ڪتاب جِي فھرست

• پنهنجي پاران

جڏهن کان انسان هن ڌرتي تي اک کولي آهي، انهي دنيا کي بدلائڻ جا خواب ڏٺا آهن انهي پنهنجي عقل، ڏاهپ ۽ محنت سان ناممڪن کي ممڪن ۽ خوابن کي حقيقت ڪري ڏيکاريو آهي.اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن جيڪي ڪنهن عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ وڙهندا آهن، جدوجهد ڪن ٿا ۽ پنهنجي زندگي انهي جدوجهد ۾ ئي قربان ڪري ڇڏيندا آهن،انهن جي انقلابي خيالن ۽ تصورن ۽ ڳالهين لکين ڪروڙين ماڻهن جي جسمن ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي ۽ ڏسندي ڏسندي دنيا تبديل ٿيو وڃي.اهڙي ئي هڪ ماڻهو جنهن پنهنجي ديس جي ماڻهن جي دلين ۾ جيڪا آزاديءَ لاءِ نئين جوت ٻاري انهي کي دنيا جي ڪا به طاقت وسائي نه سگهي ۽ انهي انسان کي اڄ دنيا هوچي منهه جي نالي سان سڃاڻي ٿي.هن پنهنجي ڌرتي جي لکين ڪروڙين ماڻهن جي آزاديءَ واري خواب کي حقيقت جو ويس پارايو ۽ غلامي جهڙي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏياريو.روسو چيو آهي ته “ماڻهو آزاد ڄائو آهي پر هر هنڌ اهو زنجيرن ۾ ٻڌل آهي” پر هوچي منهه پنهنجي ماڻهن کي سامراج جي جڪڙيل زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو.
هوچي منهه 19 مئي 1890ع ۾ مرڪزي ويٽنام جي ڳوٺ ڪم لين ۾ ڄائو جيڪو نام دين ضلعي ۾ آهي، هن جي پيءُ جو نالو ڦيون سن سڪ هو هو هڪ ڪنفيوشن عالم هو، جيڪو استاد پڻ رهيو ۽ پوءِ هڪ ضلعي ۾ امپيريل مئجسٽريٽ ٿي رهيو. هوچي منهه پنهنجي بنيادي تعليم پنهنجي پيءُ ۽ مقامي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. هو نيشنل اڪيڊمي اسڪول هُيو به ويو پر اتان گريجوئيشن کانسواءِ ئي موٽي آيو. هن ڪجهه عرصي لاءِ ڏکڻ انهه ۾ ماستري به ڪئي ۽ سائيگان کان مارسلي واري ٻيڙي تي بيري ۽ ڪيڪ ٺاهيندڙ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. انهي ٻيڙي تي هن تمام معمولي ڪم ڪيا، مثال طور اتي هن کي ديڳيون صاف ڪرڻ، بوائلر ٻارڻ، ڀاڄي وڍڻ ۽ ٿانون صاف ڪرڻ جهڙا ڪم ڪرڻا پوندا هئا پر تڏهن به هو خوش هوندو هو ڇاڪاڻ ته انهي سفر کيس گهڻو ڪجهه سيکاريو.
هن پنهنجا ڪيترائي نالا رکيا جنهن مان سندس نالو گيون آءِ ڪيوڪ به هو، جنهن جي معنيٰ آهي “محب وطن” جڏهن ته هوچي منهه نالي جي معنيٰ “روشني آڻيندڙ” آهي، جڏهن ته سندس اصل نالو گيون بين ڪنگ ٻڌايو ٿو وڃي. هوچي منهه پنهنجو گهڻو وقت پبلڪ لائبريرين ۾ گذاريندوهو. اتي هو تاريخ جا ڪتاب ۽ اخبارون پڙهندو هو ته جيئن اولهه جي سماج کان واقف ٿي سگهي.انهن ئي ڏينهن ۾ هن هڪ اخبار “لي پيريا” به شايع ڪئي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته انهي اخبار جون سڀ ذميواريون هن پاڻ سنڀاليون، هو انهي جو ايڊيٽر، پروف ريڊر ۽ هاڪر به هو،هو گهٽي گهٽي وڃي اها اخبار وڪڻندو هو، اها اخبار سندس گڏ ڪيل چندي مان هلندي هئي، جيڪو هن کي ويٽنامي ماڻهن ۽ پارٽي جي ڪجهه دوستن کان ملندو هو.هو جيڪي پئسا به حاصل ڪندو هو اهي اخبار ۾ لڳائي ڇڏيندو هو، اخبار ماڻهن ۾ جام مقبول ٿي ۽ ماڻهو شوق سان “لي پيريا” کي پڙهڻ لڳا جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو ته هن چيو ته اهو ڪميونزم نه پر حب الوطني هئي جنهن مون کي متاثر ڪيو.
1922ع ۾ هو ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي چوٿين ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ماسڪو ويو. 1922ع ۾ ئي هو ماسڪو ۾ مارڪسزم ۽ انقلابي ٽيڪنيڪون سکڻ لاءِ آيو.هن ايشيا جي مظلوم ماڻهن جي ليگ ٺاهي جيڪا پوءِ سائوٿ سيز ڪميونسٽ پارٽي سڏجڻ لڳي.1927ع جي ڊسمبر ۾ هنوئي ۾ ويٽنامي قومپرست پارٽي ٺهي ۽ انهي پارٽي فرينچ جي ظلم خلاف آواز اٿاريو پر اها ڪوشش ناڪام وئي ۽ ڪيترائي پارٽي جا اڳواڻ جلاوطن ٿي ويا.1930ع ۾ هوچي انڊو چائنيز ڪميونسٽ پارٽي جي صدارت ڪئي پارٽي جي پروگرام جو مسودو هوچي تيار ڪيو ۽ ڪانفرنس منظور ڪيو انهي ۾ هي نقطا شامل ڪيا ويا ته فرينچ سامراجيت، وڏيرا شاهي ۽ ويٽنامي سرمائيدار طبقي کي اقتدار کان ڌار ڪيو وڃي ۽ آزاد ويٽنام کي انتظاميه پورهيت، هارين حوالي ڪري معيشت کي قومي ڪيو وڃي، زميني سڌارا ۽ ڪم لاءِ اٺ ڪلاڪ مقرر ڪيا وڃن، اجايا ٽئڪس ۽ عوام جا قرض ختم ڪيا وڃن، ماڻهن کي هر قسم جي آزادي ڏني وڃي هر ڪنهن لاءِ هڪ جهڙي برابريءَ واري تعليم ڏني وڃي، هاري مظاهرين صوبن ۾ سڌاري جي گهر ڪئي. جڏهن انهن جي گهر کي نظرانداز ڪيو ويو ته فساد شروع ٿي ويا ۽ هارين ڪجهه ضلعن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، سيپٽمبر 1930ع ۾ فرانس بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ وڏي انگ ۾ فوج موڪلي 10000 ماڻهو ماريا ويا، هزار کان مٿي گهربل ڪميونسٽ ۽ باغي گرفتار ڪيا ويا، چار سئو ماڻهن کي ڊگهيون سزائون ڏنيون ويون، پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ 80 ڄڻن کي موت جي سزا ڏني وئي.هوچي منهه انهي دوران هانگ ڪانگ ۾ پناهه ورتي 1931ع ۾ برطانوي پوليس انقلابي سياسي اڳواڻن تي ڪريڪ ڊائون دوران هوچي منهه کي گرفتار ڪري ورتو 1932ع ۾ هوچي کي آزاد ڪيو ويو. هو اتان ماسڪو هليو ويو جتي هن وڌيڪ ست سال لينن انسٽيٽيوٽ ۾ پڙهندي ۽ سيکاريندي گذاريا.هن اتي انسٽيٽيوٽ آف نيشنل ائنڊ ڪالونيڪل ڪوئسچن به اٽينڊ ڪيو.
1938ع ۾ هوچي چين موٽي آيو ۽ هن ٻي سائنو جاپاني جنگ ۾ ڳاڙهي آرمي لاءِ صلاحڪار طور ڪم ڪيو. 1940ع جي شروعات ۾ هو ڏکڻ چين موٽي آيو، هن انڊو چائينز ڪميونسٽ پارٽي سان رابطو ڪيو. هو ۽ هن جي لفٽيننٽ ووگيلان گياپ ۽ فان وان ڊونگ جرمن پاران فرينچ کي شڪست ڏئي ۽ اهو ويٽنام کي آزاد ڪرائڻ لاءِ موقعو هو.انهي وقت هن پنهنجو نالو هوچي منهه رکيو. آگسٽ 1942ع چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ماڻهن سان ملندي چائنيز نشلسٽ حڪومت کيس گرفتار ڪري ٻه سال قيد ۾ رکيو.17 آگسٽ تي هوچي ويٽنامي ماڻهن کي انقلاب لاءِ اپيل ٿي.ٻئي ڏينهن ويٽ منهه هنوئي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، سائيگان 25 آگسٽ تي ويٽ منهه وٽ هو.28 آگسٽ ويٽ منهه عوامي جمهوري ويٽنام جي عارضي حڪومت جوڙي ۽ هوچي منهه پرڏيهي معاملن جو وزير ۽ صدر چونڊيو ويو ۽ هو مرڻ گهڙي تائين انهن عهدن تي رهيو.
جاپان جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان پوءِ 2 سيپٽمبر 1945ع تي اڌ ملين ماڻهو هوچي منهه کي ٻڌڻ لاءِ هنوئي ۾ گڏ ٿيا.هن ويٽنام جي آزادي وارو پڌرنامو پڙهيو جيڪو آمريڪي ۽ فرينچ پڌرنامي تي ٻڌل هو. ويٽنام هوچي منهه جي محنت ۽ قابليت جي ڪري آزادي حاصل ڪري ورتي.
سيپٽمبر 1945ع ۾ 200000 چيني نشنلسٽ جي فورس هنوئي پهتي. هوچي منهه جنرل هو. هن سان معاهدو ڪيو ته ڪميونسٽ پارٽي کي ختم ڪري چونڊون ڪرائي هڪ گڏيل حڪومت ٺاهي وڃي، جڏهن چيئانگ ڪائي شيڪ شنگهائي ۾ مليل فرينچ پاران رعايت تي ويٽنام ۾ اثر ڏيکاريو. هوچي منهه وٽ فرانس سان 6 مارچ 1946ع ۾ فرانس سان معاهدو ڪرڻ کانسواءِ ڪو به رستو نه هو. جنهن موجب ويٽنام کي انڊو- چائنا فيڊريشن ۽ فرينچ يونين هڪ خودمختيار رياست قبول ڪيو ويندو. معاهدي جو مقصد چين جي آرمي کي اتر ويٽنام مان ڪڍڻ هو، جڏهن چيني ويٽنام ڇڏي ويا ته فرينچ سان ويڙهه شروع ٿي وئي. هوچي منهه کي ذري گهٽ فرينچ فوج جي هڪ ٽولي پڪڙي ورتو هو پر هو اتان ڀڄي نڪتو.
فيبروري 1950ع ۾ هوچي اسٽالن ۽ مائو سان سوويت يونين جي حڪومت ٺهڻ کان پوءِ ماسڪو ۾ مليو، اهي سڀ انهي ڳالهه تي راضي ٿيا ته ويٽ منهه جي پٺڀرائي چين ڪئي، مائوزيتنگ جي ايلچي اهو بيان ڏنو ته چين ويجهي مستقبل ۾ 60 کان ستر هزار ويٽ منهه کي تيار ڪندو ائين هوچي کي فرانس سان وڙهڻ لاءِ حوصلو ڏنو. انهي کان پوءِ فرانس سان جنگ بندي کي هوچي ترجيح ڏني ۽ انهن سان ڳالهيون ڪيائين پر پوءِ جنگ هلندي رهي. 1954ع ۾ فرانس کي ڊائين بائين فو تي شڪست ملي ۽ انهن انڊو- چائنا سلطنت ڇڏي ڏني.
هوچي منهه 2 سيپٽمبر 1969ع ۾ گذاري ويو،دنيا جي هن عظيم انقلابي اڳواڻ پنهنجي ديس ۽ ماڻهن کي سامراج جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ بکون ڪاٽيون، اخبارون وڪيون، فوٽو گرافي ڪيائين ۽ ماڻهن جي اوبرکاڌائين پر پنهنجي مقصد تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو ۽ پنهنجي مضبوط ارادن وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ آزاديءَ جي چڻنگ روشن ڪيائين. ڪانگريس جي هڪ همراهه جنهن کي انهي ڳالهه جي پڪ هئي ته “هوچي منهه کي شڪست نٿو ڏئي سگهي ۽ هن چيو ته پوڙهو هوچي مون کي جهڪائي نٿو سگهي” پر هن سموري سامراجي طاقتن کي جهڪائي ڏيکاريو ۽ اهو پڻ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته مضبوط ارادن، محنت ۽ همت وسيلي ڪنهن به ناممڪن ڪم کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.
هي ڪتاب تران دان تائين جو لکيل آهي ۽ هڪ سوانح حيات آهي.جنهن ۾ هن هوچي منهه جي اصل زندگيءَ کي انهن ماڻهن جي زباني پيش ڪيو آهي جن هوچي منهه جهڙي عظيم اڳواڻ سان زندگيءَ جو ڪجهه وقت گذاريو.آئون پنهنجي دوست سائين روشن برهماڻي جو ٿورائتو آهيان جو هن مون کي ههڙو بهترين ڪتاب انگريزي مان ترجمو ڪرڻ جي صلاح ڏني.مون کي اميد آهي منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي پڙهندڙ ضرور قبول ڪندا.

اختر حفيظ- حيدرآباد

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ