امرتا پريتم
امرتا پريتم پنجابي ٻوليءَ جي بهترين ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعره رهي آهي. سندس اصل نالو امرت ڪور هو. هوءَ 31 آگسٽ 1919ع تي گوجرانوالا (پنجاب) ۾ گياني ڪرتار سنگھه جي گھر ۾ پيدا ٿي. هوءَ سڄي هندستان ۾ پھرين پنجابي شاعره، ناول نگار، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار طور سڃاتي وڃي ٿي. پنھنجي پيءُ کان گرمکيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ سِکي. امرتا پريتم شروع ۾ شاعري ڪئي.هن جو پهريون شعري مجموعو” امرت لهران “سورهن سالن جي عمر ۾ 1936ع ۾ ڇپيو. هن وقت تائين سندس ڪيترائي شاعريءَ، ڪهاڻين، ناولن ۽ ذاتي زندگيءَ متعلق ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس 38 ناول. ھڪ جيون ڪٿا جو ڪتاب ”رسيدي ٽڪيٽ“ 11 ڪھاڻين جا مجموعا، 22 شعري مجموعا، ھڪ سفرنامو ”ڇپيل آھن.
امرتا پريتم 31 جنوري 2005ع تي وڇڙي وئي
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل