سبق ستاويھون: ميان عبدالنبي ۽ صادق علي ڪلھوڙن جي حڪومت
سگهوئي پوءِ بلوچن جي زور جو ٻڌي بادشاھ تيمور شاھ پٺاڻن جو وڏو لشڪر سنڌ تي موڪليو. مير بجار خان شڪارپور وٽ اچي ھنن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنھن تي بادشاھ وڏي لشڪر سان ڪاھي آيو پر مير اچڻ سان وڃي ادب ۽ نياز سان گڏيس. تنھنڪري ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پٺ تي موٽي ھليو ويو.
سن 1781ع ۾ ٻه راجپوت جوڌپور جي راجا جي طرفان وڪيل ٿي ميان عبدالنبيءَ وٽ آيا ۽ مير بجار خان وٽ به آمدرفت ڪرڻ لڳا. ھڪڙي ڏينھن ھو مير وٽ آيا ۽ ھن کي ڪي خط ڏيکاريائون جي چيائون ته ميان راجا ڏي بلوچن جي برخلاف لکيا آھن. اُھي ھندي اکرن ۾ ھئا، تن جي پڙھي ٻڌائڻ لاءِ ھو مير جي اڳيان وڃي ويٺا. ائين ڪندي مير سان آھستي ڳالھائيندي ۽ سس ڦس ڪندي ھنن خنجر ڪڍي مير کي ھنيا. مير ٽپ ڏئي اٿيو ۽ ترار سان انھن ٻنھي کي ماري رکيائين، پر پوءِ پاڻ به ڪري مري ويو. اھي راجپوت ميان عبدالنبيءَ جوڌپور جي راجا جي سازش سان مير کي دغا ڏئي مارڻ لاءِ گهرايا ھئا.
مير بجار جي مرڻ تي سندس پٽ مير عبدالله بلوچن جو سردار ٿيو. بلوچن جي ڊپ کان عبدالنبي ڀڳو ۽ وڃي قلات کان نڪتو. تنھنڪري مير ميان صادق عليءَ کي کڻي گاديءَ تي وھاريو، جو ھڪڙو فقير ۽ خدا ترس ماڻھو ھو ۽ ميان جي عزيزن مان ھو. انھيءَ وچ ۾ ھن پاسي جوڌپور جي راجا راجپوتن جو لشڪر موڪليو ۽ ھن پاسي قلات جي خان عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ بروھين جو لشڪر موڪليو. پر مير ٻنھي کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيو. عبدالنبي وري بادشاھ وٽ دانھي ويو ۽ مدد خان پٺاڻ سردار لشڪر سوڌو وٺي آيو، پر جڏھن اُھو به پڄي نه سگهيو تڏھن ڦرمار ڪري موٽي ھليو ويو. پوءِ عبدالنبي لاچار ٿي مير جي پيش پيو ۽ قرآن تي ھٿ اکر لکي انجام ڪيائين ته آءٌ اڳتي بلوچن سان سچو رھندس ۽ دغا نه ڪندس. تڏھن مير ھن کي وري سنڌ جي گاديءَ تي وھاريو.