سوز ھالائي

Author Name

الھڏنو عرف ”سوز هالائي“ 5 ڊسمبر 1937ع هالا پراڻا ضلعي حيدرآباد (هاڻوڪي مٽياريءَ) ۾ محمد ڀنڀرو جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم مدرسي محمديه اسلاميه هالا پراڻا مان پرايائون، 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (سنڌيءَ ۾)، 1950ع ۾ سنڌي فائينل گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا پراڻا مان،  اديب سنڌي (1963ع) ۽ اديب عالم (1965ع) اورينٽل ڪاليج هالا مان، مئٽرڪ 1965ع ۾ ڪيائون. جڏھن تہ 1975ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪيائون. پيشي جي لحاظ کان پاڻ شروع ۾ روينيو تپيدار مقرر ٿيو ۽ پوءِ روينيو ڪلارڪ، ان بعد جيلر ۽ آخر ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. 
سوز هالائيءَ 1963ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي.هن شاعري جي سڀني صنفن ۽ ڪهاڻي صنف تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي. پاڻ ريڊيو پاڪستان لاءِ سندس لاتعداد ڪلام رڪارڊ ٿيل ۽ ڪھاڻيون لکيل آهن. 
سنڌ جو ھي ناليوارو شاعر  ”سنڌي ادبي سنگت“، هالا ۽ ”سگا“ هالا جو جنرل سيڪريٽري، ”بزم طالب الموليٰ “ جو ميمبر ۽ ڪيترن ئي ادبي ادارن جو سرگرم رڪن رھيو. رھيو، کيس علمي، ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور مختلف ادبي ادارن کان ڪيترائي انعام ۽ اعزاز مليا. سنڌ جو ھي ناليوارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار 21 فيبروري 2018ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. 

سوز هالائي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن. 

1.رنگ رتا پيچرا (شاعري) 
2.درشن ڌاروڌار (شاعري) 
3.ڪوي جي ڪٿا (آتم ڪھاڻي) 
4.ساز ۽ آواز

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي سوز ھالائي جا ڪُل 2 ڪِتاب موجود آھن


سوز ھالائي جا ڪتاب

رنگ رتا پيچرا، ليکڪ : سوز ھالائي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رنگ رتا پيچرا
ليکڪ : سوز ھالائي
ڪويءَ جي ڪَٿا، ليکڪ : سوز ھالائي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڪويءَ جي ڪَٿا
ليکڪ : سوز ھالائي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ