شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

Author Name

مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سرموڙ اديب، سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ بي بھا تخليقون ڏيندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي.

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ، 4 محرم 1270ھ مطابق 7 آڪٽوبر 1853ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ ”ٽنڊي ٺوڙهي“ ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ھوندو ھو ۽ ھو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پھريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. نھايت ذھين ھئڻ ڪري پھرين کان انگريزي تائين پھريون نمبر ايندو رهيو.

هن ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان گڏ مختلف ٻولين ۾ 350 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي 450 کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان 42 ڪتاب ھن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس 76 سالہ زندگيء ۾ لازمي آهي تہ ھن لکڻ جي شروعات 18 سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي ، ان حساب سان هن اسان کي سراسري طور هر سال 7 ڪتاب ڏنا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.

مرزا قليچ بيگ تقريبن ڏھ ناٽڪ لکيا ۽ ٻارنھن ناول لکيا. سندس ناولن مان زينت، دلارام، خودياوري، حاجي بابا اصفحاني ۽ جولئن هوم تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول زينت ۽ دلارام اهي ناول آهن جيڪي سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا. هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض کيس ان وقت جي سرڪار 1924 ع ۾ ”شمس العلماءِ (عالمن جو سج)“ جو خطاب ڏنو.

مرزا قليچ بيگ جڏهن 19 آگسٽ 1928 ع تي رٽائر ٿيڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان بہ روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نہ سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ 1929ع اپريل جي پھرين تاريخ ھالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پھرين جولاءِ 1929ع وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينھن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم ھٿ ۾ کڻي نہ سگهيو ۽ آخر 2 جولاءِ 1929ع وارو سڄو ڏينھن کيس دل تي ڏاڍي مونجهہ رهي آخرڪار رات جو 11 وڳي اڇي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي 3 جولاء 1929ع تي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ خالق حقيقي سان وڃي مليو.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جا ڪُل 15 ڪِتاب موجود آھن


شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب

دلارام، ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
دلارام
ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
پھاڪن جي حڪمت، ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
پھاڪن جي حڪمت
ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
زينت، ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
زينت
ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
گليور جو سير ۽ سفر، ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
گليور جو سير ۽ سفر
ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
سنڌ جي مختصر تاريخ، ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ جي مختصر تاريخ
ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
شاھنامي وارا شاهه (قديم ايران جي تاريخ)، ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاھنامي وارا شاهه (قديم ايران جي تاريخ)
ليکڪ : شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ