ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، ليکڪ، تاريخدان، عالم ۽ اديب ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي جو لکيل ڪتاب ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ اوھان اڳيان پيش آهي.
ھي ڪتاب جملي 19 عنوانن ۾ ورھايل آھي. موضوع جي لحاظ کان ھي ڪتاب ٿر ۾ سوڍن جي صاحبيءََ واري تاريخ سان واسطو رکي ٿو، جنھن ۾ سوڍن جي سنڌ اچڻ، عمر ڪوٽ واري لڙائي، سوڍن جو ٿر ۾ زور وٺڻ، حڪومت جي ورھاڱي، سوڍن جو زور ٽٽڻ، عمر ڪوٽ ۾ اڪبر بادشاھ جو جنم، ڪلھوڙن جي صاحبي، ميرن جي صاحبي، انگريزن جي صاحٻي، سوڍن ۽ انگريزن جي لڙائي ۽ راڻن جي ھاڻوڪي احوال تي ٻڌل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1924ع ۾ حيدرآباد جي اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس ڇپايو، جڏھن تہ گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ