ڪاڪ محل
ڪاڪ محل شاھ لطيف جي سُر ”مومل راڻو“ تي ٻَڌل، پي ٽي وي ڪراچي جي پروگرام ”لطيفي لات“ ۾ پيش ڪيل ڊراما سيريز جو مجموعو آھي جنھن جو ليکڪ شمشيرالحيدري ھيو. ان پروگرام جو جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو، معان پروڊيوسر سميع بلوچ، موسيقار غلام علي، گلوڪارہ حميرہ چنا جڏھن تہ شاھ لطيف جي بيتن جو تحت الفظ سيد صالح محمد شاھ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو ھيو. ڪتاب جو مھاڳ قمر شھباز لکيو آھي. ڪاڪ محل ھڪ عوامي ڪھاڻي آھي، پر شمشير سگهڙپائيءَ سان ان کي ٽي وي لاءِ ڊرامي جو روپ ڏنو آھي ۽ ڊرامي جا سڀ جُزا نھايت خبرداريءَ سان شامل ڪيا اٿس.