سنڌ جي تاريخ بابت مختصر سبقن ۾ لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ ڏاھي ڏات ڌڻي مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي، جيڪو 1920ع ۾ ڇپيو.
سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن مختصر ڪتاب جي ضرورت محسوس ٿي رھي ھئي. رھيو ھيس. ھن ڪتاب ۾انگريزن جي دور تائين سنڌ جي مختصر تاريخ شامل آھي.
سنڌ شناسي
سنڌ جي مختصر تاريخ
- 0/5.0
- 1866
- 707
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي مختصر تاريخ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي تاريخ بابت مختصر سبقن ۾ لکيل هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ ڏاھي ڏات ڌڻي مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي.ڪجھه ڏينھن اڳ پياري رياضت ٻرڙي ھن ڪتاب جو ٽائيٽل پيج فيسبوڪ تي شيئر ڪيو ھيو. کيس عرض ڪيم ته مھرباني ڪري ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري موڪليو ته نئين سر ڪمپوز ڪري رکون. ڇو ته سنڌ جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ڪنھن مختصر ڪتاب جي ضرورت محسوس ڪري رھيو ھيس. ھن ڪتاب ۾ انگريزن جي دور تائين سنڌ جي مختصر تاريخ شامل آھي. رياضت صاحب قرب ڪري ڪتاب اسڪين ڪري موڪليو. مان بدين ۾ سنڌ سلامت جي دوست شاھنواز ٽالپر کي ڪتاب ڪمپوز ڪرڻ لاءِ موڪليو جنھن جلد ئي ڪمپوز ڪري موڪليو. پراڻي زماني جو ڇاپو ۽ ان وقت جي رائج ٻولي استعمال ٿيل آھي تنھنڪري رياضت صاحب کي فائل موڪلي عرض ڪيم ته پروف ريڊنگ جي مھرباني ڪيو. پاڻ پروف ريڊنگ ڪري ڪتاب موڪلي ڏنن جيڪو اوھان دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿو.
ھي ڪتاب 1920ع ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، سنڌ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون شاھنواز ٽالپر جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ڪتاب جو اصل متن رياضت ٻرڙي جي فيسبوڪ وال تي موجود آھي.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
- ڇپيو ويو 1920
- ڇپائيندڙ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد، سنڌ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 10/May/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 707 ڀيرا