سبق پھريون: سنڌ جا قديم رھاڪو
سنڌ جا اصلوڪا رھاڪو آرين قوم جا ھئا، جي وچ ايشيا کان ھماليه جبل لنگهي سنڌ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنارن تي اچي رھيا ھئا. اھي ھندي آرين ھاڻوڪن ھندن کان بلڪل ٻيءَ طرح جا ھئا. ھو بت نه پوڄيندا ھئا، نه مندر ۽ مڙھيون ھئن. باھ ۽ سج، ھوا ۽ مينھن جي پوڄا ڪندا ھئا ۽ ماس به کائيندا ھئا. ھو شڪل جا سھڻا ۽ قداور ۽ بھادر ھئا. منجھن ذات جو ڪو به تفاوت ڪو نه ھو.
جڏھن سنڌ ۽ پنجاب مان نڪري اُتر ھندستان ۾گنگا نديءَ جي ڪنارن تي پکڙڻ لڳا تڏھن ھنن کي اُتي جي ڊراوڊ [دراوڙ] ۽ تاتاري رھاڪن سان وڙھڻو پيو. تنھنڪري منجھن جيڪي زور ڀريا ۽ بھادر ھئا تن کي جنگ جي ڪم لاءِ مقرر ڪيائون. انھن کي کتري سڏيائون ۽ انھن جي مھندار کي راجا سڏيائون. ٻيا جيڪي مکيه ديوتا برھم جي شيوا ۽ پوڄا ڪندا ھوا تن کي برھمڻ سڏيائون. جيڪي خاص پوک جي ڪم ۾ رھيا تن کي ويش جو نالو ڏنائون ۽ جيڪي وري اصلوڪن رھاڪن مان ھنن سان گڏجي ويا ھئا ۽ جن جو اولاد نج آرين نه ھو، تن کي شدر [شودر] جو نالو ڏنائون. تنھنڪري ھندو آرين جا اھي چار مکيه ڀاڱا ٿيا. اڃا به ٻيا جيتيلن [هارايل] قومن مان جي ھنن جا غلام ٿي رھيا، سي ڪنھن به ذات ۾ داخل نه ٿيا ۽ ڪَمذات ۽ نيچ شمار ۾ آيا ۽ ٻين کان ڌار رھڻ لڳا.
پوءِ ٿورو ٿورو ٿي وڏا شھر ٻڌا ۽ مندر به جڙيا ۽ ڌنڌا به جاري ٿيا. اھي سڀ سنسڪرت ٻولي ڳالھائيندا ھئا. نيٺ آھستو [هوري هوري] ٿي اھي چار ئي ذاتيون ڌار ڌار ٿيڻ لڳيون. انھن قديم قومن مان ٻه مشھور قومون پانڊون ۽ ڪورن جون ھيون، جي اُتر ھندستان جي ھستناپور ملڪ جي بادشاھيءَ لاءِ پاڻ ۾ وڙھيون. انھن مان نيٺ پانڊؤ فتحمند ٿيا ۽ ڪورو مارجي ويا. انھن جو بيان مھا ڀارت ۾ آھي. انھن ڏينھن ۾ ڪرشنا گجرات جو راجا ھو جنھن پانڊون کي مدد ڏني ھئي ۽ جئدراٿ سنڌ جو راجا ھو، جنھن ڪورن کي مدد ڏني ھئي. انھيءَ ڳالھه کي عيسوي سن کان اڳي ٻارھن تيرھن سؤ ورھيه گذري ويا ھئا.