سبق ويھون: دائود پوٽا ۽ شڪارپور جو ٻجھڻ
تنھن کان پوءِ دائود پوٽا ڪڏھن گھٽ ۽ ڪڏھن وڌ زور وارا ٿيندا رھيا. ٻيو جيڪو بکر جو حاڪم بختاور خان آيو تنھن انھن سان وير رکيو تنھنڪري ھو ڀڄي ملتان ڏي ويا ۽ بادشاھ جي خذمت ڪيائون. تنھن جي اجازت سان ھنن بکر تي ڪاھ ڪري حاڪم کي ماري وڌو ۽ وري شڪارپور ھٿ ڪيائون. پر وري به سندن زور وٺڻ تي نواب خدا يار خان جو پٽ ميان نور محمد ڪلھوڙو سندن دشمن ٿيو. انھيءَ دائود پوٽن کي شڪارپور مان لوڌي ڪڍيو ۽ ھو وري ملتان ڏي ڀڳو جتي ھنن کي جاگير ملي. پر اُتي به ميان نور محمد ڪلھوڙي جي چورت تي جيسلمير جو راجا ساڻن جھيڙو ڪندو آيو.
نيٺ ارڙھين صديءَ جي وچ ڌاري دائودپوٽا پنھنجن سردارن بھاول خان ۽ علي مراد خان جي ھيٺ وري شڪارپور تي ڪاھي آيا ۽ نادر بادشاھ پنھنجي طرفان جيڪو نائب شيخ صديق، بکر ۾ ڇڏي ويو ھو تنھن کي ماري ڇڏيائون. سگهوئي پوءِ احمد شاھ افغان نادر شاھ جي مارجڻ کان پوءِ ملڪ ھٿ ڪيو ۽ پٺاڻ ڪاھي شڪارپور ۾ آيا. دائود پوٽا پنھنجون زالون ۽ ٻار ڪھي پٺاڻن سان وڙھي انھن جي سردار کي ماري پاڻ درياھ لنگهي سنڌ ڇڏي ويا ۽ سندن سردار صادق خان جي پٽ بھاول خان نئون شھر ٻڌو جنھن جو نالو بھاولپور رکيائون.