ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ اديب سوز ھالائيءَ جي آتم ڪٿا جو لکيل مجموعو ”ڪويءَ جي ڪٿا“ اوھان اڳيان پيش آهي.
سوز ھالائي جنھن جي نالي ۾ ئي سوز شامل آھي تہ ان جي حياتيءَ جا واقعا ڪھڙا نہ سوز ڀريا ھوندا، پر ھن سوز ۾ ساز بہ شامل آھي. ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ سوز صاحب پنھنجي دل جي دھليز تان ڪٿي ڏک ڀريون تہ ڪٿي وري سُک ڀريون ڳالھيون نھايت من موھڻي انداز سان ڪيون آھن. سوز پنھنجي ھمعصر اديبن تي جي باري ۾ خوب دل سان لکيو آھي. سوز ھالائيءَ ھن ڪٿا ۾ پنھنجي پھرئين پيار ”ڪملا“ جو ذڪر پڻ خوبصورت انداز سان ڪيو آھي.
ھي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو آھي، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون ھالا سان تعلق رکندڙ مانواري حبيب سنائيءَ جا جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي موڪلي آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ