نارايڻ شيام

سنڌي ٻوليءَ جو سدابھار شاعر نارايڻ شيام ۲۲ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ ساھتي پرڳڻي جي ڳوٺ کاھي قاسم ضلعي نوشھري فيروز ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ۽ پوءِ وڌيڪ تعليم بي-اي 1942ع ۾ ڊي-جي سنڌ سائنس ڪاليج، ڪراچي مان حاصل ڪيائين. پھرين 46-1945ع ۾ نوشھري فيروز ۾ پرشن ٽيچر طور مقرر ٿيو ۽ ورھاڱي کان پوءِ دھلي پوسٽ ۽ ٽيليگراف کاتي جي آڊٽ آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 1980ع ۾ ھيڊ ڪلارڪ جي عھدي تان رٽائرڊ ڪيائين. 
نارائڻ شام، سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر ڪشنچند ‘بيوس’ کان متاثر ٿيو. ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ "سنڌي لٽريچر سرڪل" جي بنياد وجهندڙن مان هو. شيخ اياز، هري دلگير ۽ شيخ راز سان گڏجي سنڌي جديد شاعريءَ جي شروعات ڪيائين، جنھن ۾ آزاد نظم ۽ سونيٽ جھڙا نوان ادبي فارم شامل ڪيا ويا. نارائڻ شيام کي سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي اڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويا. سندس ڪتاب ”واريءَ ڀريو پلاند“ تي کيس مرڪزي ساھتيہ اڪيڊميءَ ۱۹۷۰ع ۾ ھند جو نھايت وڏو ادبي انعام ڏنو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ھيٺيان آھن:

1.  ماڪ ڦڙا، (شاعري) ۱۹۵۳ع، (هري دلگير سان گڏ)، 2. پنکڙيون، (شاعري) ۱۹۵۵ع، 3. رنگ رتي لھر، (شاعري) ۱۹۵۶ع، 4. روشن ڇانورو، (شاعري) ۱۹۶۲ع، 5. ماڪ ڀنا رابيل (شاعري) ۱۹۶۴ع، 6. واريءَ ڀريو پلاند، (شاعري) ۱۹۶۸ع، 7. آڇيندي لڄ مران، (شاعري) ۱۹۸۲ع، 8. مھڪي ويل صبح جي، (شاعري) ۱۹۸۳ع، 9. نہ سورنگ، نہ سا سرهاڻ (شاعري) ۱۹۸۷ع، 10. بوند، لھرون ۽ سمنڊ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 11. ڏات ۽ حيات-۱ (شاعري) ۱۹۸۸ع، 12. ڏات ۽ حيات-۲ (شاعري) ۱۹۹۸ع. نارايڻ شيام۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ نہ ڏسي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي ھندستان جي لاجواب شھر دھليءَ ۾ وفات ڪئي.
 

  • جنم: 1922-07-22
  • ورسي: 1989-01-10
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image