نامياري شاعر، اديب، صحافي ۽ حڪيم، شمشيرالحيدريءَ جو پورو نالو شمشير علي ولد امام ڏنو خواجه هو. سندس جنم 15 سيپٽمبر 1931ع تي شهر ڪڍڻ، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شمشيرالحيدري ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ 1948ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان هڙتال ڪرائڻ جي الزام ۾ کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو.
سال 1950ع ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو ۽ مئٽرڪ ڪري نه سگهيو. ڪجھه وقت کانپوءِ وري تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت اين. جي. وي اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ لارينس اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان بي. اي ۽ پوءِ 1963ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ ڪيائين. ايم. اي آخري سال لاءِ هن ‘پوئٽ فار آل ٽائمز ۽ سنڌ جي آزاد شاعري’ جي عنوان سان مونوگراف لکيو. ان کان سواءِ ديني تعليم، حاجي احمد ملاح جي مدرسي، بدين مان حاصل ڪيائين.
شمشير الحيدريءَ عملي طور تي ڪيترن ئي کاتن ۾ ملازمت جا فرض سر انجام ڏنا، پاڻ بدين ۾ 1950ع ڌاري سارين جي مِل تي منشي، 1951ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر، 1952ع ۾ ايگريڪلچر ڪوآپريٽو ڪريڊٽ بئنڪ بدين ۾ مئنيجر، 1954ع ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر، 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪرندڙ ٽه ماهي رسالي ‘مهراڻ’ ۾ ڪلارڪ، پوءِ مهراڻ رسالي ۾ 1956ع کان 1966ع تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر، وفاقي حڪومت جي انفرميشن اينڊ براڊڪاسٽنگ کاتي پاران نڪرندڙ ماهوار رسالي ‘نئين زندگي ’ ۾ 1965ع کان 1977ع تائين ايڊيٽر، 1977ع ۾ پ پ پ جي حڪومت ۾ وفاقي مواصلاتي وزير ممتاز ڀُٽي پاران ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل ۾ ڊپٽي مئنيجر، 1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ 19 گريڊ ۾ چيف آف پبلڪ رليشنز طور پنهنجا فرض نڀايا. پوءِ ترقي ماڻي 20 گريڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن بيورو ۾ پراونشل چيف ٿيو، جنهن عهدي تان بعد ۾ رٽائر ٿيو. 1993ع کان 1995ع تائين ٻه سال سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جي بنياد وجهندڙن مان هو. ناليواري اديب اياز قادريءَ پاران سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان 1956ع ۾ استعيفا ڏيڻ بعد شمشير سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. هيءُ پهريون شخص آهي، جيڪو مسلسل 10 سال ان عهدي تان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي ۽ تنظيم کي منظم ڪيو. هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ لاءِ مختلف ادارن جو قيام ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ريڊيو، ٽيليويزن، تعليمي ادارن ۽ روڊن رستن تي استعمال شامل آهن.
شمشيرالحيدريءَ کي ابتدا ۾ ادب سان ڪوبه لڳاءُ نه هو، پر سندس مامي ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ سندس ذهني تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙيءَ طرح هن کي علمي ۽ ادبي ذوق پيدا ٿيو، جيڪو سندس ويجھي دوست اختر رضويءَ جي صحبت ۾ اڃا به وڌيڪ پختو ٿيو. مهراڻ رسالي ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ محمد ابراهيم جويي ۽ مولانا غلام محمد گراميءَ سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪئي.
شمشير الحيدري هونئن ته عروض جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪري پاڻ مڃرايو، پر آزاد نظم نهايت ئي ڪاميابيءَ سان لکيائين. شمشيرالحيدريءَ کي آزاد نظم جي باني شاعرن ۾ ليکيو وڃي ٿو. هن غزل کي به نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکيو. شمشير الحيدري جو ڪيترو ئي ڪلام مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. بيدل مسرور ۽ شمن ميراليءَ جي آواز ۾ سندس غزل ‘تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو’ ۽ شازيه خشڪ جي آواز ۾ ‘حسينا پوپري’ بيحد مقبول ٿيا. هن ڪيتري مزاحيه شاعري پڻ ڪئي.
شمشيرالحيدري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي پروگرامن ۽ مشاعرن جو ميزبان رهيو. هن ريڊيو لاءِ ڪيترائي ڊراما ۽ گيت پڻ لکيا. هو ريڊيو تي نشر ٿيندڙ مختلف موضوعن تي ليڪچر ڏيندڙ، فيچر رائيٽر، انٽرويو ڪندڙ پڻ رهيو. پي ٽي ويءَ تان جڏهن سنڌي پروگرام جاري ٿيا ته هو پي ٽي وي جو پهريون سنڌي ڪمپيئر ۽ پهريون نيوز ڪاسٽر هو. هن مرزا قليچ بيگ جي پهرين ناول ‘زينت ’ کي ڊراماٽائيز ڪيو. جيڪي عبدالڪريم بلوچ جي ميزبانيءَ ۾ پي ٽي وي تان پيش ٿيو. پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ پهريون گيت به شمشير کان لکرايو ويو. بعد ۾ هن سوَن جي تعداد ۾ ڊاڪيومينٽريون ۽ ڊراما لکيا. سندس لکيل هڪ ڊرامو ‘ڪاڪ محل’ بيحد مقبول ٿيو.
شمشيرالحيدري صحافتي زندگيءَ جو آغاز 1952ع ڌاري بدين کان نڪرندڙ هفتيوار سنڌي اخبار ‘اعلانِ حق’ کان ڪيو. 1983ع ۾ روزاني مهراڻ اخبار حيدرآباد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، جنهن دوران هن جنرل ضياءَالحق خلاف هلندڙ تحريڪ آر ڊي'>ايم آر ڊي کي پڻ هٿي ڏني، جنهن سبب کيس فارغ ڪيو ويو. 1984ع ۾ محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار ‘هدايت’ ۾ ڪم ڪيو، بعد ۾ ماهوار ‘هلچل’ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1989ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو کيس روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. ان کان سواءِ روزاني ‘مومل’ ڪراچي، ساڻيهه ڊائجسٽ، پارس، روزاني خلق، هفتيوار اعلان حق ۽ ٻين ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
شمشير، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ميمبر، روشن تارا اسڪولن جو پهريون ائڊمنسٽريٽر، ۽ سگا پاران نڪرندڙ رسالي ‘حياتي’ جو ايڊيٽر، پاڪستان رائيٽر گلڊ جو باني ميمبر، ورڪرس يونين حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري، اولهه پاڪستان ليبر فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جو ميمبر، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل جو ميمبر، پريس ڪلب ڪراچيءَ جو ميمبر، ايوان صحافت بدين جو تاحيات اعزازي ميمبر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) انسان ڪامل (شخصيتون: 1953ع)، (2) ڪاروان ڪربلا (تاريخ: 1954ع)، (3) پورس جا هاٿي (ڪهاڻيون: 1958ع)، (4) تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب: 1961ع)، (5) لاٽ (شاعري: 1962)، (6) تاريخ سنڌ: ڪلهوڙا دور (ٻه جلد: ترجمو: 1963ع)، (6) سوکڙي (ترتيب: سنڌي شعبي جو مخزن: 1964ع)، (7) آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو: 1963ع)، (8)بهترين سنڌي ادب (افسانا: 1669ع)، (9) سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر (1964ع)،(10) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، (11) ڪاڪ محل (ڊرامو: 1988)، (11) تاريخ جو ڪچرو (1995ع)، (12) سجاڳ سانگهڙ (گزيٽيئر: ترتيب)، (13) Flame & Flute (انور پيرزادي سان گڏ: انگريزي ۾ شاهه لطيف بابت سهيڙيل: 2003ع)، (14) پيار جا نو گيت (جرمن شاعريءَ جو منظوم ترجمو)، (15) Sindh Update (2003)، (16) روشن تارا، (17) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (2012) وغيره قابل ذڪر آهن.
شمشير الحيدريءَ کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي اوارڊ مليا، جن ۾: پي ٽي وي اوارڊ (چار ڀيرا)، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل جا ٻه مڃتا اوارڊ، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران مڃتا شيلڊ، مارئي دهلي مڃتا اوارڊ، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، ڪراچي پريس ڪلب پاران مڃتا اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ طرفان گولڊن جوبلي شيلڊ ۽ لائيف اچيومينٽ اوارڊ، سنڌ اسيمبليءَ طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ شيلڊ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ طرفان مڃتا شيلڊ، ثقافت کاتي سنڌ طرفان مڃتا شيلڊ، سنڌ اطلاعات کاتي طرفان مڃتا اوارڊ، ماهوار نئين زندگيءَ طرفان مڃتا اوارڊ، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان مڃتا شيلڊ، شاهه لطيف اوارڊ (2012)، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان مڃتا اوارڊ، سنڌ مدرسي طرفان مڃتا اوارڊ، ايراني ڪلچرل سينٽر اينڊ اڪيڊميءَ طرفان مڃتا اوارڊ ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ سميت ڪيترائي اوارڊ شامل آهن.
شمشير الحيدريءَ، زندگيءَ جي آخر ۾ بينائي ختم ٿي وئي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ساڻس ادبي ميڙاڪو مچايو ويو.
هن 10 آگسٽ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ڪراچيءَ جي تاريخي قبرستان چوڪنڊيءَ ۾ تاجل بيوس جي قبر جي ڀر ۾ ڪئي وئي. سندس وفات بعد مختلف شخصيتن جي مضمونن ۽ مقالن تي لکيل ڪتاب، سندس فرزند زهير حسين حيدريءَ ‘موليٰ تي ننگ’ (2012) ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ ‘شمشيرالحيدري: فن ۽ شخصيت’ (2013) نالي سان ترتيب ڏنا آهن. ان کان سواءِ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ‘شمشيرالحيدري نمبر’ پڻ 2013ع ۾ شايع ٿيو.
سنڌسلامت ڪتاب گهر تي شمشير الحيدري جا ڪُل 7 ڪِتاب موجود آھن