تعليم

سنڌي ويا ڪرڻ (چار ڀاڱا)

هي ڪتاب هر عمر جي شاگردن کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ واري گرامر جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب ابتدا ۾ پنجن ڌار ڌار ڀاڱن ۾ ڇپيو ۽ بعد ۾ چار ڀاڱا گڏي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ڇھن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ جملو، ڳالھائڻ جا لفظ، جنس، عدد، حالت، اسمن جو ڦيرو شامل آهي. ڀاڱو ٻيو ويھن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ اسمن جا قسم، ضميرن جا قسم، صفت جا قسم، فعلن جا قسم، فعلن جو ڌاتو يا بنياد (مصدر)، اسم مشتق صيا ڪردنت، زمان، فعلن جو پڇاڙيون، مرڪب فعل، پريوگ، ظرف جا قسم، ترڪيب جي واٽ، تفريق يا ڇيد، بيھڪ جون نشانيون ڏٺل آهن. ڀاڱو ٻيو علم نحو جي پنجن بابن تي مشتمل آهي. هن ڀاڱي ۾ ديباچو ڏنل آهي. 

  • 0/5.0
  • 27
  • 5
  • 2 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book سنڌي ويا ڪرڻ (چار ڀاڱا)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو سنڌي گرامر تي لکيل ڪتاب ”سنڌي ويا ڪرڻ (چار ڀاڱا)“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب هر عمر جي شاگردن کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ واري گرامر جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب ابتدا ۾ پنجن ڌار ڌار ڀاڱن ۾ ڇپيو ۽ بعد ۾ چار ڀاڱا گڏي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ڇھن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ جملو، ڳالھائڻ جا لفظ، جنس، عدد، حالت، اسمن جو ڦيرو شامل آهي. ڀاڱو ٻيو ويھن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ اسمن جا قسم، ضميرن جا قسم، صفت جا قسم، فعلن جا قسم، فعلن جو ڌاتو يا بنياد (مصدر)، اسم مشتق صيا ڪردنت، زمان، فعلن جو پڇاڙيون، مرڪب فعل، پريوگ، ظرف جا قسم، ترڪيب جي واٽ، تفريق يا ڇيد، بيھڪ جون نشانيون ڏٺل آهن. ڀاڱو ٻيو علم نحو جي پنجن بابن تي مشتمل آهي. هن ڀاڱي ۾ ديباچو ڏنل آهي. ڀاڱو ٽيون پنجن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ اُن جي بناوت، سنڌي ٻوليءَ جو سنسڪرت ۽ پراڪرت سان واسطو، سنڌي باب ۽ حرف علت ۽ حرف صحيح ۽ اعراب، سنڌيءَ ۾ حرفن يا اکرن مان لفظ يا هڪڙي لفظ مان ٻيا لفظ ڪيئن ٿا جُڙن“ عنوان شامل آهن
ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
سنڌسلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
  • ڇپيو ويو 1992
  • ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 5 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون