ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”شاھنامي وارا شاهه (قديم ايران جي تاريخ)“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب فردوسيءَ جي شاھنامي جو ترجمو آھي جنھن جو سنڌيڪار ۽ ترتيب ڏيندڙ شمس العلماء ڊاڪٽر مرزا قليچ بيگ آھي.
فردوسيءَ جو شاھنامو مشھور آھي، جنھن ۾ قديم ايران جي بادشاھن جو احوال ڏنل آھي ۽ منجھس عجيب غريب ڳالھيون آھن، جن مان گهڻيون خيالي ۽ شاعرائي ڊول جون آھن. انھي قديم تاريخ بابت ٻيا بہ ڪتاب نثر ۾ لکيل آھن، جن تان ھن ڪتاب جو مضمون ورتل آھي.
ھي ڪتاب 1926ع ۾ بلئوٽسڪي پريس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ