ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو شمار پاڪستان جي نالي وارن مورخن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر مبارڪ علي هندستان راجستان صوبي جي شهر ٽونڪ ۾ 21 اپريل 1941ع ۾ پيدا ٿيو. 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. مبارڪ علي جو والد ۽ پنهنجي اهل و عيال سميت هجرت ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. 1956ع ۾ اديب جو امتحان پاس ڪيائين، جيڪو ان دور ۾ وڌيڪ انگريزي جو پيپر پاس ڪرڻ سان ميٽرڪ جي برابر هوندو هو. 1957ع ۾ سٽي ڪاليج، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو ۽ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ 1963ع سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ”تاريخ“ مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان زماني ۾ تمام گهٽ شاگرد تاريخ جي مضمون ۾ داخلا وٺندا هئا. ايم اي هسٽري ۾ پهرين پوزيشن کڻڻ تي کيس ساڳي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. 1972ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ هو لنڊن هليو ويو. ان کان پوءِ جرمنيءَ جي يونيورسٽي روهر يونيورسٽي بوچم مان تاريخ جي شعبي ۾ 1975ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس موضوع هو ”مغل دور جو هندوستان“ وطن واپسيءَ تي کيس يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو جي شعبه تاريخ جو سربراھ مقرر ڪيو ويو.
ليڪچر دوران سندس ڪلاس شاگردن سان ڀريل هوندو هو. ٻين مضمونن جا شاگرد به سندس ڪلاس ۾ شامل ٿي ويندا هئا. يونيورسٽيءَ جي ڪينٽن ۾ به شاگردن کي سکيا ڏيندو هو. اڳتي هلي يونيورسٽي جي انتظاميا سان سندس اختلاف ٿي پيا ۽ هن خلاف مختلف الزام هنيا ويا. هو يونيورسٽيءَ جي پروفيسري ڇڏي، سنڌ کي الوداع چئي لاهور منتقل ٿيو جتي گوئٽي انسٽيٽيوٽ، لاهور ۾ سربراھ جي حيثيت ۾ 1995ع تائين ڪم ڪيائين. اڄڪلهه تاريخ رسالي جو ايڊيٽر آهي. هن رسالي جا 50 کن شمارا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر صاحب جا ستر کن ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر مبارڪ علي کي پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آهن، جن ۾ ”فيض ايوارڊ 1988، پير حسام الدين راشدي گولڊ ميڊل 1993ع، ڪميونل ايوارڊ (2002) ۽ ڪمال اعتراف (2012) اهم آهن. ڊاڪٽر مبارڪ علي جو شمار پاڪستان بلڪه برصغير جي انهن مؤرخن ۾ ٿئي ٿو، جن نه صرف پاڪستان پر برصغير جي زوال جي سببن کي پنهنجي تحريرن اندر اجاگر ڪيو آهي. سندس لکڻيون پڙهي خبر پوي ٿي ته ماضيءَ جي حڪمرانن ڪيئن پنهنجي حڪومتن کي طول ڏيڻ لاءِ تاريخ جي حقيقتن کي تبديل ڪري ڇڏيو پوءِ انهن حڪمرانن جو تعلق دور قديم سان هجي يا جديد سان حڪمرانن جي نفسيات ساڳي رهي آهي. سنڌ جي تاريخ کي به ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ لاءِ هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي تاريخ ۾ ٽي نقطا اسان جي سامهون اچن ٿا. هڪ اسلامي، ٻيو سنڌي قوم پرستي جو ۽ ٽيون سيڪولر انهن ٽنهي نظرين جي روشني ۾ تاريخي واقعن جو تجزيو ڪيو وڃي ٿو ته انهن جي تشريح هڪٻئي کان مختلف ٿي وڃي ٿي.
Books of Dr MUbarak Ali
- Taareekh ki Daryafat, Dost Publications-wordmate, Islamabad, 2009[10]
- Qadeem Hindustan (Ancient India), 2007[8]
- Ahd-i-Wusta ka Hindustan (India of the Middle Ages), 2007[8]
- Bartanvi Hindustan (British India), 2007[8]
- Mulhid Ka Overcoat, Fiction House, Lahore, 3rd Ed. 2013
- In the Shadow of History, Nigarshat, Lahore
- History on Trial, Fiction House, Lahore, 1999
- Tareekh Aur Nisabi Kutub, Fiction House, Lahore, 2013
- Shaahi Mahal (Royal Palace), Fiction House, Lahore, 1992
- Taarikh kee Roshnee (Light of History), Fiction House, Lahore, 4th Edition 2012
- Aakhri Ehad Mugliah kaa Hindostaan (India in Last Mughal Rule), Fiction House, Lahore, 7th Edition 2012
- Gumshudah Taareekh (Lost History) Fiction House, Lahore, 2012
- Taareekh aur Daanishver (History and Intlectual), Fiction House, Lahore, 2012
- Taareekh aur Siyaasat (History and Politics), Fiction House, Lahore, 5th Edition 2012
- Taareekh aur Aaj Kee Duniyaa (History and Today's world, Fiction House, Lahore, 2012
- Dar Dar Thokar Khaaey, Autobiography, Fiction House, 18-Muzang, Lahore, 6th Edition 2012[2]
- Taareekh, Thug aur Daacu (History, Thug and Bandit), Fiction House, Lahore, 2013
- Bartaanvi Raaj (British Era), Fiction House, Lahore, 3rd Edition 2012
- Gulaami aur Nasel Parasti (Slavery and Racism), Fiction House, Lahore, 2013
- Taarikh aur Falsfa-e-Taarikh (History and Philosophy of History, Fiction House, Lahore, 4th Edition 2005
- Mughal Darbaaar (Mughal Court), Fiction House, Lahore, 2004[11]
- Achoot Logoun Kaa Adab (Literature of Untouchables) Co-written by Razi Abdi, Fiction House, Lahore, 1994
- Bar-e Sagheer Mein Mulsmaan Muashrey kaa Almeya, Fiction House, Lahore, 7th Edition 2012
- Niji Zindgi Ki Tarrekh (History of Private Life), Fiction House, Lahore 2012
- Traikh Shinaasi, Fiction House, Lahore 2012
- Tarikh Kay Badaltey Nazriaat, Fiction House, Lahore 2012
- Tarikh aur Mazhabi Tehreekein, Fiction House, Lahore 2013
- Akbar kaa Hindostan, translated by Dr. Mubarak Ali 2012
- Europe kaa Arooj (Rise of Europe), Fiction House, Lahore 2012
- Jadeed Taarikh (Modern History), Fiction House, Lahore
- Taarikh aur Tehqeeq (History and Research), Fiction House, Lahore
- Pather kaa Zamaanah (Stone Age), Fiction House, Lahore
- Kaansi Kaa Zammanah (Bronze Age), Fiction House, Lahore
- Lohey Kaa Zamanah (Iron Age), Fiction House, Lahore
- Tarikh or Aurat, Fiction House
- Pakistani Moashra, Fiction House
- Badalti Hui Tarikh, Fiction House
- Tarikh or Tehqeeq, Fiction House
- Sindh ki Tarikh Kia Hey, Fiction House
- Tarikh Shanasi, Fiction House
- Ulma or Siasat, Fiction House
- Quaid e Azam Kia Thay Kia Nahi Thay, Fiction house
- Sindh Ki Awaz, Fiction House
- Sindh Khamoshi Ki Awaz, Fiction house
- Sindh ki Samaji or Saqafti Tareekh, Fiction house
- Interviews or Tasuraat, Fiction House
- Lutfullah ki aab-biti, Fiction House
- Tarikh— 'Khana or Khaney Key Aadaab' , Fiction House
- Pakistan mein Marshal Law Ki Tareekh, Fiction House Ed.2014
- Tahzeeb ki Kahani, Fiction House
- Hindustaan ki Tareekh, Fiction House
- Tareekh Ki Wapsi, Fiction House Ed.2014
- Nationalism kya Hey??, Fiction House Ed.2014
- Tareekh or Awam, Fiction House Ed.2014[12]
- Tareekh ki gawahi Edition 2015
- Tareekh Fehmi, Edition 2015
(All books are available at Fiction House, Urdu Bazar, Karachi and Lahore, Pakistan)
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي ڊاڪٽر مبارڪ علي جا ڪُل 3 ڪِتاب موجود آھن