سبق ٽيھون: ٽالپر بلوچن جو اوائل وارو دور
پھرين سنڌ ۾ مير شھداد آيو. اھو پنھنجي چاچي مير صوبدار سان تڪرار ڪري رسي سنڌ ۾ آيو ھو ۽ ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ اچي رھيو. انھيءَ کان پوءِ ٿورو ٿورو ڪري ٻيا سندس مائٽ اچڻ لڳا. انھيءَ وقت ڌاري ڪلھوڙا پيري مريدي به ڪندا ھئا، جيئن مٿي ڪلھوڙن جي بيان ۾ به چيو ويو آھي. ٽالپر بلوچ انھن ڪلھوڙن جا اچي مريد ٿيا. ٻنھي کي سنڌ جي ڏکڻ يا لاڙ وارا ماڻھو سرائي سڏيندا ھئا، جو ھو سنڌ جي سري يا اتر کان آيا ھئا ۽ ھو ٻولي به سرائڪي ڳالھائيندا ھئا جا پنجابيءَ جھڙي آھي. ٿورو ٿورو ٿي ٽالپرن کان بلوچڪي ٻولي ھلي ويئي ۽ ھو پنھنجن ڌڻين ۽ مرشدن واري سرائڪي ٻولي ڳالھائڻ لڳا.
ارڙھين صدي جي پڇاڙي ڌاري مير شھداد ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ وڏو درجو پاتو ۽ دھليءَ جي بادشاھ انھيءَ کي وڏي جاگير ڏني. مير شھداد مئو به اُتي ۽ شاھپور جي ويجهو رکيل آھي، جنھن کي قبا شھداد چوندا آھن. سندس پٽ مير بھرام سندس جاءِ تي مقرر ٿيو ۽ اُھو ميان نورمحمد جي مرڻ کان پوءِ به ڪلھوڙن سان ايماندار رھندو آيو ۽ ميان غلام شاھ سان گڏ رھيو. انھيءَ کان پوءِ ميان سرفراز وٽ ھو، جنھن ھن کي ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي مارايو ۽ انھيءَ کان پوءِ ميان عبدالنبي مير بھرام جي ٻئي پٽ مير بجار خان ۽ انھيءَ جي پٽ مير عبدالله خان کي مارايو، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو.