوءِ ڪيتري به دلڪش ڇو نه لڳي) خود عذاب بڻجي وڃي، تڏھن ھن عذاب کان ڇوٽڪاري جو واحد رستو زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ آھي. يا زندگي، زنده رھڻ جي ڏس ۾ جدوجھد جو ٻيو نالو آھي، جيڪو انسان جدوجھد نٿو ڪري سگهي، ساٿ ڏئي نٿو سگهي جيڪڏھن انھن کان زندگي کسي وڃي، ته اھو ڪو گناھ نه آھي ۽ اھڙي قسم جون ٻيون ڳالھيون، جيڪي ھينئر سمجهه ۾ اچن ٿيون ته ھو ماھتاب کي ذھن ۾ رکي ئي ڪري رھيو ھو ۽ اھي ڳالھيون ان وقت سندس ذھني ڪيفيت ۽ سوچ جي انداز کي ظاھر ڪن پيون. بھرحال مان پوري ويساھ سان چوان ٿو ته وڪيل صاحب اھي ڳالھيون بلڪل نارمل حالت ۾ چيون ۽ مونکي انھن ڳالھين منجهان سندس اصل نيت جي ذرو به پروڙ نه پئجي سگهي. ھو مون کان پوڻين يارھين ڌاري موڪلائي اٿيو.
ڏوھ مڃيندي مرحوم وڪيل صاحب جيڪو بيان ڏنو، انھيءَ منجهان ڪي ٽڪڙا:
(وڪيل صاحب جي گهريلو بيان جو ڳپل ڀاڱو سندس گهر واري جي بيان جھڙو آھي، انھي ڪري ورجاءَ جي ڪوفت کان بچڻ لاءِ سندس بيان مان ڪي ٽڪر ڏجن ٿا.
. . . . . کيس مارڻ کان پوءِ، منھنجو ضمير ھينئر به مطمئن آھي. نيٺ ھن چريءَ جو دنيا ۾ ھجڻ يا نه ھجڻ مان کيس پاڻ کي يا سماج کي ڪھڙو فائدو؟ سندس موت جو انتظار ڪرڻ کان اڳ (جيڪو کيس اوس اچڻو ھو) کيس مارڻ ۾ سندس ڀلائي ھئي. ھيءَ حقيقت پنھنجي جاءِ تي ھڪ پنھنجي پاڻ شاھدي ڏيندڙ (Self evidence) سچائي آھي . . .
. . . . جڏھن مان اسپارٽين جو ذڪر ڪيان ٿو، تڏھن منھنجو مطلب اھو ناھي ته ڪمزور ۽ نٻل ٻار کي ڄمندي ئي جبلن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي. اھو دور ٻيو ھو، اڄ سائنسي دور آھي ممڪن آھي ۽ (اڪثر ڪري) اھي نٻل ٻار اڳتي ھلي سگهارا ٿين، پر مان جيڪا ڳالھه ڪرڻ چاھيان ٿو، انھيءَ جو بنياد ھيءُ آھي ته: اھي انسان جيڪي زندگيءَ جي تبديليءَ جي جدوجھد ۾ شريڪ نٿا ٿين، يا نٿا ٿي سگهن، جو منجهن اھڙو ست ناھي، ته پوءِ اھي رڪاوٽ بڻجن يا ٻين انسانن مٿان بار بڻجڻ بجاءِ، بھتر آھي ته پنھنجو انت آڻين. ڇاڪاڻ ته ھونئن به حياتي مٿن بار آھي، سواءِ ڪارج جي زندگيءَ جو بار ڍوئڻ ڇا حماقت ناھي.
نيٺ ماھتاب کي زندھ رکڻ مان ڇا ھڙ حاصل؟ محض مائٽن جي جذباتي تسڪين جي پورائي لاءِ! جڏھن ته مائٽ خود محسوس ڪن ٿا ته ھوءَ، مٿن بار بڻيل آھي – منھنجي آڏو ٻه رستا ھئا: يا ته ھن کي ماري ڇڏيان (جيڪو رستو مون اختيار ڪيو) يا ته کيس ڪنھن تجربيگاھ ۾ موڪليان، ته جيئن باقي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ تجربا ڪيا وڃن.
جيتوڻيڪ کيس مارڻ ڪري مونکي سخت صدمو رسيو آھي ۽ افسوس ٿيو آھي، پر منھنجو ضمير ۽ شعور بلڪل مطمئن آھي . . . .
. . . . . . . مان ھينئر اطمينان سان مرندس.
ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل ڊاڪٽرن جي ٽيم گڏيل راءِ ڏني ته سول اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾، جوابدار فوتي گل محمد وڪيل، جنھن پنھنجي چريءَ ڌي کي ماري، انھي جو اقرار ڪندي، پاڻکي قانون آڏو پيش ڪيو ھو ۽ دل جي مريض ھئڻ سبب کيس سول اسپتال جي اسپيشل وارڊ ۾ پوليس جي نگراني ھيٺ رکيو ويو ھو رات جي اڍائي بجي ڌاري دل ٽٽڻ سبب مئو آھي.
ڊاڪٽرن ھي راءِ به ڏني ته، جيڪڏھن وڪيل صاحب کي بروقت طبي امداد ڏني وڃي ھا ته سندس جيئري رھڻ جا امڪان وڌيڪ ھئا.
(بيشڪ جڏھن وڪيل صاحب نه مري ھا ته ھيءُ ڪيس انساني لاڳاپن ۽ سماج جي اھم مسئلي بابت ھڪ انوکو ۽ دلچسپ ڪيس ثابت ٿئي ھا.)
ٻي انام ڪھاڻي
لڳاتار ٽن سالن کان پوءِ .....
يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس جي ورانڊي مان لنگهندي: ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڏانھن ويندڙ دروازي وٽ اوچتو مٿس نظر پئي! ھڪ اتفاقي حادثو. جنھن حادثي لاءِ جيڪڏھن ملي پوي ته پوءِ . . . . . بابت ڪيترا ڀيرا سوچيو ھئائين. اھا آھي، ساڳي ٿوري ڦير سان. ساڳيو اداس، ڳمڀير، وياڪل چھرو. سانورو ھن تبديلي سان ته سندس چھڪندڙ ۽ ٻھڪندڙ سانورائپ، جيڪا ڇڪ جو باعث بڻي ھئي. سا ڪاراٽيل ۽ ڪشش کان وانجھيل.
ھن جي نھارڻيءَ مان پڪ ٿيس ته، ھن کيس ڏٺو آھي. سندس دل ڌڙڪي، اندرين تبديلين ڪارڻ پنھنجي منھن جو رنگ بدلجندو ۽ نرڙ تي پگهر محسوس ڪيائين.
ايتري عرصي کان پوءِ ائين اوچتو: ملڻ تي جنھن جو في الحال وھم ۽ گمان به ڪونه ھئس، نه رڳو – سندس وجود ڌڏي ويو، پر ڄڻ ڳپل عرصو اڳ وڏي جاکوڙ کان پوءِ مروٽيل ۽ چيڀاٽيل ڏوھ جو احساس ڪر کڻي بيٺس. اھو سڀاويڪ ھو. ائين ڄڻ ورتل قرض کي وسارڻ کان پوءِ اوچتو سندس اڳاريندڙ ملي وڃي.
اندرين اٿل کي دٻائڻ لاءِ: حيرت ۽ خوشي پاڻ تي مڙھيندي، مرڪندي ڏانھن ڏٺائين. سندس ابتڙ، ھن جي منھن تي ھن اوچتي گڏجاڻيءَ ڪري، ڪابه تبديلي ڪانه. ساڳي ڳمڀيرتا، خاموشي چھري تي. منھن لڳاتار خشڪ، ڄڻ وينشنگ ڪريم لڳل ۽ چڱي طرح مھٽيل. (پر کيس ڄاڻ ھئي ته ھوءَ وينشنگ ڪريم استعمال نه ڪندي آھي) ھر عام رواجي ملاقات وانگر ٻئي ھڪ ٻئي کي ڏسندا رھيا، ڪي گهڙيون.
”تون ھتي ڪيئن. . . . “
”ايم ايڊ جي داخلا لاءِ انٽرويو ڏيڻ آئي ھئس.“
”ٿي ويو؟“
”ھا.“
”داخلا ملي ويندي؟“
”گورنمينٽ موڪليو آھي انھيءَ ڪري ملڻ ئي گهرجي.“
چپ، ڪي گهڙيون.
”تنھنجا ڪھڙا حال آھن؟“
”بس ئي . . . . ڪ ٿي.“
”ساڳي ئي ھنڌ آھين؟“
”ھا، ٺٺي ۾.“
”فيملي سميت.“
”ھا.“
کيس اھڙي قسم جي سوالن منجهان اوچتو ھڪ قسم جو ڊپ ٿيڻ لڳو. اھڙو ڊپ، جيڪو پنھنجي پر ۾ ڪاميابي سان ڏوھ لڪائيندڙ ڏوھاري کي، وڪيل جي آڏي پڇا تي، دل جي چور ڪري ٿئي. اھڙي قسم جي سوالن کان بچڻ لاءِ ھن ستت رٿ ڏني، گڏجي چانھه پيئڻ لاءِ.
ھن سندس منھن ۾ ڏٺو سوال بڻجي. ڄڻ ته اھا رٿ اڻ رواجي طور، اخلاق کان ڪريل، ڪنھن اڻ ڄاتل شخص کان، غير واقف عورت کي پھرئين ئي واٽھڙو گڏجاڻي ۾ ڏنل ھجي.
”ڇو؟“ حقيقت جي تھه کي پھچندي چيائين، ” مون سان گڏ چانھه پيئڻ پسند ڪندين؟“
علي بابا ريسٽورينٽ جي فيملي روم ۾ اچي ويٺا. سڄو رستو جيڪو پنجن منٽن جو ھو، خاموش رھيا. رستو ساڳيو ھو جنھن تان ٽي سال اڳ جڏھن بي ايڊ ۾ پڙھندا ھئا. ڪيئي ڀيرا لنگهي چڪا ھئا. ھوٽل به ساڳي ۽ فيملي ڪمرن منجهان ھڪ ڪمرو به ساڳيو. پاڻ به ساڳيا؛ ھڪ ماستر ۽ ٻي ماسترياڻي. سڀ ڪجهه ساڳيو ھوندي به، اوپرا اوپرا، ايڏو ويجهو ھوندي به، اڻ – ڄاتل!
ڪمري ۾ ڪجهه اُٻس ھئي. ھن کان اڳ ويٺلن، جي شايد ڪا گهڙي اڳ اٿي ويا ھئا، جي ڇڏيل گرمي، سگريٽن جي دونھين جي بوءِ سان.
”آئس ڪريم.“
”نه – چانھه.“
”گرمي آھي.“
”توکان شايد وسري ويو آھي ته مان چانھه جي وڌيڪ پياڪ آھيان. گرمي ھجي يا سردي.“
ھينئر کيس ياد آيو ته ھو اعصابي ڪمزوريءَ ۽ وائي جي سور ڪارڻ، ٿڌو ڪڏھن به نه واپرائيندي آھي ۽ نه ئي پکي جي ھوا ھيٺان وھندي آھي.
سندس جهلڻ جي باوجود ھن چانھه ٺاھي.
”تون ڪڏھن دادو ويندين؟“
”سڀاڻي.“
”انٽرويو بلڪل پورو ٿي ويو؟“
”ھا.“
دراصل ھن چاھيو پئي ته، ڳالھين جو اھڙو لڳاتار ۽ رڌل سلسلو شروع ٿئي، جنھن ھيٺيان، ھيءُ ماحول ۽ ھن جي موجودگي ڪري، جيڪو ھنيانءُ تي بار ٿي بيٺو ھوس ۽ چانھه جي احمقانه صلاح جي ڪري پڇتاءُ جو پيدا ٿيل اھو احساس ھيٺان دٻجي وڃي.
”ماسي جي طبيعت ڪيئن آھي؟“
”ساڳي.“ سوچڻ لڳو؛ اڃا ساڳي حالت ۾! ھن کي ھن وقت تائين مرڻ کپندو ھو. ھنن ٽن سالن جي دوران سندس باري ۾ سوچيندي ويچاريو ھئائين ته ماڻس مري چڪي ھوندس.
”ڪمزور ته ڪافي ٿي وئي ھوندي.“
”فطري آھي.“
”تون به لھي وئين آھي.“
”سچ پچ!“ انتھائي ڪنجوسي واري مرڪ سان چيائين، ”توکي ڏسڻ ۾ دوکو ٿيو اٿئي.“
۽ پوءِ ھن، سندس منھن ۾ گهوري ڏٺو: اصل عمر کان وڏي ٿي لڳي. سندس مٿي تان رئو سرڪي ڪلھن تي اچي ويو ھوس. وارن ۾ ڇڊا ڇڊا اڇا ڏٺائين. اکين ۾ چمڪ، سانورو ڪاراٽيل، پيلاڻ مائل رنگ . . . . . اوچتو ٽي سال اڳ، پڙھڻ جي دوران جڏھن کيس ھڪ شديد انديشي جي احساس جي انومان جو ساڀيان روپ ڀانيائين، سندس منھن جي ڏسڻي ۾. نه چاھيندي به سندس منھن ۾ چتائي ڏسڻ لڳو. نه چاھيندي به ھن جو چھرو، مستقبل جو سلھه. ھاڻو؛ ڏٻرو! ڪاراٽيل، اندر پيھل کوپن ۾ چمڪندڙ مڻڪيون، تڪليف سان کڄندڙ ساھ ڪري، ھيٺ مٿي ٿيندڙ ھڏائين ڇاتيءَ جو پڃرو، ڦھلجندڙ – سسندڙ ناسون، ڳل اندر ويٺل، کٻن سمان، قياس ۽ ھمدردي جا احساس جاڳيس. اوچتو خيال؛ پيلي سائي کانگهاري جو . . . . ۽ دل ڪچي!
ٽي سال اڳ:
سيڪنڊري اسڪولن جي ماسترن لاءِ ٽريننگ جي ڪورس بي ايڊ ۾ گڏيا. ڏٺائون ڏسندا رھيا. نوٽس، ليسنن جي تياري جي سلسلي ۾ ملندا رھيا. گهرا ٿيندا رھيا، سواءِ ڪنھن شعوري ڪوشش جي ھڪ ٻئي جي ويجهو ايندا رھيا. ھڪ ٻئي کي سمجهندا رھيا. ڪڏھن ڪڏھن فلم جو پروگرام، لڳ ڀڳ روز، انٽرويل جي دوارن علي بابا ريسٽورينٽ ۾ چانھه، گفتگو، ڳالھين جو نه ٽٽندڙ سلسلو.
ھڪ ڀيري ھن کيس پنھنجن گهريلو حالتن بابت ٻڌايو: پاڻ گهر ۾ ٽي ڀاتي آھن. پاڻ، سندس ماءُ ۽ ننڍو ڀاءُ جيڪو ھاءِ اسڪول ۾ پڙھندو آھي. سندس پيءُ تپيدار ھو. ماڻس پڻ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي ھئي. ٻنھي جي پيار جو نتيجو ھئي. چئن سالن کان پوءِ، جڏھن ھو پاڻ اڃان ننڍڙي ھئي. پڻس تپيدار، ماڻس بلڪل ڇڏي ڏنو ھو. ان وقت سندس ننڍو ڀاءَ ماڻس جي پيٽ ۾ ھو. کيس پيءُ جو چھرو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ڏٺو ھئائين، اڃا تائين ذھن ۾ کتل؛ ڀنگ پيئڻ ڪري ڳاڙھيون اکيون، ڪاراٽيل چپ ۽ منھن تي ماتا جا داغ، گاريل.
۽ پوءِ ماڻس کي سلھه ٿي پيئي. يا کيس اڳيئي سلھه جا اثر ھئا، جيڪي پوءِ ظاھر ٿيا. ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ، يعني ھن جي ناني به، سلھه وگھي مُئي ھئي.
۽ ھينئر ھو پاڻ گهر سنڀاليندڙ ھئي. ڪمائيندڙ، سلھه ورتل ماءُ جي پرگهور ڪندڙ ۽ ننڍي ڀاءُ جو مستقبل سنواريندڙ. خاموشي، ڳنڀيرتا ۽ سنجيدگي سندس شخصيت جو جز بڻيل. ڳالھائڻ ۾ نھٺائي، بردباري، خدمت ۽ شفقت جو اظھار، سندس گڻ بڻيل.
ملندا رھيا، ھڪ ٻئي کي ويجهو ايندا رھيا. جيتوڻيڪ ٻنھي مان ڪنھن به ھڪ سان مستقبل جي ڳانڍاپي جو چٽو ۽ گهرو احساس ٻنھي کي ھو. لاشعوري طور پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ٻنھي کي لڳندو ھو ته، پاڻ اڳتي ھلي ھڪ ٻئي جا ٿي ويندا؛ ذڪر نه ڪيل، اڻ لکيل، ڪڏھن اظھار نه ڪيل. محض گڏيل سمجهه، مستقبل بيني جو گڏيل احساس ھيٺ، ڳانڍاپي جو انجام ۽ ان ۾ لڳندڙ اھڙو ويساھ جو، ڪڏھن به ٻنھي مان ڪنھن کي اظھار جي ضرورت محسوس نه ٿي.
پاڻ چاھيندو ھو کيس، شدت، ۽ ڀرڀور تڙڦ وچان پيار ڪرڻ؛ جو سندس طبيعت ۾ بيچيني، اندروني امنگ کي پوري شدت، گرمي ۽ اڳرائي سان ظاھر ڪرڻ جا جذبا ٽٻ تار ڀريل ھا، جي ٿوري به پيار واري ماحول ۾ ڦوھاري وانگر اٿل کائڻ لڳندا ھئا. ۽ پھريون ڀيرو جڏھن پاڻ، انھيءَ اٿل ھيٺ کيس شدت سان پيار ڪيائين: پھرئين سندس ھٿ وٺي، انھن کي زور، پوءِ چميون پوءِ ڀاڪر . . . . جواب ۾ ھن به موٽ ڏني، ساڳي پيار سان. پر انھي پيار ۾ اھا تڙڦ، اھو ولولو ۽ جوش ڪونه ھو. ڀرڀور شفقت ھئي، مادارنه شفقت! ڀاڪر مھل جوابي زور ڏيڻ بجاءِ، پٺي تي ھٿ ڦيرائڻ لڳس ۽ پوءِ وارين ۾ آڱرين سان ڦڻي ڪرڻ لڳس. ائين جيئن ماءُ، يا وڏي ڀيڻ پنھنجي لاڏلي پٽ يا ننڍي ڀاءُ کي پيار ڪنديون آھن.
جيتوڻيڪ ھن جي ان ٿڌيءَ ۽ شفقت سان ڀريل پيار جي موٽ، سندس تڙڦ جو جوش واري پيار جي گهرج پٽاندڙ نه ھئي؛ اھو کيس لڳو، پر انھيءَ کي محسوس نه ڪيائين. شايد انھيءَ ڪري جو، اھو سندس لاءِ اھڙي قسم جو پھريون دفعو ھو. ۽ پوءِ پاڻ سندس منھن ۾ ڏٺائين: ھن جا چپ ڦڙڪي رھيا ھئا، تکو ساھ ۽ اکين ۾ ڳوڙھا! ھن پنھنجي اکين ۾ سوال کڻي، سندس منھن ۾ ڏٺو، ڳوڙھن جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ. زبان مان ڪو ڪارڻ ٻڌائڻ بدران، ھن سندس منھن پنھنجي سيني ۾ ڪري، کيس ٿڦڪيون ھڻڻ لڳي ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي ۽ ھن پنھنجي ڪياڙي تي، سندس ڪرندڙ ڳوڙھا محسوس ڪيا.
۽ پوءِ ھر ڀيري اھڙوئي شفقت ڀريو پيار، بنا ڳوڙھن جي، خوشي جي دٻيل اظھار سان، سندس پرجوش ۽ ولولي واري پيار جي موٽ ۾.
ھينئر، علي بابا ريسٽورينٽ جي فيملي روم ۾، جڏھن ھوءَ سندس سامھون، خاموش ويٺل. پاڻ سوچيندڙ. انھن پھرين ڀيري جي ڳوڙھن جي ڪارڻ تي: ۽ پھتل ھن نتيجي تي ته، اھي ڳوڙھا، محرومين سان ڀريل زندگيءَ ۾ پھرين مليل پيار جي موٽ ۾ ٿوري بجاءِ آڻڻ جا ڳوڙھا ھئا!
۽ ائين ئي ھلندڙ سلسلو . . . .
ته ھڪ ڏينھن کيس پڻس جو خط مليو، جنھن ۾ شادي سندس سوٽ سان ٿيڻ ۽ ڳالھه پڪي ھجڻ جي باري ۾ اطلاع ڏنل ھو. سندس وھم ۽ گمان ۾ به ڪونه ھو ته، کيس سندس سوٽ ڏني ويندي! ڇاڪاڻ ته سندس چاچو، حيثيت ۾ کانئن وڏو ھو. ھيءُ خط سندس لاءِ اڻ ملھي ۽ ھڪ عجيب سپني نما خوشيءَ جو ڪارڻ بڻيو ۽ پوءِ کيس، ”ھن“ سان ھي ڪيل پيار ھڪ راند لڳي؛ ورھونءَ، جيڪا ٺلھو وقت ڪاٽڻ لاءِ يا دل وندرائڻ لاءِ ڪئي وڃي. پر جڏھن ھن، اندر جي دٻاءُ ھيٺ ڪنھن ڪنھن مھل ھن مامري جي ڳنڀيرتا تي ٿي ويچاريو ته ان ويل، ڏوھي احساس جي تيز چھڪ جي پيڙا، سندس وجود کي ايڏو ته نپوڙيو، جو پنھنجو پاڻ کي بنھه سن ٿي ڀانيائين ۽ پوءِ ان ڏوھي احساس جي بار ھيٺ يا دل ۾ لڪل چوريءَ واري نيت جي واٽ ٺاھڻ لاءِ، لاشعوري خيال ھيٺ، کيس اھو خط پڙھن لاءِ ڏنائين.
ھو خط پڙھڻ لڳي. پاڻ سندس منھن ۾ ڏسڻ لڳو. سندس منھن تي ايندڙ ڀاون کي پڙھڻ لاءِ. ۽ ڏٺائين سندس ڪاراٽيل منھن ۽ خشڪ چپ. ھن پنھنجي دل به تيز ڌڙڪندي محسوس ڪئي. خط واپس ڏنائين، خط واپس وٺي، پڇيائينس؛ ”تنھنجو ڇا خيال آھي؟“
ھن سندس منھن ۾ ڏٺو، کيس لڳو ته، سندس اھو سوال ھن کي نه وڻيو آھي. ”جيڪو تنھنجو خيال.“ پوءِ مرڪيائين. روئڻھارڪي مرڪ. جنھن مرڪ ھيٺان ارمانن جو ڍير پوريل.
ٻئي ڏينھن سندس خط مليو.
” . . . . تون شادي ڪري ڇڏ. مون کي ڪوبه افسوس نه ٿيندو. ھن معاملي ۾ جذباتي ٿي نه سوچج. زندگي جو ٺوس حقيقتون، اسانجن جذباتي خواھش جي تابع نه آھن. منھنجي حياتي ھڪ ويران برپٽ آھي. مان به اھو نٿي چاھيان ته، تون مون سان ڳنڍجي ئي، برپٽ ۾ ڀٽڪين ۽ ڪجهه نه ماڻين، زندگي ماڻڻ لاءِ آھي. اھا ڪٿان جي ڏاھپ آھي ته: ھڪ صحتمند زندگي کي، مرندڙ، ناڪاري ۽ ھاڃيڪار وجود سان گنڍي ان صحتمند زندگيءَ کي وقت کان مرجهائڻ، ۾ ڪجهه ماڻڻ کان سواءِ موت ڏانھن ڌڪڻ جا ڪارڻ پيدا ڪيا وڃن؟ ڇا اھا بي انصافي ناھي؟
منھنجي امڙ سلھه جي مريض آھي، منھنجي ناني به سلھه ۾ مُئي ھئي، انھي ڪري اھو قياس کان پري ناھي ته مان به . . . ھجان. جيتوڻيڪ مان ڄاڻان ٿي ته اڄ جي دؤر ۾ ھن مريض کان ڇوٽڪارو بنھه ممڪن آھي، ان ھوندي خبر ناھي ڇو، (جيڪو سڀاويڪ آھي.) منھنجي دل ۾ اھو خيال گهر ڪري ويو آھي ته منھنجي زندگي به منھنجي امڙ جي زندگي وانگر اونداھين ۽ روڳي آھي. مون پنھنجو پاڻ کي انھي لاءِ ذھني طور تيار ڪري ڇڏيو آھي، ته جيئن ڪڏھن به شڪايت جي عادت جو موقعو پيدا نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته شڪايت جي عادت پيڙا کي وڌيڪ ڀيانڪ ۽ ڪرڀناڪ بڻائي ڇڏي ٿي.
مان ھيءُ سڀ جذباتي بڻجي، کلي نه رھي آھيان. پر اڳ پٺ جاچي پوءِ قلم کنيو اٿم. مان سمجهان ٿي، اسان جو ميلاپ ھڪ حادثاتي واقعو ھو. اھڙو واقعو جيڪو منھنجي اُجڙيل، ويران ۽ مرڻينگھه زندگيءَ ۾ بھار جا جھوٽا کڻي آيو. پر مونکي سمجهڻ گهرجي ته، ۽ مان سمجهان ٿي ته اھو لازمي ناھي ته بھار جو احساس ڏياريندڙ اھو حادثو ايڏو ڊگهو ٿئي، جيڏي منھنجي زندگي آھي. ۽ منھنجي اھڙي خواھش، سپنو ته ٿي سگهي ٿي، پر حقيقت نه. ۽ مان ھن سچائي کان ڀلي ڀت واقف آھيان، مان خوابن جي ديس ۾ نه، پر ٺوس حقيقت (پوءِ ڀل اھي ڪيڏيون به ڪڙيون ۽ بي رحم ڇو نه ھجن) سان ڀريل زندگيءَ ۾ رھان ٿي.
تو، مون کي جو ڪجهه ڏنو، مان انھي لاءِ انتھائي ٿورائتي آھيان. تون پاران ڏنل زندگيءَ جي سرھاڻ کي مان، ساروڻين جي روپ ۾ سانڍيندس. ۽ ھنن سڳنڌ ڀريل گهڙين منجهان، جيڪي منھنجي ماضيءَ جو املھه خزانو آھن، موت جي پڄاڻيءَ وارين گهڙين تائين واس وٺندي رھنديس.
مان وري به تنھنجو ٿورو مڃيان ٿي، سواءِ ڪنھن ٻڏتر ۽ ڳڻتيءَ جي نئين زندگي اَڏِ، منھنجون نيڪ خواھشون توساڻ آھن.
شل سدائين سکيو ستابو جڙيو رھين.
فقط:
(ھن پنھنجو نالو نه لکيو)
بيشڪ ھيءُ خط مٿس بم ٿي ڪريو. سندس وجود کي ذرڙا ذرڙا ڪري ڇڏيائين. پر ساڳي وقت، ھي ساڳيو خط وجود جي ٽڙيل پکڙيل ذرڙن کي ھڪ ھنڌ ميڙڻ ۽ زندگيءَ ۾ تازو ساھ ڦوڪي، نئين سر اڳواٽ ڪرڻ ۾، واٽ جي مشڪل ثابت ٿيو!
سندس خط کان پوءِ، ساڻس ملڻ ۽ اکيون ملائڻ جي اخلاقي جرئت جو ست نه سارڻ ڪري، اوچتو ڳوٺ ھليو ويو ۽ امتحانن جي وقت موٽيو. امتحان دوران ھو ساڻس ڪونه ملي، نه ئي پاڻ اھڙي ڪوشش ڪيائين.
ان وقت کان پوءِ ھيءَ سندن پھرين ملاقات ھئي.
ھن سڄي ملاقات جي دوران، ھن کانئس، سندس زال يا ٻارن جي باري ۾، ھڪ سوال به ڪونه ڪيو، جنھن جو کيس پنھنجي من ئي من ۾ خطرو ضرور ھو.
ائين ڳپل مھل وِھڻ کان پوءِ نيٺ پاڻ ئي چيائين، ”ھلون“ ھن وراڻيو، ”ڀلي.“
پوءِ پاڻ، ڄڻ ھلڻ جي صفائي پيش ڪندي چيائين: دراصل مونکي يونيورسٽي مان پنھنجا سرٽيفڪيٽ وٺڻا آھن، جو ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسرن جي چونڊ ۾ مون کي پيش ڪرڻا آھن. انھي ڪري دير . . . .
بل ھن زوري ڏنو، کيس ، مرڪ سان ھيءُ چوندي ته: ”تون ٻچڙيوال آھين، توکي ھن ريت ھوٽلن ۾ پيسا وڃائڻ نه گهرجن. “ ۽ ھو پيسا ڏيڻ چاھيندي به ڏئي سگهڻ جي ھمٿ ساري نه سگهيو! دراصل ھو؛ خبر ناھي ڇو، پنھنجو پاڻ کي ھن آڏو، گهٽ، خسيس، ڊپريسڊ ۽ ھڪ قسم جو ڏوھاري محسوس ڪري رھيو ھو.
۽ پورن پنجن سالن کان پوءِ:
جڏھن پاڻ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول دادو ۾ ھيڊماستر جي حيثيت سان بدلي ٿي آيو، تڏھن ھو گرلس ھاءِ اسڪول جي انچارج ھيڊ مسٽريس ھئي.
ضلعي جي تعليمي آفيسرن ۽ ماھرن جي ماھياني ميٽنگ ۾ پھريون ڀيرو کيس ڏٺائين، ڄڻ خواب ڏسندو ھجي: ھڏن جو پڃرو، ڪاراٽيل ڏٻرو منھن، اندر ويٺل کوٻن ۾ چمڪندڙ مڻيون، ڳل اندر پيھيل، تڪليف سان کڄندڙ ساھ ڪري، ڦھلجندڙ – سسندڙ ناسون، سمورا وار اڇا، ھن ھڏائين پڃري تي اڇي کير جھڙي ساڙھي، نيري ۽ سائي باڊر سان. ڪئين ڀيرا ڏٺل خواب، پر اڻ چٽو ۽ مبھم! پھرين ڄاڻ ھوندي نه نه سڃاڻي سگهيس، پوءِ مھٽيل خواب لڳندي به، سڃاڻي ورتائينس. ھن به کيس ڏٺو، ڳالھايو، پر کيس اھڙي ڪا لکا ڪانه ڏنائين ته ڪو کيس ڄاڻي سڃاڻي.
۽ پوءِ ھھڙن موقعن تي ائين ئي رسمي ملاقاتون: ھڪ ٻئي جا ڄاتل سڃاتل، ۽ پوءِ به اڻ – ڄاتل، جنمن جا فاصلا!
ھڪ ڏينھن:
پھرين پيرڊ ھلندي کيس فون آيو: گرلس ھاءِ اسڪول جي انچارج ھيڊ ماسترياڻي فجر مھل گذاري وئي.
سندس مٿان ڄڻ وڄ ڪري، سندس جسم اتي ئي ڪرسي تي ھڪ ھنڌ ڄمي، پٿر ٿي ويو ھجي.
اوچتي موڪل سببان، ٻاھر شاگرد گوڙ ڪندا ۽ خوش ٿيندا گهرن ڏانھن وڃي رھيا ھئا. ٽيچنگ اسٽاف سندس ڪمري ۾ گڏ ٿي چڪو ھو ۽ جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گڏجي ھلڻ واسطي سندس انتظار ڪري رھيو ھو.
ٽين انام ڪھاڻي
جيتوڻيڪ اپريل جا اڃا پھريان ھفتا ھئا، پر واري جي ڀٽن ۽ ننڍن دڙن ۾ ويڙھيل ھن ننڍي: پر ڪنھن حد تائين جديد شھر ۾، ڏنڀيندڙ ڪوسي لڪ ۽ جھولا لڳڻ شروع ٿي ويا ھئا. سج اڃا ڪانو ئي، مٿي ٿي چڙھيو ته شھر ۾ ڏامر جا ڪارا ڪارا روڊ ۽ پڪيون جايون، تندور وانگر تپڻ ٿي شروع ٿيون. واريءَ گاڏڙ واءُ جي تيز جھوٽن ۾ ڄڻ ٽانڊا ڀريل ھئا، جسم سان لڳڻ شرط ئي، سڄو جسم لھسجي ٿي ويو.
اڄ شھر ۾ دستور واري پرامن فضا ۾ ھلچل ۽ رونق جي ابتڙ وايو منڊل ڦريل ھو. دڪان بند، ھوٽلون خالي، شھر جي چرپر ۾ ٺاپر، گهٽيون ۽ رستا ويران ۽ انھي ويراني ۾ ھئي اداسي. اداسيءَ ۾ ھو اڄ ڄاتل ڀوائتو خوف ۽ ھنياءُ ڦاڙيندڙ ھراس. سمورو لوڪ پنھنجن گهرن اندر بند ھو ۽ سندس ساھ مٺ ۾ ھو. ھر ڪنھن جي ھنيئن ۾ ھراس جو تھه، پڪي ڄميل برف جي ڇپ جيان ايڏو ڳتيل ۽ گهاٽو ڇانيل ھو، جو رڳو گلاس ڪرڻ جي کڙڪي به، سندن دليون ڏھڪائي ٿي ڇڏيون – خالي ۽ سنسان روڊن تي، ڪي ٽولا ٻٽون ٻڌل، ڪي رائفلون ته ڪي ڪھاڙيون ڪلھن تي کنيو ٿي گھميا. سندن اکيون ڏياٽين وانگر ٿي ٻريون. ھلڻ جي چال ۾ بي ڊپائي، جرئت ۽ بھادري ۾ عزم ۽ ارادن اٽلپڻو، پنھنجي سگهه تي بانور ڪرڻ جھڙو ڀروسو ۽ تاڻيل ڇاتيءَ مان غرور ۽ تڪبر ٿي بکيو.
ھُل ھيو: سنڌ جي ٻن گبر پيرن جي مريدن جي وچ ۾ مقابلو آھي. ڏينھن چڙھندو ويو ساڙيندڙ ڪوسي لُڪ جا زوزاٽ وڌندا رھيا ۽ ڌرتي پڄرندي ٿي وئي. لوڪ جي مٺين ۾ پيل ساھ، اضطراب ۽ بيچيني ۾ وڌيڪ پيڙجڻ لڳو. تان جو ڦھڪاءَ ٿي ويا. ٺا ٺا: زئون زرڙاپ، ٺاٺا ڄڻ ڌرتي ٿي ڌٻي، رائيفلن ۽ بندوقن جي بارود جي بانس ۽ زوزاٽ ڪري، ڌرتيءَ تي پرڻ وانگر ٽنگ ڪندڙ گولين ڪري ناسي – ڀوري گرم گرم اڏامندڙ ڌڌڙ، ڌرتيءَ جنسي تاءُ جون الٽيون ٿي ڪيون ۽ ھيا، رانڀاٽ، گاريون، آواز، جوش ۽ جرئت ڀريا.
ڳپل مھل کان پوءِ خاموشي ٿي. ڄڻ ڌرتي ڌٻڻ بند ٿي. پر ھوا جا ڪوسا لھسائيندڙ جھوڪا ساڳي طرح تي لڳا. ۽ باقي چوڌاري سانت، موت جھڙي. ڪنھن ڪنھن مھل ڦٽيل جي ڪرڀ وچان دانھن ۽ ڪنجھڻ جو آواز. گهرن ۾ بند انسانن جون دليون ھيسيل ۽ اکيون ڪجهه ڄاڻڻ لاءِ آتيون، پر جرئت نه ۽ ٻاھر، واقعي واري جاءِ تي ھا لاش، ٽڙيل پکڙيل، اونڌا پاسيرا لاش، جي ڳاڻاٽي کان ٻاھر ھئا. لاش، جن مان ڪن جون اکيون بند ھيون ته ڪن جون کليل ۽ آسمان ڏانھن واجهائيندڙ، ڪن جا واٽ ڦاٽل ھيا ته ڪن جا بند، ڀڳل عضوا، چچريل جسم ۽ رت ۾ ٻڏل لاش، اڄ جي سھارن ۽ سڀان جي اميدن جا لاش – لاش، مائرن جي اکين جي تارن، ڀينرن جي آسن اميدن ۽ سھاڳڙين جي سھاڳن جا لاش، انھن انسانن جا، جي مئا ھئا، پنھنجو پاڻ لاءِ نه، پنھنجن ٻچن لاءِ نه ساڻيھه لاءِ نه، زندگيءَ جي خوشحاليءَ ۽ پيار جي بقا لاءِ نه.
۽ ھيا، موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي جي وچ تي بيٺل، ڦٽيل، چچريل، زخمن جي درد کان لڇندڙ ۽ ڪنجھندڙ زخمي ڪنھن ڪنھن وقت، درد جي شدت وچان انھن جي دانھن ٿي اڀري، نه ته سناٽو ڇانيل ھو ۽ ان سناٽي ۾ لَڪ جو گهوگهٽ ۽ ڪنھن مھل ڪنھن ڦٽيل جي دانھن ڪجهه ڀوائتي ۽ دھشتناڪ ٿي لڳي. سج آسمان جي وچ تي پھتو. سج جا سڌا ۽ تيز ڪرڻا ڌرتيءَ کي تئي وانگر تپائي رھيا ھئا. رت جي اُٻ، ھوا ۾ رت جي اُٻ گاڏڙ عجيب بوءِ. تيز ۽ دل ڪچي ڪندڙ. مٿان آسمان جي وسيع خلائن مان ڳجھن ۽ سرڻين جا لامارا.
ٻئي ڏينھن خبر آئي: ٻن پيرن جي مريدن جي وچ ۾ جهيڙو ، ٻه ٽي مئا ۽ ڳچ ڦٽيا.
ڪجهه ڏينھن کان پوءِ خبر آئي: سنڌ جي ٻن گبر پيرن جي وچ ۾ ٺاھ، چونڊن لاءِ تڪ ورھايا ويا. اختلاف ختم.
۽ پوءِ ساڳئي شھر جي ساڳين روڊن تان ٻنھي پيرن جون جيپون چيچاٽ ڪنديون، امن ۽ صلح سان لنگهنديون آھن، انھن مئلن مريدن جي روحن کي ڪچلندي، جيئرن مريدن جي ساڃھه، سمجهه ۽ عقل کي چيڀاٽيندي.
بيٺل ڦيرو
۽ ھينئر، جڏھن آزاديءَ جو ڏينھن پوين پساھن ۾ آھي، محسوس ڪيان ٿو ته، ھيءُ ڏينھن مون لاءِ غير رواجي ڏينھن ھو. ٿيندڙ ھر ڏينھن کان نرالو – لڳيم ٿو چوڌاري لڳل جهنڊيون ، ڇنڪار ۽ سموري وايو منڊل جي تبديلي، ڌاريائپ ۽ ھيڪلائپ جو احساس ڏياريندڙ آھن. لڳي ٿو، جهنڊين ۽ ڇنڪار وسيلي، ھن منڊل ۾ جا خاموشي ڀري وئي آھي، سا ڄڻ ته زوريءَ ڳتي وئي آھي. ۽ قيدين جي منھن تي، جا موڪل سببان مھڪ آھي، ڪيڏي نه کوکلي ۽ خوشيءَ کان وانجھيل آھي. ھڪ قسم جي اداس، اداس خوشي!
اھو مون کي ائين لڳي ٿو، يا سچ پچ ائين آھي؟
موڪل ته ھونئن ھر آچر تي به ٿيندي آھي – پر ائين نه محسوس ڪندو آھيان، جيئن اڄ. ڀانيان ٿو اڄ مون سڄو ڏينھن ڪن اڻ – ڄاتل احساسن ۽ جذبن جي ھيٺ لوچيو آھي. ڪھڙا احساس ۽ جذبا، سمجهي نه سگهيو آھيان. مبھم آھن، اڻ چٽا. يا مون ۾، تنکي سمجهڻ جي مڻيا ڪانه آھي.
خير، ڏينھن گذري ويو. ھر ڏينھن وانگر. پر ھيءُ انوکو، آزاديءَ ۽ نجات جو ڏينھن.
ڏينھن جي ختم ٿيڻ ۾ باقي ڪو وقت ھوندو.
اٿان. کولين ۾ بند ٿيڻ جو وقت ٿيڻ وارو ھوندو. اڳتي رڙھندو وڃان. اجهوڪي گھنڊ وڳا.
برج
جيل جون ڊگهيون ڀتيون.
کليل چٽو نيرو آسمان
شام جو ھن مھل جو جيل جون ڊگهيون، ڀتيون ڪيڏو نه اداس ٿيون لڳن. ويڳاڻيون. لھندڙ سج جا سونھري تڙڪا ۽ نماشام جو ھيءٌ سمو ھر شيءَ کي اٻاڻڪاڻيءَ جو گهرو رنگ ڇو ٿو ڀري! ھا، ھينئر سمجهه ۾ آيم ته اڄوڪي آزاديءَ جي ڏينھن تي، لوچيل احساسن ۽ امنگن ۾ اداسيءَ جو ھڪ عنصر به ھو. ۽ ھيءُ نم جو وڻ به، جنھن ھيٺان مان ويٺو آھيان: اداس آھي، اٻاڻڪو (يا مون کي لڳي ٿو). ھن اٻاڻڪي نم جي وڻ ھيٺان ويھي، مان جيل جي سپريڊنٽ جي ھدايت – نه، ڇاڪاڻ ته جيل جو حاڪم ھدايت نه ڏيندو آھي، حڪم ڪندو آھي، ھو جيل جي حاڪم جي حڪم موجب آزادي جي جشن جو لطف ماڻي رھيو آھيان.
”اڄوڪي ڏينھن تي اسان کي آزادي ملي ھئي،
اڄوڪي ڏينھن آزاديءَ جھڙي بي بھا نعمت
جو تحفو ڏيندڙ ڏينھن آھي. ۽ اسين
ھڪ باوقار قوم جي حيثيت سان دنيا جي
نقشي تي اڀريا ھئاسين . . . ھيءُ اسان جي
تاريخ جو عظيم تر ۽ قابل فخر ڏينھن آھي . . . .
جو ھن ئي ڏينھن تي ھيءَ ڌرتي، ڌرتيءَ جا
کيت، ڪارخانا، ملڪيتون، پاڻ کي مليون ھيون.“
(۽ مون کي ؟)
ھون: اھو ننڍو جيلر جو، جنھن تاڙين وڄائڻ جو اشارو ڪيو ھو.
”اوھين ڄاڻو ٿا ۽ اوھان ھتي انھيءَ جو شدت سان احساس محسوس ڪيو به ھوندو ته، آزاديءَ جھڙي نعمت دنيا ۾ ٻي ڪابه ڪانه آھي.“
”سچ.“ رمضان ڀڻڪيو ھو.
(اوڏيءَ مھل ننڍي جيلر جون ڪرڙيون اکيون مٿس پيون ھيون.“)
”اچو ته ھن تاريخي ڏينھن تي نئين سر عھد ڪيون: اسان ھر قيمت تي پنھنجي پياري ۽ جان کان وڌيڪ عزيز آزاديءَ جو تحفظ ڪنداسين.“
تاڙيون.
سو اڄ ھن مبارڪ موقعي تي اوھان کي عام موڪل ڏني وئي آھي، جيئن اوھان آزاديءَ جو لطف ماڻي سگهو.
۽ مان ھتي، نم جي وڻ ھيٺان، جيل جي ڊگهين، ويڳاڻين ڀتين جي اوٽ ۾ آزاديءَ جي ڏينھن جي پڄاڻيءَ وارين گهڙين جو لطف ماڻي رھيو آھيان.
آسمان صاف آھي. نيرو ۽ گهرو. سامھون برج تي بيٺل سپاھي ٿڪل پيو ڀانئجي. خير، منھنجو ڇا وڃيس. آسمان جي چٽي، نيري وسعت ھيٺان اڏامندڙ سرڻيون ڪيتري بلندي تي ھونديون؟
الاءِ. آسمان جي نيراڻ نه رڳو گهري آھي، پر چٽي. ھينئر، جيڪر جھڙ ٿي پوي. ڪارا ڪڪر ڇانئجي وڃن. وڏ ڦڙو وسي پوي.
نه وڏ ڦڙو نه. ھلڪي ھلڪي ڪڻ – ڪڻ.
ھلڪي بوندا باريءَ سان، ھلڪڙي ٿڌ جو تصور راحت ڏيندڙ آھي ۽ من ۾ عجيب گد گد ڀريل خوشي اڀاريندڙ. اھڙي جھڙالي مند ۾ جيڪر ٻاھر ھجان ھا ته –
ٻاھر گهاريل زندگيءَ جو ھيءٌ سوچ گاڏڙ تصور ھڪ اڻ پوري تسڪين جو احساس ڏياري ٿو! نه ھئڻ گهرجي، تعجب آھي! قيد، نيٺ قيد آھي. آزادي جو دشمن.
”ٻاھر ھجان ھا.“
دراصل اھا منھنجي ڀرڀور خواھش نه ھئي. پر ھڪ عام رواجي خيال. شرط سان: ٻاھر ھجان ھا. ان ۾ ڇڪ ڪانه ھئي. ڀرڀور تڙپندو آس به نه. اھو چٽيءَ ريت محسوس ڪيان ٿو. بس ھڪ واٽھڙو خيال ھو. ٻاھر جي زندگيءَ جو تصور ڪندي، جيل جي ڊگهين ڀتين سان نظرون ٽڪرائڻ کان پوءِ لڳي ٿو ھنن ڀتين جي حد تائين زندگيءَ جي حد آھي. ۽ ھن سواءِ حدن اندر، جيڪي ھنن پاڻ مقرر ڪيون آھن. پھرو آھي. سوچڻ ڏوھ آھي. سواءِ ڪنھن سوال جي، جيل جي حاڪم ۽ ان جي نائين تائين ۽ سندس ٺاھيل ۽ لاڳو ڪيل قائدن مطابق ھلڻ، چرپر ڪرڻ، ھتي جي سٺي ۽ باعزت قيدي ھجڻ جي نشاني آھي. ھتي پسند نا پسند جو سوال نه ٿو اڀري. جيل جي حڪم جو ھر گفتو قانون آھي، ھر لفظ ضابطو. انھي جو نالو جيل آھي. ۽ جيل جي ھنن وڏين ڀتين جي پويان ھڪ آزاد دنيا. منھنجي سمجهه به ائين چوي ٿي. ۽ ٻيا به چوندا آھن. ۽ ھر قيدي، جنھن کي پنھنجي قيد جو ذرو به احساس ٿيندو آھي، ائين ئي چوندو آھي. پوءِ به نه ڄاڻ ڇو، ھنن ڀتين کان ٻاھر جي زندگيءَ لاءِ ڀرڀور ڇڪ محسوس ڪيان ٿو!
البت سمجهان ٿو، آس جي حد تائين.
گهر
ور وڪڙ گهٽيون
مکيه روڊ: موٽرون – بسون – دڪان – رونق
آفيسون
ڀٽڪ
ڀٽڪ
بوريت
گهر
رات: ساڳي، صبح: ساڳي ، منجهند: ساڳي، شام: ساڳي، رات: ساڳي . . . . .
۽ ھتي
فيڪٽري اڻت کولين ۾ بند ننڊ جاڳ فيڪٽري ماني ڪاڪوس پيشاب
ساڳيو
چڪر آھي. پھرين ايندڙ ڀوانٽي، ان چڪر ۾. دل ٿيندڙ ڪچي، اورٽ. پوءِ لائيف روٽين. سواءِ ڪنھن سواد جي، احساس جي.
چڪر: ھڪ ھنڌ ڄميل.
ائين ٿي سگهي ٿو: ته منھنجي لاءِ ھن حيثيت ۾، جنھن ۾ آھيان، اھم سوال اھو ناھي ته ڪٿي گذاريان ۽ ڪئين؟ ۽ اھڙي چونڊ ڪيان. پر زندگي، ڇاڪاڻ ته، ھا، ڇاڪاڻ ته گذارڻي آھي، گذري وڃي، جو گذارڻ لاءِ ملي آھي – ملي آھي! نه – دراصل مڙھي وئي آھي. اھو وڌيڪ درست آھي. اھو ته ظاھر آھي ته منھنجي پڇڻ ۽ راضپي کانسواءِ ئي
بھرحال، ھاڻي اٿان، وقت ڪجهه رمضان سان ڪچھري ڪيان ۽ پوءِ سمھان.
اٿان.
آزادي جي ڏينھن جي لڳل جهنڊين ۾ ھينئر اھا رونق ۽ نواڻ نه رھي آھي. ڪيتريون جهنڊيون نوڙين مان ڇڄي ھيٺ پڌر تي پکڙجي ويون آھن. ھوا تي ھيڏانھن ھوڏانھن پيون اڏامن. ۽ ڏينھن به آخري پساھن مھل وڌيڪ اٻاڻڪو ٿي ويو آھي. جيتوڻيڪ صبح واري جوڀن جي ھلڪي ھلڪي رونق اڃا اٿس، اھا رونق مون لاءِ ھينئر اڪيلائيءَ جي احساس کان وڌيڪ اڀارڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي. ۽ عيد جي ڏينھن به ته اھڙي ئي اڪيلائپ ۽ ڌاريائپ جو چٽو احساس ٿيندو اٿم! جڏھن ھر ھنڌ، ھر ڄڻو، ڀرڀور خوشيءَ واري ڏڻ ۾ پاڻ وڃائي ڇڏيندو آھيان.
ھينئر ته مان پاڻ کي عجيب عجيب لڳي رھيو آھيان. جيئن ٿو سانوري شام جو رنگ گهرو ٿيندو وڃي، تيئن پنھنجو پاڻ کي ڌاريو لڳي رھيو آھيان. ھن ڏينھن وانگر، جيڪو آزادي ۽ نجات جو ڏينھن آھي. اسان جي آزادي جو ڏينھن. يعني منھنجي آزاديءَ جو ڏينھن. ھاڻي!
اوھ! ڪھڙا نه سھڻا پکي آھن! ڍنڍ جا پکي آھن. گهڻا . . .
ھڪ ٻه ٽي چار پنج ڇھه ست اٺ نو ڏھ يارنھه ٺھيو.
نيري آسمان جي ڦھليل چٽي نيري وسعت ۾، سندن اڇاڻ ياري ٿي لڳي، ۽ سندن قطار. وڃي رھيا آھن، قيد جي برجن واري اڏول ۽ باوقار لڳندڙ ڀتين جي ھن پار، خوابن جي جڳ ۾، جتي چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته آزادي آھي. ھر ڄڻو آزاد آھي، جيل جي ھنن ڀتين کي ڏسندي ڏسندي لڳندو آھي ته، جڏھن کان زندگيءَ جو وجود ظھور ۾ آيو آھي، ھي ڀت آھي.
پکين جي قطار؟ ڏکڻ ڏانھن اڏامي. اڙي گهر به – ته پکين جي اھا قطار، اسان جي گهر مٿان لنگهندي ھوندي
گهر
بابا ھيئنر ننڍڙي اڱڻ ۾ کٽ تي چلم مان ڦوڪون ڀريندو ھوندو. امان سندس ڀر ۾ ويٺي ھوندي، ڪچھري ڪندا ھوندا، بابا کيس پنھنجي صاحب جون ۽ آفيس جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھوندو، ۽ امان وري اوڙي پاڙي جي ڪنھن نوجوان نينگر جي ۽ منھنجو به ذڪر
ادي؟ بابا ۽ امان جي کٽ جي ٿورو پرڀرو وڏاڻ جي منجيءَ تي ڦڻوٽو ڏيندي ھوندي، ڪاٺ جي ڦڻوٽي ۾ آيل جون آنڱوٺن جي ننھن سان ماريندي ھوندي. ھر روز ھن مھل ائين ئي ٿيندو آھي، پوءِ اٿندي، چانور سوئيندي، رڌيندي. کائيندا. سمھندا. صبح جو اٿندا. نيرن، وري منجهند. وري شام وري . . . .
ساڳيو ڦيرو.
سمجهه ۾ نٿو اچي ھن ريت زندھ رھڻ جي معنى ڪھڙي ٿي سگهي ٿي؟
”جڏھن الله تعالى کي پنھنجي وجود جي ظھور جو خيال ٿيو، ته ھيءُ جھان، انسان، حيوان، جنات . . . ھڪ اشاري سان خلقيا آھن، ڪنھن ملي جي واتان ٻڌو ھوم يا . . . خير ، ڪيڏي بيوقوفي!! محض پنھنجي وجود جي نماءَ لاءِ سڄي خلق کي – اھا ڪھڙي ڏاھپ آھي؟ ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھوم: سج جي گولي مان ھڪ ذرڙي جو الڳ ٿيڻ، زمين جو ٺھڻ، اميبا . . . انسان جو بتدريج وڌڻ – ھي سڀ ڪجهه ارتقائي حادثو آھي. ڪيڏو المناڪ.
اٿان. ھينئر ته بند ٿيڻ جو ٽائيم اچي ڀريو ھوندو. ڪيترو ٿيو ھوندو؟ ڀانيان ٿو ته پر ھتي جيل ۾ رڙھڻ جو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. زندگي ڪيڏي سست آھي. قيد ۾ وقت جا ماڻ بي معنى آھن. جي احساس آھي ته، وقتي – اڪيلائپ جي انھن گهڙين ۾، پنھنجي منھن سوچڻ مھل، پنھنجي قيدي ھجڻ، ۽ قيدي ھجڻ جي لحاظ کان ڪنھن مبھم انتظار، جو خود سوال بڻيل ھوندو آھي. ۽ وري اھو عجيب به ته: اھا ڄاڻ ھوندي، ايندڙ ڏينھن، ھر ساڳئي ڏينھن وانگر، ساڳيو ئي ڏينھن آھي، پوءِ به ان جو انتظار! جي سپاھي ھي گھنڊ نه وڄائين ته ھوند وقت ھڪ ھنڌ ڇپ وانگر بيٺل لڳي:
لڳي؟ پر نه – جيل ۾ وقت ڄميل آھي، سپاھين جا اطلاع ڏيندڙ گھنڊن جا اھي آواز، دراصل وقت جي ڇپ کي اڳتي ڌڪيندا آھن. جائي به، وقت کي ائين ھٿرادو ڌڪڻ ھڪ قسم جي دلچسپ راند لڳندي آھي. پر ساڳئي ڏينھن، پٺيان ساڳي رات، ساڳي پٺيان ساڳيو ڏينھن، وقت جي انھي ھٿرادو ريڙھ جا جاکوڙ کي شاندار شڪست ڏئي ڇڏيندو آھي.
ھاڻي اٿڻ گهرجي. سچ پچ ھيءَ سڪون واري جاءِ آھي. دل به چويم ٿي ته ويٺو ھجان. ائين اڪيلائيءَ ۾. سوچ جي وھڪري ۾ وھندي، ھڪ قسم جو مخصوص سرور اچي رھيو آھي.
پر، ويھي نٿو سگهان. پسند يا چونڊ منھنجي لاءِ بي معنى لفظ آھي. جيتوڻيڪ ڀانيان ٿو ته، اندر ۾ ھلڪي ھلڪي خواھش سرڪي رھي آھي: ھتڙي ويٺو ھجان. پر،
ھاڻي اٿان، متان رمضان اچي نڪري. اچڻ شرط عادت موجب کلي پڇندو؛ ”ڇا ويٺو ڪرين اڪيلو ئي اڪيلو.“
”بس. اُھئين.“
”اڙي اُھئين ڇا؟“
جائي به عجيب جواب آھي. ”اُھئين – اھو ته نٿو ڄاڻان. پر سدائين اڪثر سوالن جا جواب، انھي لفظ سان ڏيندو آھيان. ضرور ھينئر ڳوليندو ھوندو، سندس رويي مان پڌرو آھي ته دوستي رکڻ چاھي ٿو، جيل ۾ ساٿي جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، پر مون کي اڪيلائي پسند آھي. ٻئي جي موجودگيءَ ۾ عجيب قسم جي بيچيني ۽ مونجهه محسوس ڪندو آھيان ۽ پريشاني ٿيندي اٿم. وري سندس سوال مٿان سوال، ڪيڏو ڪڪ ڪندا آھن. اھو بنھه نه وڻندو اٿم ته مون کان ڪو سوال مٿان سوال ڪري، نه ڄاڻ ڇو، انھي کي پنھنجي مٿان حملو سمجهندو آھيان ۽ نه ئي – مان ڪنھن کان سوال ڪرڻ چاھيندو آھيان. پر مان سندس دل ڀڃڻ نٿو چاھيان. ان ڪري سندس قرب ڀرئي رويي جي موٽ به مناسب انداز سان ڏيڻي پوي ٿي. ڪلھه ٿي چيائين.
”مھيني کان پوءِ تون آزاد ٿيندين.“
مان اڳ ئي، پنھنجو پاڻ مان بيزار ويٺو ھوس.
”پوءِ . . .“
”ٻاھر تون آزادي ماڻيندين.“
”ماڻيندس؟ آزادي. ھنن ۽ پھريدارن جي حدن کان پوءِ چرڻ، پرڻ آزادي آھي؟“ جواب پائڻ لاءِ، اڳتي سوچڻ جو ارادو اجايو سمجهي، لاھي ڇڏيم.
”ھون.“ ھن کي وراڻيم.
”ڪمال آھي!“ ھن کي منھنجي ٿڌي ۽ بي پرواھي واري موٽ تي حيرت لڳي.
سندس حيرت واري ڪيفيت تي، مان منجهيو ھوس، ششدر وچان، پوءِ ھڪدم سوچ جو ڪانٽو حياتيءَ ۾ ملندڙ مختلف ڪيفيتن تي بيھندو، رڙھندو ويو:
جستجو ۽ جاکوڙ: اتساھ ۽ جوش وچان.
(جا پوءِ خفقان لڳندڙ)
اميد ۽ آس؛ ويساھ جي روشني ۾ جرڪندڙ.
( جا پوءِ سوچ جو سراب لڳندڙ)
نراسائي ۽ نااميدي: اداسيِءَ ۽ غم ۾ ويڙھيل.
( جا پوءِ اجائي لڳندڙ)
اڪثر پنھنجي وجود کان اڻ ڄاڻ: اھو ته مان آھيان ڪونه. جو ڏينھن جي روٽين ۾ گم ٿيل.
۽ پوءِ انھي وَھَڪَ سان چرندڙ ڪيفيت پٽاندڙ ھستيءَ جو ھر رخ بي معنى لڳندڙ. بس حياتي گذارڻ جو لفظ، ايڏو وزني آھي جو
يا ڪا معنى زندھ رھڻ لاءِ جواز بنجي سگهي ٿي؟ جي ڪا معنى ڏنل ناھي ته پوءِ مون وانگر ھيءُ به ھتي يا ھتي
”ڇو! جواب نٿو ڏين.“ ھن مون کي سجاڳ ڪيو.
”ھان! . . . ھون.“
ھو کليو ھو، پاٻوھ منجهان: مون ڏانھن معنى خيز نظرن سان نھاريندي، ھن جي کل ۾ منھنجي لاءِ پيار ھو، ان پيار ۾ سادو ۽ پاڪ خلوص ھو. ( ۽ رحم جوجذبو به؟) ان پيار ۾ مون پاڻ کي ھيچ ۽ ھن کي وڏو محسوس ڪيو.
”ڪتاب پڙھي پڙھي، تنھنجو مٿو ڦري ويو آھي.“
ھن جي چوڻ جي انداز ۾، مون لاءِ پيار (ھمدردي؟) ھو ۽ ان انداز ۾ پورو اعتماد پئي بکيو. مون کي پنھنجي ڦڪائيءَ جو احساس پاڻ ٿيو ھو.
ھو وري کليو ھو. منھنجي جواب تي وڏو ٽھڪ ڏيئي. اوھيو کولين ۾ بند ٿيڻ جو گهگهو وڳو آھي، ھاڻي ته اٿان
”ھتي ئي سؤ اٺيتاليھه ٿي ويا!“
ڪجهه نه سمجهه ۾ ايندڙ، ذھن ڳورو، ڄڻ ته مڻين بار اندر ڳتيل.
”ڇئون، ٻارن جا رانديڪا، سندس (جوڻس جي) چمپل به بنھه بيڪار ٿي وئي آھي، نه ٿي ڪڇي، صابرين آھي . . .“
اوچتو ھن مھيني شمشاد جي شادي به آھي. ڀاڻيجي آھي، مون تي حق اٿس. گهٽ ۾گهٽ جوڙو جوڙو ته لھڻي، نياڻي آھي . . . پنجاھين ۾ ٿي ويندو تنھن کان سواءِ ھن موقعي تي ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوندو . . . قرض – ڪنھن کان؟ خدابخش جا اڳئي آھن، ھن مھيني به جڏھن ھن کي نٿو ڏيان ته پوءِ گهرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اڳ به بي عزتي ڪئي اٿائين. ستار کان گهري ڏسان، نه ته پوءِ . . .
اوچتو ڪنھن ٻوساٽيل، گهٽيل ۽ اونداھين کڏ ۾ ڪريل، گھيريل ۽ ڦاٿل ھجڻ جو شديد احساس ٿئي ٿو: ”ھيءَ به ڪا زندگي آھي! سڄو ڏينھن ڍڳي وانگر وھ، تڏھن به ھي حالت!“ بي خيالي ۾ سندس کاٻو ھٿ مٿي تي گھمي وڃي ٿو، جنھن تان وار کسي وڃي نالي ماتر بچيا آھن.
ڪمزوري محسوس ڪري ٿو، ڄڻ سمورو رت ڪنھن چوسي ورتو ھجيس يا ڊگهي بيماري مان اٿيو ھجي. ”گذري ويندو، جيئن ھن وقت تائين گذريو آھي. ھيءُ ته مقدر ۾ لکيل آئي.“ سڀ پنا ڦاڙي رديءَ جي ٽوڪري ۾ ڦٽا ڪري ٿو. ٻئي ٻانھون مٿي ڪري آرس ڀڃي ٿو. پوري بدن مان ٺڪاءَ نڪرنس ٿا.
”ھلون.“ آواز ٻڌي ٿو.
”ٽائيم ٿي ويو؟“ جهڪي لھجي ۾ سندس آواز – اٿي ٻاھر نڪري ٿو.
” . . . . . ڇئون، ٻارن جا رانديڪا، قرض ڏيندڙن جو ڪينو، منحوس منھن . . . “ ڳڻتيون ھڪ ڀيرو وري سندس وجود کي مکين وانگر وڪوڙي وڃن ٿيون.
اتساھ جو موت
(ٽٽل، اڻ پورين ڪھاڻين جي ھڪ ڪھاڻي)
سياري جي ڊگهي رات. رات جا يارنھن. اڇو ڪاڳر، ھٿ ۾ قلم، لکڻ لاءِ ڀرڀور اتساھ:
”1960ع واري جنگ لڳل. شام جي مھل، سج لٿي کان پوءِ، ھلڪي اوندھ بليڪ آئوٽ ڪاراڻ. روشني نه. روڊ رستا ٻسا، گهٽيل لڳندڙ، گهٽيءَ مان ھڪ ھندو لنگهي ٿو. ڏر تي ويٺل ڪتيءَ وانگر چار پنج مسلمان وڪوڙي وڃنس ٿا!“
پنھنجي بابي ھندستان جي جھازن کي ٽارچ ٿو ڏيکاري.
جاسوس آھي، جھنم رسيد ڪيوس.
(نه نه، مولا جو قسم اھو غلط آھي . . .)
اڙي ڀاڻجوت تنھن جو وري مولا ڪھڙو؟
ڪافر! مولا جو نالو وٺين ٿو، پنھنجي پليد زبان سان.
اوچتو: ڊي.پي.آر
اتساھ مروٽيل، ھٿ ۾ قلم، اڇو اڇو ڪاڳر.
رات ڳپل گذري ويل. لکڻ لاءِ ڀرڀور اتساھ. ٻرندڙ سگريٽن جو دونھون ڦھليل. ھٿ ۾ قلم، اڇو ڪاڳر:
استاد جمعو مستري صبح جو جڏھن ڪارخاني ڏانھن وڃڻ لڳو ته، معمول جي ابتڙ زال ڏانھن ڏسي، پنھنجي ڳنڀير منھن تي، زوريءَ مرڪ مڙھيندي چيائين: ”سڀاڳي، اڄ متان، پنھنجي آخري گڏجاڻي ھجي.“
”ڇو؟ ڌڻي خير ڪندو، ماريا اھڙي وائي ته نه ڪڍ.“
”اڄ اسان جي ھڙتال آھي، شايد گولي ھلي.“
سوال ۽ ڳوڙھن ڀنل اکيون! گونگي زبان. بت ھڪ ھنڌ بوتو بڻيل.
”ڄاڻين ٿي، ھتي لاش به نه لڀندا آھن.“
اوچتو: طبقاتي ڏڦير ھلائڻ، قلم . . . سزا. . .
اتساھ مروٽيل، ھٿ ۾ قلم، اڇو ڪاڳر خالي خالي!
رات. چوڌاري سناٽو. واچ بيٺل. ھٿ ۾ قلم، لکڻ لاءِ ڀرڀور اتساھ. ڪھاڻي جيڪا بلوچستان جي ھڪ تازي واقعي بابت:
”اھا بلوچ عورت، جنھن جي . . . .“
اوچتو: ڊي.پي.آر
اتساھ مروٽيل. ھٿ ۾ قلم. اڇو ڪاڳر، خالي خالي!
”اھو پريو مڙس اسان کي، موئن جي دڙي کان موٽندي ڏوڪري اسٽيشن تي، گاڏيءَ جو انتظار ڪندي، پليٽ فارم تي مليو. ترڪي ٽوپي، بادامي زرين جو ڪوٽ. ھلڪي اڇي ڏاڙھي، ڪتر ڪيل مڇون ۽ ناسون، ناس سان، ناسي ٿيل. ھٿ ۾ اڇو رومال، جنھن سان ذري ذري، نڪ ۽ چپ جو مٿيون حصو صفا پئي ڪيائين.
سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد آھيو؟
ھا سائين!
ڳالھائڻ شروع ڪيائين: سنڌ کي نئين سر جيارڻ جي ھلچل . . . ھا، سنڌي ھڪ قوم، سادي سٻاجھي، سادگي ۽ سٻاجھائي ڪمزوري بنيل. اوھان نئين دور جا نوجوان آھيو. ڇا اوھان ڄاڻوٿا: تاريخ جي ھر دور ۾، ڪمزوري يا ھيڻائي وڏو ڏوھ آھي . . .
”اوھان منھنجا ٻچا آھيو. اوھان کي ٻڌايان: جڏھن ھن ڌرتيءَ تي عربن، ايرانين، ارغونن، ترخانن، مغلن، مغلن جي ناجائز پونئيرن ھا: حرامي ٻارن ۽ انگريزن ۽ ٻين ڦورن ۽ لٽيرن جا پير اڃا ھن ڌرتيءَ تي نه پيا تڏھن، ھا، تڏھن . . .
(ھلندڙ فلم ھڪ ھنڌ بيٺل)
اوچتو: سنڌي ڪا قوم ناھي، پاڪستان ۾ ھڪ ئي قوم رھي ٿي، پاڪستاني. غداري سزا.
اتساھ مروٽيل. ھٿ ۾ قلم، ھٿ ھڪ بيٺل. ذھن خالي.
رات جو ھڪ. اڇو ڪاڳر، ھٿ ۾ قلم، لکڻ لاءِ ڀرڀور اتساھ.
”ھيءُ ان ماءُ جي لال جو ذڪر آھي، جيڪو، ٻولي وارن ڪرايل فسادن ۾ گوليءَ جو شڪار ٿيو. ڳڀرو جوان، ھاٺي ڀريل منھن تي ھلڪي مڇن جي ريھه . . .“
سيڪشن . . .
اتساھ مروٽيل. ھٿ ۾ قلم، ھڪ ھنڌ بيٺل.
”سائين، ھن مان جيڪڏھن، ”سنڌ“ جو لفظ ڪڍو ته بھتر .“
”؟“
”مان اوھان جي اڻ ڇپيل سوال کي سمجهي ويس. دراصل پريس ۽ پبليڪشن آرڊينس . . . اوھان پاڻ سمجهي سگهو ٿا:
اوچتو سوالن جو سلسلو: جرئت جي گهٽتائي؟ پيٽ جو مسئلو؟ آزادي جي مقصد تي ذات کي فوقيت؟ خود غرضي؟ منافقي؟
ليکڪ وٽان:
ھنن اڻ پورين ڪھاڻين پٺيان ھڪ ڪھاڻي آھي: ھڪ ڀرڀور جذبي، اتساھ جي آتم ڪٿا. اھو جذبو، اتساھ جيڪو خطري طور پنھنجو اظھار آھي. ذات جا پنھنجي اظھار ۽ اوسر لاءِ آزاديءَ گهري ٿي. ذات جو اظھار، وقت جو پڙاڏو. وقت جي پڙاڏي کي ڪچلي، دٻائي سگهجي ٿو؟ سگهيو ويو آھي؟ ھيءَ ھڪ مڃيل سچائيءَ آھي ته: ذات جو اظھار وڏي قرباني گهري ٿو.
ھيءُ ديس، جنھن جي رھواسين جي خمير ۾ سادگي ۽ سٻاجھائي ڳتيل آھي. سچائي، جن جو ڱڻ آھي. اتي ھا، اتي، ساڻيھه سوديندڙ ۽ وڪاڻل به رھن ٿا. جيڪي اوچي ڳاٽ فخر سان غداري جو اعتراف ڪن ٿا. اھڙا ڍونگي منافق به رھن ٿا، جي ڏاھپ ۽ ڄاڻ جو ڍونگ رچائي، وطن وڪڻندڙن سان ساٿياري ئي وقت ۽ موقعي جو ناٽڪي روپ ڌارين ٿا. جڏھن سندس بکيا اڊڙن ٿا، ته ھو پنھنجي ڏوھن ۽ منافقيءَ وارن ڪرتوتن کي (پنھنجي پر ۾) لڪائڻ واسطي، تاريخ ۽ محب وطنيءَ تي ھڪ ھٽي قائم ڪري فتوائن جو سھارو وٺن ٿا.
تاريخ جي اکين ۾ ھيءَ ڌوڙ وجھڻ جي ناڪام جاکوڙ، ھڪ پاڻ ٺڳيندڙ مشڪري وارو ناٽڪ آھي، جيڪو . . .
ڇا مان به ڪو سانگ رچايان؟ ڪنھين بھاني، اٽڪل بازي حرفت، پنھنجي ڏوھ جي بار کي جهڪو ڪرڻ لاءِ فتوى جو سھارو وٺان؟
نه بھتر آھي اعتراف ڪريان: پنھنجي سچي جذبي جو اظھار جي سگهه نٿو ساريان، ھن اعتراف سان، مون کي ھن حقيقت کي به مڃڻ گهرجي ته، ھيءُ منھنجي ذات جو موت آھي ۽ مان آھيان ھڪ ٽٽل روح. چرپر ڪندڙ انسانن ۾ به، مئل انسان زندھ ھوندا آھن. زندگي جي مختصر وصف ھن ريت به بيان ڪري سگهجي ٿي ته: اڳتي اسرندڙ چرپر.
ھڪ جيئري انسان جي مئل زندگي ، جيڪو، لائيف جي مڪينيڪل، ۽ مڙھيل روٽين ۾ ھڪ مشين جي بيجان پرزي وانگر، مقرر ٿيل حدن ۽ ماڻن موجب چرپر ڪري ٿو. پر زندھ جيو وانگر اڳتي نٿو اُسري.
ھيءُ اتساھ جو موت نه، ذات جي حيات جو موت آھي.
مئل زندگي
ڪراچي. ڊسمبر جي اداس شام. ڇڊا ڇڊا ڪڪر آسمان تي نڪرندڙ، آڳ پڄائيندڙ
خاموش آھين؟
دراصل سياري ۾ شام جو سمھڻ ڪري سستي اھڙي ته وڪوڙيو وڃي جو . . .
تنھنجي مڊم؟
حيدرآباد وئي آھي.
خاموشي.
ڪٿي غلط وقت تي ته نه آيو آھيان؟
نه نه، اھري ڪا ڳالھه ناھي.
ڳالھائين نٿو؟ اڃان ننڊ؟
تنھنجي سياست جا ڪھڙا حال آھن؟
پيارا، سياست منھنجي بابي جي ناھي: تنھنجي به آھي.
ڦڪائپ جو ٽھڪ.
خاموشي.
تنھنجي سروس جو ڪھڙو حال آھي؟
مڙئي. گاڏو گھلجي پيو.
مطمئن آھين؟
رھڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھيان.
منھنجو مطلب آھي: تنھن جو ضمير مطمئن آھي؟
مون کي تون، منھنجي ضمير کان ڌار ته ڪري نٿو سگهين.
تنھنجي جي معنى ته تون پاڻ کي بي ضمير بنائڻ ۾ رڌل آھين . . .
مان تنھنجي نتيجي کي رد نٿو ڪيان.
ايڏي جرئت واري بي شرمي!
نه، حقيقت جو اعتراف.
خاموشي.
ٻيا ڪھڙا حال آھن وقت ڪيئن پيو گذري؟
تو اھو سوال مون ڏانھن لکيل خط ۾ به ڪيو آھي. ڄاڻان ٿو، تون اھو سوال، ھر ملندڙ کان رڳو ھن ڪري ڪندو آھين ته: جيئن پنھنجي مقصد جي بيان لاءِ ميدان تيار ڪري سگهين.
مطلب؟
مطلب ته: جواب ڏيندڙ اڳلو، فطري طور پنھنجن حالتن جي غير يقيني ۽ عدم سلامتي جو رئڻو پٽيندو ظلم، بي انصافي ۽ زيادتين جو بيان ڪندو، ڀيانڪ ۽ غير سلامت مستقبل وغيرھ وغيرھ پوءِ تون مڪينيڪل انداز ۾ لائين فٽ ڪرڻ شروع ڪندين؛ پيارا! اسان جي ملڪ ۾ سماج جون اھي ڪڙيون حقيقتون آھن. جنھن جو نه احساس رڳو تون، پر ھر مظلم انسان ڪري ٿو. پر بنيادي سوال آھي ته، اھي ڏاڍايون ۽ بي انصافيون ختم ڪيئن ٿين. رڳو رئڻ ۽ شڪايتن سان ڪجهه نه ورندو. ضرورت ھن ڳالھه جي آھي ته سڀ مظلوم طبقا گڏجي جدوجھد ڪن. تحريڪ ھلائين، حال ۽ مستقبل جي سلامتي لاءِ. تحريڪ ھلائڻ لاءِ تنظيم جي ضرورت آھي، قربانين جي ضرورت آھي، ڇاڪاڻ ته . . .
وڏو ٽھڪ.
وڏو حرامي آھين.
تنھنجي انھي فتوى سان اتفاق نٿو ڪريان.
خير، ھلون ٻاھر.
ھلون ٿا. مان ھٿ منھن ڌوئي وٺان.
دير لڳندي؟
خاص نه. تون تيستائين ھتان ڪو ڪتاب کڻي ڏس.
منھنجي خط جو جواب؟
ھن نوٽبڪ ۾ اندر رکيل لفافي ۾.
ھي نوٽبڪ پڙھي سگهان ٿو.
خوشيءَ سان. بڪواس لکيل اٿس، پڙھي وقت زيان ڪندين.
چئبو ته بڪواس به لکين ٿو.
مان خود ھن ڌرتي تي بڪواس آھيان.
چڱو، جلدي ڪپڙا مٽائي وٺ.
خط:
تو مونکي ليڪچر پيارڻ سان گڏ، جيڪو ھدايت نامو ڏنو آھي: انھيءَ بابت مان ڪجهه چوڻ نٿو چاھيان.
تو پڇيو آھي: وقت ڪيئن پيو گذري؟ سمجهان ٿو تنھن جو ھيءُ سوال رسمي ۽ روايتي آھي، پر نه ڄاڻ ڇو، مون کي ھيءَ غير اھم ۽ رسمي سوال، حياتي جو ڳڀ، لڳندو آھي. ڄم ۽ موت جي وچ ۾ ڀريل ۽ چرپر ڪندڙ وٿي، جنھن کي حياتي جو نالو ڏنو وڃي ٿو، انسان لاءِ انھي جو گهارڻ ئي بنيادي سوال آھي. ھن سوال کي، ھر ڄڻو، پنھنجي ئي انداز ۽ روپ ۾ جواب ڏئي ٿو. تجربي ۽ حالتن آھر، پنھنجي ان جواب مان ڪير ڪيترو مطمئن ۽ غير مطمئن آھي، يا اطمينان لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو. اھا الڳ ڳالھه آھي.
بھرحال – منھنجا دوست، گهاريان پيو: نوڪري ڪيان ٿو، نه ڪرڻ چاھيندي به: جو ھن کان وڌيڪ ٻي ڪنھن به صورت ۾ ذليل ٿي نٿو سگهجي، پر پوءِ به ھن ذلالت جو بار کڻڻ جي ڀرڀور خواھش رکان ٿو، ڇاڪاڻ ته زنده رھڻو اٿم. ھٿائين ھميشه ھن کٽڪي ۽ ڊپ جي ذھني عذاب ۾ ڀوڳيندو آھيان ته: ڪٿي ھي ذلالت جو بار ڇڏائجي نه وڃي. ۽ پوءِ ڇا ٿيندو جو ڀيانڪ سوال . . . .
(خط نامڪمل)
نوٽبڪ ۾:
چيائين: اداس آھين؟
چيم: ڪا ڳالھه ناھي.
چيائين: طبيعت خراب اٿئي؟
چيم: زندگي ئي خراب آھي.
چيائين: مطلب؟ وڦلين پيو يا فلاسافي پيو ٿاڦين؟
چيم: نه، تون نه سمجهي سگهندين.
چيائين: تون سمجهاءِ ته مان به سمجهان.
چيم: ڀٽائيءَ چيو آھي ته، ”الا! ڏاھي م ٿيان، ڏھيون ڏک ڏسن.“
چيائين: سائين ڀلا، اھا ڪھڙي ڏاھپ آھي، جنھن اوھان کي . . . . (سندس ٺٺول کي محسوس ڪندي، نظرانداز ڪيان ٿو)
چيم: توکي خبر آھي ته؛ سنڌ اڄ تاريخ جي انھيءَ دور مان گذري رھي آھي، جنھن ۾ سندس مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آھي، مان ھڪ سجاڳ، حساس ۽ سلجھيل ذھن آھيان. چوڌاري ۽ وک وک تي جيڪو ظلم ۽ انياءُ، ڪميڻائيون ۽ ذلالتون ٿين ٿيون، ٻين سان يا خود مون سان، تن کي محسوس ڪيان ٿو ۽ احساس ھيٺ ڀوڳيان ٿو. چاھيان ٿو ۽ ڄاڻان ٿو ته ھيءُ سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ گهرجي، ختم ٿيڻ گهرجي، ھن حقيقت کان سڄاڻ آھيان ته تبديلي جي ھن جاکوڙ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان ۾ پاڻ وڃائي ڇڏڻ، نه رڳو اڄ جي حالتن ۾ منھنجو بنيادي فرض آھي، پر منھنجي ذاتي بي اطميناني ۽ ذھني ڇڪتاڻ جو علاج به، ڏوھاري ھجڻ جو اھو تکو احساس آھي، جنھن جا ڪاپاري ڌڪ، مون کي ڪڏھن ڪڏھن ساڻو ۽ بي ستو ڪيو ڇڏين، ۽ مان . . .
اوچتو احساس ٿئيم ٿو ته، ڪٿي روايتي ليڪچر بازي ته نه ڪري رھيو آھيان. چپ ٿي وڃان ٿو! خاموشي ٽوڙيندي، سواءِ ڪنھن اڳواٽ جي ويچار جي: فلم جو پروگرام پيش ڪريان ٿو: ”ھل، ته فلم تي ھلون.“
چئي نٿو سگهان، ھيءَ بناوٽي ۽ وقتي فرار جا طريقا پناھ ڏيڻ ۾ ڪيستائين ساٿ ڏيندا.
سنڌي شاگردن جو ھڪ وفد آيو. ڪتابن تي پيل بندش خلاف احتجاجي جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نيند ڏيڻ واسطي. ڳالھين ڪندي ٻڌايائون ته جلوس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اڪثر ليکڪن ۽ شاعرن مختلف عذر پيش ڪندي انڪار ڪري ڇڏيو آھي. جن ۾ قومي، عوامي وغيره لقبن سان نوازيل به شامل آھن. ڪن چيو: ھيءُ وقت کان اڳي، جوکي وارو ۽ اجايو مارائيندڙ قدم ٿيندو. ڪنھن چيو، مان ٻچڙيوال آھيان، جي مون کي ڪجهه ٿيو ته منھنجي ٻچن کي قوم ته ڪانه سنڀاليندي! ڪنھن نوڪريءَ جي مجبوري ڏيکاري! ڪنھن چيو، بابا اھا سياست آھي، اسان فنڪارن جو ڇا وڃي! ڪنھن چيو: صبر ڪريو، پنھنجن جي حڪومت آھي گهڻو ڪجهه ٿيندو. ڪن ٺلھو ھمدردي جو جذبو ڏيکاريندي، پنھنجي شريڪ نه ٿيڻ لاءِ پنھنجي پر ۾ ڪو وزني عذر پيش ڪندي جلوس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڍير صلاحون ڏنيون! ۽ جڏھن کين اسان ٻڌايو ته فلاڻا فلاڻا نالي چڙھيا انڪار ڪري چڪا آھن ۽ اسان کي جلوس ڪڍڻ کان جهليو اٿن. ته ورندي ۾ انھن صاحبن، کين گاريون ۽ لعنتن جا ڌوڙيا لائي ڏنا ۽ کين ڪانئر، بزدل، وڪاڻل، جي لفظن سان نوازيو. خير مان سوچي رھيو ھوس ته ڪھڙو عذر پيش ڪريان، نيٺ ڪو به عذر نه سمجهيو، يا اھڙي اخلاقي جرئت ساري نه سگهيس، شريڪ ٿيڻ جي ھام ڀريم. ھمدردي ڏيکاريم ۽ چندو ڏنم.
ڄاڻان ٿو: مان جلوس ۾ ڪونه ويندس. مڃان ٿو، حالتن سان مقابلي جي جرئت ڪانه اٿم. سوچيان ٿو: مون جو شاگردن کي چيو ته منھنجيون ھمدرديون اوھان سان آھن، سو ھمدردي جي ضرورت جرئتمند شاگردن کي آھي، يا مون کي، پنھنجو پاڻ کي!
اڄ آفيس ۾، ڪنھن حادثي سبب اوچتو، نوڪري جي غير يقيني ھجڻ جو شديد احساس ٿيو، ھھڙي قسم جي غير يقيني حالتن جي نتيجي ۾، غير سلامتيءَ واري اذيتناڪ ڀوڳنا ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي. سمجهه ۾ نٿو اچيم ته ھيءَ سسسيفس واري زندگي پنھنجو پاڻ تي ڇو مڙھي اٿم. ايتري قدر جو، ھيءَ زندگي منھنجي ڪمزوري بنجي وئي آھي؟!
(ٽيون ڏينھن جي واقعي جنھن ريت مون کي ذليل ڪيو ۽ نيچيڻي جو شديد )
نوٽبڪ ھٿن مان ڦريندي،ڀڦٽو ڪندي: اڙي يار، ڇا پڙھي ڪندين، اٿ ته ھلون.
Damn it, come on.
ٻاھر. رستي تي،
ڪامريڊ ڇا پيو سوچين؟
تنھنجي خط تي ۽ نوٽبڪ ۾ لکيل.
بڪواس آھي. وقتي طور اڀريل جذبن جو جذباتي اظھار. ھن تي سوچي پنھنجي انرجي زيان نه ڪر.
پر مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سواءِ ڪنھن نصب العين جي، نيٺ تنھنجي زندھ رھڻ جو مقصد؟
پنھنجي جبلي گهرجن جي پورائيءَ لاءِ مٿا ڪٽ ڪرڻ.
ته ڇا تون پنھنجي انھيءَ زندگيءَ مان مطمئن آھين؟
ڪير به پنھنجي زندگي مان مطمئن نه آھي.
اھوDefence mechanism آھي.
تون ھن کيDefence reaction به چئي سگهين ٿو. پر ائين ڪرڻ يا ان انداز سان ائين سوچڻ، ضرورت بڻجيو پوي.
پر پيارا، جبلي گهرجن کي ته جانور به پورو ڪن پيا. تون انسان آھين، ھڪ سلجھيل ۽ . . .
سمجهه ته مان تنھنجي مفھوم وارو انسان نه آھيان.
توسان پوءِ ڳالھائڻ اجايو آھي.
مان ته ڪيترا ڀيرا اڳ به عرض ڪري . . . .
تون وڏو حرامي آھين.
مان پڪ سان چئي نٿو سگهان.
ھر سنجيدھ ڳالھه کي مذاق ۾ ٽاريو ڇڏين. مان سوچي به نٿو سگهان ته تنھنجي ذات ايتروDegeneration جي اوڙاھ ۾ . . .
خير، تون ڇا به چئين، تنھنجي راءِ جي اظھار جو حق مڃيندي، مان توکي ٻڌايان ٿو ته: مان، نه ٽرمنالاجيءَ جي لفظن ۾ پنھنجي ذات جي اصليت کي محدود رکڻ چاھيان ٿو، نه ئي لفظن جي حدن اندر پنھنجي اصليت کي ڦولھڻ چاھيان ٿو.
ٻوليءَ جا اھي لفظ، انسان، نيٺ پنھنجي انھن مقصدن لاءِ ئي ٺاھيا آھن. پر مان سمجهان ٿو ته: منھنجو Degeneration وارو ريمارڪ شايد تنھنجي انا کي ڌڪ ٿي لڳو آھي.
نه، اھڙي ڪابه ڳالھه ناھي.
پوءِ اوچتو، ھيءُ تنھنجو تکو، ڏمريل ۽ اڳرائيءَ وارو لھجو؟
خاموش
Wounded pride?
نه: Degeneration جو احساس.
گڏيل ٽھڪ.
وڏو حرامي آھين. نيٺ تون لنوائين ڇو ٿو؟
ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه آھي. (گهڙي جي ماٺ کان پوءِ) ھڪ ئي چڪر ۾ گھمندڙ زندگيءَ جي بيزاريءَ واري ۽ ھڪ رنگي احساس کي مٽائڻ لاءِ ڪو سانگ ته گهرجي.
ته پوءِ خط ۽ نوٽبڪ ۾ جو لکيل . . .
بڪواس آھي. اچ ته ھن ھوٽل ۾ چانھه پيئون.
خاموش آھين؟
۽ بيزار به.
سبب؟
ڇا اھو ضروري آھي ته: ھر ڳالھه کي سبب ڏنو وڃي.
پيارا، تون گهڻو وقت پاڻ کي ٺڳي، دوکي ۾ رکي نٿو سگهين.
ڪوشش ڪري رھيو آھيان. ڇاڪاڻ ته مان سمجهان ٿو، منھنجو ڇوٽڪارو ئي پاڻ کي ڪاميابيءَ سان ٺڳڻ ۾ آھي . . .
بڪواس بند ڪر. ٻڌ: تون پاڻ کي گهڻو وقت دوکي ۾ نٿو رکي سگهين. تحريڪ کان جدا ٿيڻ کان پوءِ، تنھنجي لاءِ ھن وقت بنيادي سوال آھي، پاڻ کي ڪنھن ريت مطمئن ڪرڻ. تون پاڻ کي مطمئن رکڻ لاءِ، ٻين ڊوھ ڪندڙ ليکڪن جي ابتڙ، جنھن سوچ جو انداز اختيار ڪيو آھي، انھيءَ ۾ پنھنجي ڏوھي ھجڻ جي اعتراف جو شديد احساس آھي، جڏھن ته ھمراھن ذاتي فائدن کي، قومي قائدن سان ملائي، انتھائي بي شرميءَ سان ذھني سڪون حاصل ڪيو آھي. غداريءَ ۾ محب وطنيءَ جا ڪارڻ ڳوليا آھن. پنھنجين بدمعاشين، ڪيمڻائين ۽ ذلالتن ۾ مقصد جي خدمت جا پھلو ڳڻايا آھن. ڪونئرائپ بزدليءَ ۽ موقعي پرستيءَ کي موقعي شناسيءَ جو ليبل لڳايو آھي، ھو انھيءَ ۾ خوش ۽ مطمئن آھن. تو جيڪو انداز اختيار ڪيو آھي، انھيءَ سان تون پاڻ کي ڪڏھن به مطمئن ڪري نٿو سگهين، ڇاڪاڻ ته . . . . . .
خير، مان آئنده ڪوشش ڪندس ته اھڙن ايماندار جذبن جي اظھار جو شڪار نه ٿيان.
اھا خودڪشي ٿيندي.
ڄاڻان ٿو، پر چاھيان ٿو.
پر تون ائين ڪري نه سگهندين.
اھا تنھنجي پنھنجيOptimism آھي.
تنھنجي موجوده حالتن ۽ ذھني ڪيفيت کي آڏو رکي،مان توکي ھڪ مختصر ڪم سونپڻ چاھيان ٿو، اھو ھيءُ ته ڪڏھن ڪڏھن اسان کي مضمون . . . . .
مان اھڙي ڪابه جوابداري نٿو کڻي سگهان.
تون ذليل آھين.
مئل زندگين تي اھڙن لفظن جو اثر ڪونه ٿيندو آھي.
خاموشي، اداس ۽ ڇپندڙ خاموشي. اوچتو، ھوٽل ۾ ٿيندڙ گوڙ جو احساس ۽ بيزاري.
نوٽبڪ / ڊائريءَ منجهان
. . . بي معنى زندگي . . . ھڪ چرئي جو خواب. خواب ڏٺو ھوم ته . . . . سڀ ڪجهه بڪواس. بڪواس، بيڪار.