ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گھر پاران ڪتاب ”تاريخ جو سفر“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي جو لکيل آھي جنھن جو سنڌيڪار ابوڪر شيخ آھي.
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو ھي ڪتاب، تاريخ کي سمجھڻ ۾ نھايت اھم ڪردار ٿو ادا ڪري. ھن ڪتاب ۾، تاريخ ۽ انساني زندگي جي ڳانڍاپن ۽ پوندڙ اثرن جو تجرباتي ۽ سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪيو ويو آھي. ھي ڪتاب ھر پڙھيل لکيل ۽ سڄاڻ ذھن کي مطالعو ڪرڻ گهرجي، ڇو تہ مستقبل جو رستو ماضيءَ جي حقيقتن مان ئي تخليق ڪري سگھجي ٿو.
ھي ڪتاب 1992ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ