ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”شرابي نگاھون“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ناول نگار. ڪھاڻيڪارہ ۽ ليکڪا امرتا پريتم جو لکيل ناول آھي.
امرتا پريتم ھونئن تہ پنجابي زبان جي ليکڪا آھي پر ھن جون لکڻيون قوم، ذات، ٻوليءَ کان مٿاھيون صرف سماج لاءِ آھن. امرتا پريتم جي لکڻين جا موضوع صرف ھندستان يا پنجابي قوم جا ناھن پر اھي موضوع، خاص ڪري اسان سنڌ جي ماڻھن جا پنھنجا موضوع آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو اسان وٽ امرتا پريتم کي وڌ ۾ وڌ پڙھيو وڃي ٿو.
امرتا پريتم پنھنجي لکڻين ۾ عورت جي مظلوم روپ کي اجاگر ڪيو آھي ۽ ھن ناول ۾ پڻ ھڪ اھڙي عورت ايڪتا جو ذڪر آھي جيڪا شادي ڪندي بہ غير شادي شدہ آھي ۽ ان عورت جي پيڙا جيڪا ھن ڀوڳي آھي جو تفصيلي ذڪر ڪيو آھي.
ھي ڪتاب 1984ع ۾ رابيل پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ