ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جرمن ٻوليءَ جي شاعرہ مئڊم ارمگارڊ ليوپڪي گريف جي 9 گيتن جو سنڌي ترجمي جو ڪتاب ”پيار جا 9 گيت“ اوھان اڳيان حاضر آھي. ھنن گيتن جو سنڌيڪار تيرٿداس ھوتچند جڏھن تہ ڪوتا ۽ راڳ ۾ آڻيندڙ شمشير الحيدري آھي.
مئڊم ارمگارڊ ھڪ ئي وقت جرمني ٻوليءَ جي شاعرہ، ناول نويس، افسانہ نويس، مضمون نگار، مزاح نگار، نقاد ۽ ريڊيو آرٽسٽ آھي ۽ سندس گيت موسيقيءَ جي محفلن ۾ اڪثر ڳايا ويندا آھن. ھن کي سندس مڙس ڊاڪٽر گرڊ ليوپڪي کي سنڌي شاعريءَ سان گهڻو چاھ ۽ انس آھي.
ھي ڪتاب 1965ع ۾ پرديپ پبليڪيشنس ھيرآباد حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون سائين مختيار ملاح جا جنھن ھن ناياب ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ