ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سـنڌ ۽ هـنـد جـي صف اول جي جديد شاعر نارايڻ شيام جي غزلن جو مجموعو ”ڏات ۽ حيات“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب ۾ نارايڻ شيام جا 315 غزل شامل آھن.
مهاڳ، نامياري عالم ۽ شاعر هرو مل سدارنگاڻي ’خادم‘ لکيو آهي. هو لکي ٿو تہ:
”شيام اسان جو پيارو ۽ قرب وارو شاعر آهي. ڪتاب ۾ احساسن جي شاعري آهي. شبد چتر (Imagism) ان جي جان آهي. شعر پڙهڻ سان اکين آڏو هڪ تصوير اُڀري اچي ٿي ۽ پنهنجو مفهوم محسوس ڪرائي ٿي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1988ع ۾ اجنتا پبليڪيشن، اجمير پاران ڇپايو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1997ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ